وَڏِي بابت
معنيٰ
اَتم، اعليٰ، اعظم، شاهي، بيحد. عاليشان، خانداني، مشھور.
Great, large, big, principal, senior. An ancestor.
بيتن ۽ وائين ۾
- موکِيءَ مَتارا، وَڏِيءَ ساجُهرِ سارِئا، پِيَڻَ جٖي وارا، اَڄُ نَہ آيا ڳَڃِڙي.[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- سَندا سَنگهارَنِ جي، ڪَنڌِي ڪَنَ ڏِنامِ، آسانگي اَرواحَ جي، اُڀي تَڙَ تَڪِيامِ، وَڏِي ويرَ لَڳِيامِ، گهِڙان گهورِئو جِندَڙو.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻوڙِيائِين ٻاھُون، ويچارِيءَ وَڏِيُون ڪِيُون، وِچِ دَرياھَ دانھُون، موٽُ مُحِبَ پاھُون، تاڪُنِ تَڪِي آھِيان.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- توڏِي تُھائِين جٖي، سي ھِتَھِين ڇَڏِ حِرِصَ، ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، کوٽِيُون ڪَنِ کِرسَ، وَڏِي اِيءَ وِرِسَ، جِيئَن ڏَمَ وَٽِ ڏِينھَن…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- آيَلِ پُنِيُون، ماءَ، مُون مُرادُون پُنِيُون، جِھَڙِي پِريان ڳالِهڙِي، تِھَڙِي ٻِي نَہ ڪا، ڪِجي تَہ ڪوڏُ ٿِئي، سُڄي تَہ سِيباءِ،…[ سُر سھڻي - وايون ]
- موٽِي مانڊاڻَنِ جي، ڀَري ڪِئائِين ڀَرَ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ڪِوڏاَن کَڻي ڪَرَ، مينھِيُون پاڻَمُرادِيُون، ٿَڌا چَرَنِ ٿَرَ، وَڏِيءَ ويلَ آيُون،…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- حُڪُمُ ٿِئو حَڪِيمَ جو، ٿا سارَنگَ ساٺَ ڪِجَنِ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ٽاٽا مِينھَن ٽِمَنِ، جَنِ مَھِنگو ميڙِئو، سي ٿا ھَٿَ…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- اُٺَ ويرِي اوٺارَ ويرِي، ٽِئا ويرِي ڏيرَ چوٿُون ويرِي واءُ ٿِئو، جَنھِن لَٽِئا پُنُوھَ پيرَ، پَنجُون ويرِي سِڄُ ٿِئو، جَنھِن…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- وَڏِي جاڙَ ڪِياءِ، جِيئَن سُتِيئَن پيرَ ڊِگها ڪَري، دَرَ ڀَرِ اُڀِيئَن دوسِتَ جي، سُڻ ڀُڻ توءِ سُياءِ، اَصلِ آرِيءَ ڄامَ…[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- ڏِجِ وَراڪو ويڙِه ۾، سَسُئِي وَڏِي سَتِ، جَنِي مُوڙِھِي مَتِ، اُٺَ نَہ ٻيلِي اُنِ جا.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- ليڙَنِ لَنگِهي لَسَ، مانباڻِئان مَٿي ٿِئا، وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، پُنهون ڄامُ پَھَسَ، ھُئا وَڏِي وَسَ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- وَڏِي وَسَ ھُئا، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾، وَڃِي ڏُورِ پِئا، سانگَنِ لَڳِي سُپِرِين.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- ڪَنِي ڪَنِي ماڻُهِين، گُوندَرُ وَڏِي وَٿُ، ٻَڌِي گوڏِ گَرَٿُ، ساٽو ڪِجي سُورَ جو.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- وَڏِيءَ سَٽِ سُورَنِ جي، ڏاڍو ڏورِيائِين، تَتِيءَ تايائِين، جهولو مُنڌَ جُهڙُ ٿِئو.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- چارَڻَ چَنۡگُ ڪُلِهي ڪَري، پيرَ پُرِي پاتا، صَدا جِي سَيِّدُ چئَي، وائِي ڪِئائِين واتا، تَنھِن تي راءُ راضِي ٿِئو، دِلِ…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- ويٺِي تارا تورِيان، نِھارِيان نَکَٽَ، وَڏِيءَ ڪَنھِن اُگهَٽَ، پِرِين وَرائي جهَلِئا.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- جِيئَن اِينديئِي موٽِيين مَينڌَرا، وَڏِي جاڙَ ڪِئاءِ، وِڙُ نَہ ھُئَين وَلَها، ھُوندَ جَٽي مُون جاڳاءِ، سُتي جِي ساڃاءِ، سوڍا سِگهِيائِي…[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- واڄَٽَ ويراڳِيَنِ جا، مُون وَٽِ وَڏِي وَٿُ، سونُ سَڀوئِي سِڱيُون، پَسِي ڪِينَ مَ ڪَٿُ، ويساھي ويلَ ڪَھِين، پُورَڀِ ويندو پَٿُ،…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- سَتين ڏِينھِن سَيِّدُ چئَي، ڌاڳا ڌوئائُون، اُڀِي الَکَ سامُھِيُون، ٻانھُون ٻَڌائُون، رُوحُ پَنھِنجو رامَ سين، پَرِ ۾ پُوتائُون، وَڏِيءَ ڪَنھِن…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ پَرِ گُرُوءَ جِي پارِ، ھَوائُون ھِنگلاجَ ڏي، وِيندي سَڀَ وِسارِ، نانگا ناٿُ نِھارِ، سامِي وَڏِيءَ…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- صادَئُون صَبُرُ سِکِئا، ڌُرِيانئي ڌُڻِي، اُبَٺِئا اِنَ ڳالِهہ تي، چِيرَنِ مَنجِهہ چُڻِي، اِنَّمَا یُوَفَّى الصّٰبِرُوْنَ اَجْرَهُمْ ، سَرَھا ٿِئا سُڻِي،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- نَنڍِيان نَفَعو ناھِ ڪو، وَڏِي وِساري، مَجوسِي ماري، اَصغَرَ ڏي اَچيجِ تُون.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- آھِيُون اَجهي جَنھِن جي، تَنھِن وَڏِي ڄامَ ڄَمارَ، ٻاجَهہ جَنھِن جِي ٻارَ، اَٺَئِي پَھَرَ اگُوندَرا.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- جَي تُون آسائو آھِين، تَہ چانئُٺِ ٻِي مَ چوڙ، ڪِيرا ڪُميتَنِ جا، کَٽِي آڻي کوڙِ، اِنَ دَرِ عِراقِي گَهڻا، تُون…[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- ڪانڌَ ٻِئَنُون ڪيتِرا، مُون وَرُ وَڏِي کانڌِ، پاڻان ڍَڪي پاندِ، عَيبَ مُنھِنجا ڍَڪِئا.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- ڪانڌَ ٻِئَنُون ڪيتِرا، مُون وَرُ وَڏِي وَٿُ، پاڻان ڏيئِي ھَٿُ، عَيبَ مُنھِنجا ڍَڪِئا.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- ڪانڌَ ٻِئَنُون ڪيتِرا، مُون وَرُ وَڏِي جُوءِ، لوڪَ نَہ آڇي اُوءِ، ڏِٺا ڏوھَ اَکِيُنِ سين.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- ڪانڌَ ٻِئَنُون ڪيتِرا، مُون وَرُ وَڏِي ذاتِ، عَيبَ نَہ آڇي واتِ، جَي ڏِسي ڏوھَ اَکِيُنِ سين.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- صاحِبَ تُنھِنجِي صاحِبِي، عَجَبَ جِھَڙِي آھِ، وَڏِي سَگَهہ سَندِياءِ، پاڻَ وَھِيڻو آهِيين.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- ڪاڏي سي تُنبِيرَ، جَنِ رِيجهايو راڄِئو، وِئا وَڏِيءَ ويرَ، ڪُلَهنِ مَٿي ڪِينِرا.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- گُنگي جي ٻُجَهنِ، اَدَبُ ڪِجي اُنِ جو، نَنڍِي وَڏِي ڳالِهڙِي، سَڄَڻَ ٿا سَمجَهنِ، تُون ڪِيئَن اَڳِئان تَنِ، وَڃِئو وِلَلِين واتَ…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- سي تو وَھيءَ وِڃايام جٖي ڪَتَڻَ سَندا ڏِينھَن، اَرٽَ اوڏِيائي نَہ ٿِيين، ڀورِي ڀورو سِيئَن، تَندُ پَسَندِينءَ ڪِيئَن، ھاڻي تُون…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- توڻي تُون وَڏِي ٿِي، تَہ اُٿِي آتَڻِ آءُ، ٿِيءُ ڀيڙِي ڀيرَمَ وارِيين، ٻِي ھَڏِ ڪَرِ مَ ڪاءِ، تَہ صَرافُ تو…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- ھُتي تان نَہ ھُئا، ھِتِ وِيَٽُون ڪَنِ وَڏِيُون، ٻُڏِي تان نَہ مُئا، ڍَڪَڻَ ۾ ڍُڪُ ڀَري.[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]
- وَڏِي تان اِنَ واٽَ ۾، ٻيلَپَ ٻِيائِي، آھي اُونداھِيءَ جو، شِرڪُ سَھائِي، چِٽِي چِٽائِي، اَلِفَ جي عَينَڪَ ۾.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- اللهَ سائِين، سائِين ! پُئان پِرِيَنِئُون مَ پاھِين، وَڏِي آسَرَ آھِين اَسانھِين، جِتي ديرو دوسِتَ جو، سا ڪِيئَن ڀُون اَڳاھِين،…[ سُر آسا - وايون ]
- مَوتَ مُندَ نَہ آھي، تائِبَ ٿِئو تَڪِڙا، وڌائِين وَڍَڻَ لَيءِ، ڳَنُ ڪُھاڙِيءَ پاھي، اَجَلُ اَسارَنِ کي، ڪامَ وَٺِئو ٿو ڪاھي،…[ سُر آسا - وايون ]
- اُڀِي اوسَڙان اُسَ ۾، جَهلِئو ڪُنَ ڪِنارَ، گهاتُو گهَرِ نَہ آيا، وَڏِي لَڳِيَنِ وارَ، ھُيَسِ جَنِي ھارَ، سي موڙي چُرِئا…[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- بِيرَ کَنيائُون بَرَ ۾، پِيارِين پَھُون، سِنجَنِ ساٺِيڪَنِ تي، وَڏِيءَ ويرَ وَهُون، پايو جَرُ جَندَنِ ۾، ڪوڏان ڪَنِ ڪَھُون، ڏِينھان…[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- هَي ڀُنگا هَي ڀيڻِيُون، هَي چُلها، هَي چِٽَ، ڪي ڏينھَن هِتي جيڏِيين، ٿي سَنِها ڪِتا سُٽَ، سي هَنڌَ پَسِي سُومَرا،…[ سُر مارئي - ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا ]
- هَي ڀُنگا، هَي ڀيڻِيُون، هَي گامويَنِ گَسَ، مارُوئَڙا مَلِيرَ ۾، وَڏِي هُئا وَسَ، سي هَنڌَ پَسِئو سُومَرا، لُڙِڪَ وَهَيان لَسَ،…[ سُر مارئي - ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا ]
- پَکَنِ پوءِ پَچارَ، اَڄُ تَماچِي آيو، نَنڍِي وَڏِي گَندَرِي، پُويو پائي ھارَ، مَرڪَنِ مَلاحَنِ جا، مَٿي ٻانڌِيَنِ ٻارَ، وَڏِي ڄامَ…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- سَمي سامائي، مانُ لَڌو ميئِيين، نَنڍِيءَ وَڏِيءَ گَندَرِيءَ، اُڀي اِنَ پَرِئي چايائين.[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]