پَچارَ بابت
معنيٰ
ڳالهہ، ذڪر. تاتِ، پَچَرَ، يادگيري. بيان. عادت. گلا، نندا.
Talk, speech, discourse, improper or unpleasing talk, irritating language.
بيتن ۽ وائين ۾
- سُورِيءَ تي سَئو وارَ، ڏِھاڙِئو چَنگِ چَڙھين، جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سِڪَڻَ جِي پَچارَ، پِرتِ نَہ پَسِين پارَ، نِينھُن جِئائِين نِڱِئو.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- سِرَ جُدا ڌَڙَ ڌارَ، دوڳَ جَنِي جا ديڳِ ۾، سي مَرُ ڪَنِ پَچارَ، حاضُرُ جَنِي ھَٿَ ۾.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- اُٿِيارِي اُٿِي وِئا، مَنجهان مُون آزارَ، حَبِيبَ ھَڻِي وِئا، پِيڙا جِي پَچارَ، طَبِيبَنِ تَنوارَ، ھَڏِ نَہ وَڻي ھاڻِ مُون.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- جَڏَڙو جِيءُ جِيارِئو، پِرِيَنِ جِي پَچارَ سيڻَنِ جِي سَنڀالَ، اُڃِئو تَنُ عَمِيقَ مان، پِرِيَنِ پُوڄُ پِيارئو. سَنئُون مُنھَن ڪَري سُپِرِين،…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- ڳَلِ ڳانا ياقُوتَ جا، موتِيَنِ ڳُتِيَسِ مَھارَ، چانگا چَندَنُ چارِيَيِئن، اَٺَئِي پَھرَ اَپارَ، سَندِيءَ پِيَ پَچارَ، جَي مُون راتِ رَساڻِيين.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- مَيا تو مَھارَ، سَڄِي پايان سونَ جِي، چارِيَئِين چَندَنَ چوٽِيُون، نائي ميندِيءَ ڏارَ، سَندِيءَ پِيَ پَچارَ، جي مُون راتِ رَساڻِيين.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- اَڄُ نَہ اڳِيئَن ڍارَ، ڪَرَھو جِيئَن ڪالَهہ ھو، اَڱَڻِ آيو نَہ ڪَري پاھوڙي پَچارَ، جيڪُسِ مَنجِهہ قَطارَ، ڪا وَلِ چِنائِين…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، تَنِ پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ، توکي آرَسُ اَکِيُنِ ۾، پاتا پاڙي وارِيين پَڳَھَ ۾ پاتارَ، پَتَڻُ ٿو پُورَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- پَتَڻِ پوءِ پَچارَ، آن ڪي سِڙَه ويندا گَڏِئا، اُڪَنڊَ مُون اَپارَ، شالَ مُنھِنجا موٽِئا.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- جِيارِيَسِ سَنڀارَ، ڪوھُ ڪَرِيندَمِ گَڏِجِي، ويروتارِ وُجُودَ ۾، پِرِيَنِ جِي پَچارَ، سَڄَڻَ ھُونِ نَہ ڌارَ، ھِيئَڙي ۾ حَلُ ٿِئا.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- ڳَورا ٻَئِي پارَ، ھِنيُون حَيرَتَ ۾ پِئو، وِھان تَہ ويرَ مَ ٿِئي، نِينھَن ۾ پوءِ نِھارَ، وَڃان تَہ واڪو پَئي،…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- ساھَڙَ جا سِينگارَ، اُنَ اَڻَ ڏِٺا اَڳي ھُئا، ”ڪُن فَيَڪُونُ“ ڪا نَہ ھُئِي، نَہ ڪا ٻِي پَچارَ، مَحَبتَ ساڻُ ميھارَ،…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- سُهڻِيءَ کي سِينگارَ، اَڻَ ڏِٺا اَڳي ھُئا، ”ڪُن فَيَڪُونُ“ ڪا نَہ ھُئِي، نَہ ڪا ٻِي پَچارَ، مَلَڪَنِئان مَھِندِ ھُئِي، توڏِيءَ…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- ڏَمُ مَ جاڳي لو، مَ پاڙيچِي سارَ، آئُون جَا ويندِي مُلِ ميھارَ، آڻي ڪِيرَ کوڙِئا، سانڀارَ سَنگهارَ، گهَرِ گهَرِ گِلا…[ سُر سھڻي - وايون ]
- کيرِيين ٻيرِيين ٻائرِيين، لَنگهِئائِين لِيارَ، سَسُئِي کي سَيِّدُ چئَي، سَندِي پِرتِ پَچارَ، آرِيءَ جِي اِختِيارِ، ڪيچِ پَهتو قافِلو.[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- ھَٿِيين پيرين مُونَڙِيين، ڪَھِجِ ڀَرِ ڪَپارَ، مَتان ڇورِي ڇَڏِيين، پِريَتَڻِي پَچارَ، توکي سَنَدَ سَسُئِي، سَندِي لَنئُن لَغارَ، جي ھُونِئِي ھوتَ…[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- ساٿِي پانڌِي اي ڪِبَڙِي ڪيچِ پَچارَ، ڪا مُنھِنجَڙِي، اِي ھوتَنِ سان اي دوسَنِ سان ھيڪارَ، ڪِبَڙِي ڪيچَ پَچارَ، اُڀِي پُڇي…[ سُر معذوري - وايون ]
- تَنَ مَنَ مَنجِهہ تَنوارَ، ھو يارَ، سَدا آھي سِڪَ جِي وو، تِيئَن چُڻِڪَن چِتَ ۾، جِيئَن سا گَهنڊِيءَ لارَ، لَڳِي…[ سُر معذوري - وايون ]
- مُون کي لَڳَڙِي آھِ لَغارَ، وو يارَ لُنءَ لُنءَ ۾ لالَڻَ جِي، ميخُون مَحَبتَ سَندِيُون، ھِينئَڙي مَنجِهہ ھَزارَ، جَڙَ جَنِي…[ سُر ديسي - وايون ]
- ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، پَچَڻَ ناھِ پَچارَ، اَندَرِ ٿِي آھُون ڪَري، کاڻِي مَنجِهہ خُمارَ، گِرِيي جِي گُفتارَ، ٻِيءَ ڀَتِ…[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- مِڙِي سُورَنِ وارِيُون، ڪَرِئو سُورَ پَچارَ، مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سَڀَ ڪَنھِن، ڪانِهي سُوران ڌارَ، ڪَرَمِ لِکِئا ڪاپارِ، سي مُوران موٽَنِ…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- نَہ ڪا ڏُکَ پَچارَ، آھَ نَہ سُڄي سُورَ جِي، ڪانِهي تَنِ تَنوارَ، نِينھَن نِماڻِيُون جي ڪِيُون.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- نَہ ڪا تاتِ نَہ تُوتِ ڪا، نَہ ڪا طَلَبَ تَـنوارَ، ڪانِهي پِرتِ پَچارَ، لَنئُن ويچاري لَڏِئو.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- سَھِسين ھُئا سارِنگِئا، مانجِهي مَڱڻَھارَ، تَنِ ڳَڙَھان اوري ٿي ڳايو، سَھِسين ڪَري سِينگارَ، تُنبيري جي تَندُ جِي، پھرِين ھُئِي پَچارَ،…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- گُلُ ڇِنُو گِرنارَ جو، ڌَٻِڪِي وِئا دُئارَ، ٻايُون دايُون ٻانِهيُون، پِٽِئو کَڻَنِ پَارَ، پَئِي رَھِئا پَٽَ ۾، سورٺِ جا سِينگارَ،…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- سورَٺِ مُئِي سُکُ ٿِئو، خِيما ھَنيا کَنگهارَ، ٿِئو راڳُ رُوپُ سو، لَڳي تَندُ تَنوارَ، ڍِٽِ پَٽِ پيئِي پَچارَ، تَہ راجا…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- ھَلو ھَلو ڪاڪِ تَڙِ، جِتي نِينھَن پَچارَ، ڪانِهي ٻِي تَنوارَ، سَڀَڪو پَسي پِرِينءَ کي.[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- مِيان مَينڌَرا تو جيھا ھُئا، مُون سين پُرسَنِ پَنجَ ھَزارَ، ھِڪِيُون کاڻِيُون خَزانَنِ جُون، ٻِئا موتِي مَڻِيارَ، قِصو ڪَھَندا وَڃَنِ…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- اٺاوِيھِينءَ اُنِ کي، سَندِي پَنڌَ پَچارَ، سامِيَنِ سازَ سَنوان ڪِئا، تَندُ وَڄائِينِ تارَ، ڪَنِ مَدائِي ڪانَہ ڪا، موچارا مَڻِيارَ، پاڻُ…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- جوڳِي ٿِينِ نَہ يارَ، ڪَنھِن سين قَرِيبَنِ ري، اَٺَئِي پَھَرَ اُنِ کي، نانِيءَ ڏُونھِن نِھارَ، مُون مُلاقاتَ اُنِ سين، جَنِ…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- سونا ڪُرَ ڪَنَنِ ۾، ڳِچِيءَ ڳاڙھا ھار، ٻانھُوٽا ٻانھُنِ ۾، سِينڌِ سَڻِڀا وارَ، تَڏِھِين پِيَ پَچارَ، ڪانڌَ مُنھِنجِي ڇَڏِي.[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- ڇڏِئو پِرِينءَ پَچارَ، سَڄِيُون راتِيُون سُمهين، تو ڀانيو سَڀَ ڄَمارَ، سَڄَڻُ ھُوندو مان ڳَري.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- سُتي نَہ سَرَندِياءِ، ڪَرِ پَچارَ پِرِيَنِ جِي، وِھامِي ويندِياءِ، گَهڻا ھَڻَندين ھَٿَڙا.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- ”آئُون“ اورِيان جَهلِ تُون، ڇَڏِيَمِ پاڻَ پَچارَ، شِرڪَ ساڻُ سَتارَ، گَهڻا گهارِيَمِ ڏِينھَڙا.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- ھِيءُ نَہ آھي ھُنَ ري، ھُو نَہ ھِنِئان ڌارَ، اَلْاِنْسَانُ سِرِّی وَاَنَا سِرُّهٗ ، پَرُوڙِجِ پَچارَ، ڪَندا وِيا تَنوارَ، عالِمَ…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- آئُون ڪِيئَن ڇَڏِيان سُومَرا، تَنِ پَنوَھارَنِ پَچارَ، جَڙَ جَنِي جِي جانِ ۾، لَڳِي ريءَ لُھارَ، ميخُون مَحَبتَ سَندِيُون، ھِينئَڙي مَنجِهہ…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- هَي هَنڌَ هَي ڀيڻِيُون، هيءَ پَنوَهارَنِ پَچارَ، چُوها چَندَنَ چِڪَ ڪِئو، واسِئو ويڙِهِئائُون وارَ، سانبِيَڙا سَنگَهار، اُٺي وِئا اُڪِرِي.[ سُر مارئي - ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، مارُو مُون مَھِندارُ، أُولَئِڪَ أَصْحَابُ الْجَنَّةِ ، ماڳَ سَندَنِ موچارَ، وَّسَقَاهُـمْ رَبُّهُـمْ شَرَابًا طَهُوْرًا ، ٿا پِيَنِ…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- پَکَنِ پوءِ پَچارَ، اَڄُ تَماچِي آيو، نَنڍِي وَڏِي گَندَرِي، پُويو پائي ھارَ، مَرڪَنِ مَلاحَنِ جا، مَٿي ٻانڌِيَنِ ٻارَ، وَڏِي ڄامَ…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]