Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر ليلا جَي ڏيئي جي ڏھاڳ جو بيت
آھِين سُونھون ساٿَ جو، ھِتي ھُتي تُون،
گُناھَ نَہ بَخشِيين مُون، تُون ڌَڻِيَمِ آھِين داسَڙا.
رسالن ۾ موجودگي: 26 سيڪڙو
سمجهاڻي
جتي ڪٿي هر هنڌ تون ئي منھنجو سرواڻ ۽ ساٿ ڌڻي آهين. (عجب آهي جو) هي (معمولي) گناھ ۽ ڏوھ نٿو بخشين، اي داسڙا دوست، منھنجو ڌڻي ۽ مالڪ مهربان تون ئي تہ آهين!
[روميءَ وٽ اهو خيال هن طرح ملي ٿو:
جز تو پيش که بر آرد بنده دست،
هم دعا و هم اجابت از تو هست.
(دفتر چهارم، ب- 3499)
معنيٰ: اي مالڪ سائين، هي ٻانهو تو کان سواءِ ڪنھن جي آڏو هٿ کي ڊگهيڙي، تون ئي تہ دعا کي ٻڌڻ ۽ قبول ڪرڻ وارو آهين.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
आहियें सूंहूं साथ जो। हीते हुते तूं।
गुनाह न बख़्शियें मूं। तूं धणियमि आहीं दासड़ा॥
ROMAN SINDHI
Ahein su'hano saath jo, hitey hutey toon,
Gunaa'h na'a bakh'shein moon, toon dha'neym aa'hein daas'sra.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آيَمِ مَنجِهہ ڏُھاڳَ، سَندا جوڀَنَ…
- (بيت) اَسان تُونھِين تُون، توھُ تُنھِنجو…
- (بيت) تاسِريءَ تيلُ پِئو، ڪوسو چَڙِهئو…
- (بيت) تو ڪوٺي تو ڊوھي، تو…
- (بيت) تو ڪوٺي تو ڊوھي، ڏِنو…
- (بيت) جي مُون کي وَرَ وِھارِيين،…
- (بيت) جيڪي چَئِين ٿِي ھيرَ، تَنھِنجِي…
- (بيت) جيڪَرَ ڀانيان اِيئَن، تَہ دِلِ…
- (بيت) سائِين سَمُجِهَيسِ ڪِينَڪِي، ڳَڻي گَتِ…
- (بيت) سي ڪاپائِتِيُون ڪِيئَن، ھارُ جَنِي…
- (بيت) لَکين لِيلائُون، چَنيسَرَ جي راڄَ…
- (بيت) لِيلان ڇَڏِ لِهورُ، وَڃُ پَنھِنجي…
- (بيت) لِيلان ڇَڏِ لِھورُ، وَڃُ پَنھِنجي…
- (بيت) مُون جِيئَن مُٺِي وَلَهي، ڪَڏِھِين…
- (بيت) وارِيءَ جِيئَن ويئِي، لَڄَ مُنھِنجِي…
- (بيت) ويٺي وِھسِيَسِ وِچَ ۾، سَرَھِي…
- (بيت) پاڻُ سُڃاڻي ڪانڌُ، پاڻيهِي پيھِي…
- (بيت) ڀينَرُ ڀيرِئو داسَڙو، چَنيسَرُ چئَي،…
- (بيت) ڏيئِي جَي ڏُھاڳُ، مُون کي…
- (بيت) کِلِي ھارُ ھَٿِ ڪِئوءِ، ٿِيئَن…
- (بيت) ڪَونئُروءَ ڪوسو چاڙِھئو، تُون لِيلان…
- (بيت) ڳوڙَھَنِ ڳاٽُ ڀَري، جان آيَسِ…
- (بيت) ھَئِي ڦِٽو ڪَرِ ھارُ، سونَ…
- (بيت) ھُلِي ھارُ وِئو، ھو بَھانو…
- (بيت) ھُيَسِ دادِلِي دوُسَ جِي، ٻئو…
- (بيت) ھِي جي ڏُوڻَ ڏُجاڻِيُون، سي…
- (بيت) ھِيئَن ڪَرِئو ھُونئَن ڪَرِين، ھِيءَ…
