جِيءُ بابت
معنيٰ
جيون، جيوتا، روح، ساھُ، حياتي، زندگي، دم. جند، جان، بدن. دِل، مَنُ
Life, living being, spirit, soul, mind, heart, breath, prana, health, disposition, temperament
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪوڙِين ڪايائُون، تُنھِنجِيُون لِکَنِ لَکَ ھَزارَ، جِيءُ سَڀَ ڪَنھِن جِيءَ سين، دَرسَنُ ڌارَوڌارَ، پِريَمِ تُنھِنجا پارَ، ڪِھَڙا چَئِي ڪِيئَن چُئان.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- پُڇُ پَتَنگَنِ کي، سَندِيُون کامَڻَ خَبَرُون، آڻِئو وِجَهنِ آڳِ ۾، جِيءُ پَنھِنجو جٖي، جيري جَنِي جٖي، لَڳا نيزا نِينھَن جا.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- تُون سُکَنِ جُون سَڌُون ڪَرِين، سيڻَنِ سُورُ سُھاءِ، اَنگُهنِ جِيءُ اَڙاءِ، جانۡ نالو ڳِيَڙءِ نِينھَن جو.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- جَنِي سَنديءَ ٻوڏِ ۾، ڀَتوُن ڀَتين جِيءُ، تُون تَنِي سان ٿيءُ، اوڏا اَڏي پکَڙا.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- جَڏَڙو جِيءُ جِيارِئو، پِرِيَنِ جِي پَچارَ سيڻَنِ جِي سَنڀالَ، اُڃِئو تَنُ عَمِيقَ مان، پِرِيَنِ پُوڄُ پِيارئو. سَنئُون مُنھَن ڪَري سُپِرِين،…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- ڀَلو مِيان مُحبَتِي مِٺِڙا مارُو، اَلا پِرِين اَچَنِ جِيءُ جِيارِئو جَنِ، ري سُرِمي سُھڻا، ڪَجَلُ ڪوھُ وِجَهنِ، ميرا ئِي مارِينِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- پَڳَھَ پاسي گهارِ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جي، وِجِهي جِيءُ جَنجارِ، جِمَ وَڃَنَئِي اوھَرِي.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- لاھِيان جٖي نَہ چِتان، اَلا اُنِ مَ وِسِراَن، مَڙِهئو مَنجهاران، جِيءُ مُنھِنجو جَنِ سين.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- سامُونڊِيءَ جي سُورَ، ڪِيمِ جِيءُ جيڏارِئُون، پُونِ ڏِھاڙِي پُورَ وِرھَ جا وجود ۾.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- نَہ ڪا جهولَ جَهليسِ، نَہ تانگهو نَہ تارِ ڪِي، ڏَمُ ڏِھاڙِي ڪيتِرو، پَرِ ۾ ٿو پَليس، تانۡ تانۡ جِيءُ جَليسِ،…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ٻانڌِي جَي ٻيلِي ٿِيين، تَہ حالُ ڳَرَھِيان ھِيءُ، سَگهو ساعَتَ نَہ جِندَڙو، جَرَ ري مُنھِنجو جِيءُ، سانوَڻُ سِيارو ڀانيان، وَھِ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- آئُون جَا ويندَڙياس پارِ پِرِيَنِ جي، مُون کي ڪا مَ جَهلي، آئُون جَا ويندَڙَيَس پارِ پِرِيَنِ جي، نِينھُن اُڇَلي، پَسِئو…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ڪَونئُرَ ڪِلي جا ڪوڏِئا، جانڪِيتان ٿو جِيءُ، مَٿي اَڙِنِ اُسِرِي، رُڪَ پِيالو پِيءُ، ڳاھُ ڳِجُهِن جو ٿِيءُ، ويٺي جَنِ وَرِھَ…[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]
- سُکين ٿِيءُ مَ سَنِرِي، پَسِي ڏُکُ مَ ڏَرُ، پَٽِي ڪَرِ مَ پانھِنجو، گهورِئو اَڏِ مَ گهَرُ، ماري ھَڏِ مَ مَرُ،…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- سَڌائِتِي سَڀَڪا، بُکَ نَہ باسي ڪا، جيھِيءَ تيھِيءَ ذاتِ جِي، جُنبَشِ ڪانِهي جاءِ، مُون سين ھَلي سا، جا جِيءُ مِٺو…[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ڪيچِ نَہ جُنبَڻَ جاءِ، تَہ ڪا ھَلَندِي ھوتَ ڏي، مُون سين ھَلي سا، جا جِيءُ مِٺو نَہ ڪَري.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ھَڏِ نَہ ساھُ سُڌِيرُ، دِلِ دَرماندِي دوسَ ري، پائي وِئا پِرتِ جو، زوراوَرُ زَنجِيرُ، جِيءُ جُسو جاڳِيرُ، ھاڻي مِلڪَ ھوتَ…[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- مَرِي جِيءُ تَہ ماڻِيين، جانِبَ جو جَمالُ، ٿِيين ھُوندَ حَلالُ، جَي پَندِ اِھائِي پارِيين.[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، ويھِي جِيءُ مَ جُوءِ، مُنڌَ مَرَڻان پوءِ، پَهچاندِينءَ پُنُوھَ کي.[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- ٿورَ ويرَمِي ٿِيءُ، وَڃَڻُ ويرَ مَ نَہ سَھي، ڏيئِي مَرِجِ ڏُونگَرين، جَتَنِ ڪارَڻِ جِيءُ، ھَڏِ نَہ ھُوندو ھِيءُ، ساھُ پِريان…[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- جيڪي لَنڊِي ٿِيءُ، نَہ تَہ ٿِيءُ واڻيندَلَ وِچَ ۾، جَتَنِ ڪارَڻِ جِيءُ، ڏيئِي مَرجِ ڏُونگَرين.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، وِئو سِينگارُ سَندوسِ، مُنھُن ڪُوماڻو مُنڌَ جو، روئِي رُوپُ وِئوسِ، کُنھِنبو بُتُ کامِي وِئو، حُسُنُ ڪُلُ ھَپِيوسِ،…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- اَدِيُون آئُون اَڄاڻِ، جَنھِن سَڱُ سُڃاڻِي نَہ ڪِئو، ھُوندَ نَہ ڪَڍِيَمِ ھيتِريِ، ڪوھِيارِي جِي ڪاڻِ، رَتِيءَ جي رِھاڻِ، جِيءُ اَڙايُمِ…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- ناڪيلِيُون نَڪَنِ ۾، ھَلِئا ساڻُ ھِمَٿَ، جِيءُ مُنھِنجو جيڏِيُون، وَڃَنِ جهورِيءَ وِجهئو جَتَ، ھُنِ جا واڳُنِ مَٿي ھَٿَ، آئُون پاڳوڙانِ…[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- وَرُ ٻاروچاڻِي ٻوڏُ، گهورِي جِيءُ ٻِيَنِ جِي، آھيمِ جَنھِن جو ڪوڏُ، سو مانَ آرياڻِي اَچي وَرِي.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- مَٿان جِيءُ جَتَنِ، گهورِئو گهوري سَسُئِي، پازِي جِي پُنهونءَ جا، ڪارُون ڪَري کي تَنِ، ڪيچِ مَتان ڪا ڪَنِ، بي شُڪِرِي…[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- جِيءُ مُنھِنجو جَنِ، اَنگُڙِيارو وَڍِئو، پُڄاڻا پِرِيَنِ، سِبان سَڄو نَہ ٿِئي.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ڪو جو آھيسِ ڪوڏُ، ٻاروچاڻي سَڱَ جو، جي ھُو چُونِسِ ٻوڏُ، تَہ جِيءُ سُڻائي جَڳَ ۾.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ھئَي ھئَي جي نَہ ھُئِي، تَہ جيڪَرَ جِيءُ جَلِي وِئو، پَئي ڪَرٽُ ڪاٺَ ۾، ڪَڍي رُڪُ رَئِي، سَندِي دَردَ دَئِي،…[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ڏِيندِيَسِ ماھُ مِرُنِ کي، آئُون ذَرا جِيءُ ڪَري، اي ھوتا، ڏيئِي باھِ ڀَنڀورَ کي، آئُون آيسِ تو ڳَري، آرِياڻِيءَ پُنهونءَ…[ سُر حسيني - وايون ]
- پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، ھَلِي آيو ھِيءُ، مالُ نَہ مَڱي مَڱِڻو، جاجِڪُ مَڱي جِيءُ، وَڍِ وَھِلو ٿِيءُ، ساعَتَ صَبُرُ نَہ سَھان.[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- تو دَرِ آيو راڄِيا، جاجِڪُ وَٺِي جِيءُ، ڪَنا نَارٌ حَامِيَةٌ ، ھاڻِ بَچائِج ھِيءُ، والِي ڏِيارِيين وِيءُ، جِتِ آھِ جَناتُ…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- ٻِيجَلَ کي ٻِيءَ راتِ ۾، سَڏايو سُلطانَ، تَہ اَڳي ڪو نَہ آيو، ڪو ڀيرِ تُنھِنجي ڀانَ، جانِئان جِيءُ جُدا ڪِئو،…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- چارَڻَ چوٿِينءَ راتِ ۾، آءُ نِچُ آھِين جِيءُ، تُنھِنجو قَدَمُ پَدَمَ نَہ پاڙِيان، اَچِي ٿِيءُ جَمِيعُ، دانَ دَلُوچا دِلِ وَڻِيا،…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- جِيءُ مَڱڻَھارَ مَ ھوءِ، جِيئَن تو مَٿي سِرَ سَٽو ڪِئو، جَو مُون مُورُ نَہ سَپَجي، تان جي سو گهُرِيوءِ، تَہ…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- چارَڻَ تُنھِنجي چَنۡگَ جو، عَجَبُ آھِمِ اِيءُ، جِيئَن ھَڻين اُڀو ھَٿَنِ سين، جِيئَرو رَکِئو جِيءُ، راتِ مُنھِنجو رِيحُ، ڪاٽِئو تو…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- جِيئَن ڪَڙو مَنجِهہ ڪَڙي، سو لُھارَ لَپيٽِئو، مُنھِنجو جِيءُ جَڙي، سُپيرِيان سوگهو ڪِئو.[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- لافُون لَکَ ھَڻَنِ، سَھِڄِ پَئِي سيڻَنِ جي، ڏِسان ڪيرِ ڏِيَنِ، جوڙي جِيءُ پِرِيَنِ تان.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- جِيءُ جِيارِئو جَنِ، سَڄَڻَ مانَ اَچَنِ، مُنھِنجو پَرَڏيھِي راڻو ڪا واري، ھِينئَڙا ٿِيءُ مَ ڪانھِلو، سَدا سانگَ پَوَنِ، کاڻِيُون لوٺِيُون…[ سُر راڻو - وايون ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ سَڱَ ميڙيئي ٽوڙِ، جَنِ ڄَڻِئو نَہ ڄاپِئا، جِيءُ تَنِي سين جوڙِ، تَہ تُون پَھچين توڙِ،…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- جِندا ھو مَ جوڳَ ري، پائي جوڳُ مَ جِيءُ، ھارِئا ھُنِ ڪَنَنِ سين، سُڻُ سَنِيھو اِيءُ، وِڃائي وُجُودَ کي، پاڻان…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- لُوٺِيَسِ لانگوٽِيَنِ، ريڳَڙِيارا رَمِئا، مُنھِنجو جِيءُ جَلايو، اَندَرُ آديسيَنِ، ھئَي ھئَي مَنجِهہ ھَٿَنِ، وَڄائي واٽَ ٿِئا.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- دالَئُون دُونھُون دَردَ جو، دِلِ ۾ دُکائِينِ، آڻِئو آڳِ عِشقَ جِي، چَقمَقُ چُهٽائِينِ، جِيءُ پَنھِنجو جوشَ ۾، پَل پَل پَچائِينِ،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- ڪانگَ تُنھِنجِيءَ ڇانگَ، جَڏو جِيءُ جِيارِئو، مَٿان لامَ لَتَ ڏِئو، ٻولِيين سِرِ ٻيلانگَ، اُڏءُ مَٿان ڦانگَ، کَرَ جاوَنِ آوَنِ پِرِين.[ سُر پورب - ڪانگ ]
- سامِي چائِيين سُکُ طَلَبِيين، وارِيين نَہ ويراڳُ، لاڳاپا لَطِيفُ چئَي، ڇَڏي جوڳِي جاڳُ، جِيئَن تُون ڀُڻِين سَنِرو، اِيءُ آديسِي اَڀاڳُ،…[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- ويڙِھيين مَنجِهہ وَڙالَ، آن ڪي گَڏِئا ھوتَ مُنھِنجا، گيڙُو ڪِئائُون ڪَپِڙا، رَتائُون رُومالَ، جَڏو جِيءُ جِيارِئو، تَنِ سامِيَنِ جِيءَ سَنڀالَ،…[ سُر پورب - وايون ]
- جو نَوازي ڏَڏَ، آسَرَ لاھِ مَ اُنَ جِي، اوڏايان اوڏو گهَڻو، ڪِھَڙا ڪَرِيين سَڏَ، ويھُ داتا جي دَرَ تي، لَنگها…[ سُر رِپ - وايون ]
- قِسمَتَ قَيدُ قَوِي، نَہ تَہ ڪيرَ اَچي ھِنَ ڪوٽَ ۾، لِکِئي آڻي لوحَ کي، ھَنڌُ ڏيکارِئُمِ ھِيءُ، پَرَچي ڪِينَ پَنوَھارَ…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، لُڙَ کان لا شَڪُ ٿِيءُ، اُڏُرُ اَڇي سامُهُون، پاڪُ نِھاري پِيءُ، ٻَگهَنِ سين ٻيلَ ٻَڌيِ، جوکي…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- ھَنجَ مَ ميرو وَتُ، جان ڪو جِيئَين ڏِينھَڙو، جِيءُ مَ جَنجَلَ گهَتِ، سِرُ تان سَرَ ڪيتِرا.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]