وَڏِي جي سنڌي معنيٰ
اَتم، اعليٰ، اعظم، شاهي، بيحد. عاليشان، خانداني، مشھور.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Great, large, big, principal, senior. An ancestor.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
وَڏِي جا بيتن ۾ حوالا
پَکَنِ پوءِ پَچارَ، اَڄُ تَماچِي آيو،
نَنڍِي وَڏِي گَندَرِي، پُويو پائي ھارَ،
مَرڪَنِ مَلاحَنِ جا، مَٿي ٻانڌِيَنِ ٻارَ،
وَڏِي ڄامَ ڄَمارَ، اَڍايُون اَجهي جَنھِين.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 19 ]
نَنڍِي وَڏِي گَندَرِي، پُويو پائي ھارَ،
مَرڪَنِ مَلاحَنِ جا، مَٿي ٻانڌِيَنِ ٻارَ،
وَڏِي ڄامَ ڄَمارَ، اَڍايُون اَجهي جَنھِين.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 19 ]
سَندا سَنگهارَنِ جي، ڪَنڌِي ڪَنَ ڏِنامِ،
آسانگي اَرواحَ جي، اُڀي تَڙَ تَڪِيامِ،
وَڏِي ويرَ لَڳِيامِ، گهِڙان گهورِئو جِندَڙو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 12 ]
آسانگي اَرواحَ جي، اُڀي تَڙَ تَڪِيامِ،
وَڏِي ويرَ لَڳِيامِ، گهِڙان گهورِئو جِندَڙو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 12 ]
توڏِي تُھائِين جٖي، سي ھِتَھِين ڇَڏِ حِرِصَ،
ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، کوٽِيُون ڪَنِ کِرسَ،
وَڏِي اِيءَ وِرِسَ، جِيئَن ڏَمَ وَٽِ ڏِينھَن گُذارِيين.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 10 ]
ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، کوٽِيُون ڪَنِ کِرسَ،
وَڏِي اِيءَ وِرِسَ، جِيئَن ڏَمَ وَٽِ ڏِينھَن گُذارِيين.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 10 ]
وَڏِي جاڙَ ڪِياءِ، جِيئَن سُتِيئَن پيرَ ڊِگها ڪَري،
دَرَ ڀَرِ اُڀِيئَن دوسِتَ جي، سُڻ ڀُڻ توءِ سُياءِ،
اَصلِ آرِيءَ ڄامَ جِي، سَڳِي تُون نَہ سِياءِ،
پُنهونءَ سين پيياءِ، تُون نِڀاڳِي نِنڊُون ڪَريين.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 11 ]
دَرَ ڀَرِ اُڀِيئَن دوسِتَ جي، سُڻ ڀُڻ توءِ سُياءِ،
اَصلِ آرِيءَ ڄامَ جِي، سَڳِي تُون نَہ سِياءِ،
پُنهونءَ سين پيياءِ، تُون نِڀاڳِي نِنڊُون ڪَريين.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 11 ]
ڏِجِ وَراڪو ويڙِه ۾، سَسُئِي وَڏِي سَتِ،
جَنِي مُوڙِھِي مَتِ، اُٺَ نَہ ٻيلِي اُنِ جا.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 14 ]
جَنِي مُوڙِھِي مَتِ، اُٺَ نَہ ٻيلِي اُنِ جا.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 14 ]
ليڙَنِ لَنگِهي لَسَ، مانباڻِئان مَٿي ٿِئا،
وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، پُنهون ڄامُ پَھَسَ،
ھُئا وَڏِي وَسَ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 1 ]
وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، پُنهون ڄامُ پَھَسَ،
ھُئا وَڏِي وَسَ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 1 ]
وَڏِي وَسَ ھُئا، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾،
وَڃِي ڏُورِ پِئا، سانگَنِ لَڳِي سُپِرِين.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 2 ]
وَڃِي ڏُورِ پِئا، سانگَنِ لَڳِي سُپِرِين.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 2 ]
ڪَنِي ڪَنِي ماڻُهِين، گُوندَرُ وَڏِي وَٿُ،
ٻَڌِي گوڏِ گَرَٿُ، ساٽو ڪِجي سُورَ جو.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 9 ]
ٻَڌِي گوڏِ گَرَٿُ، ساٽو ڪِجي سُورَ جو.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 9 ]
جِيئَن اِينديئِي موٽِيين مَينڌَرا، وَڏِي جاڙَ ڪِئاءِ،
وِڙُ نَہ ھُئَين وَلَها، ھُوندَ جَٽي مُون جاڳاءِ،
سُتي جِي ساڃاءِ، سوڍا سِگهِيائِي ٿِيَئِي.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 7 ]
وِڙُ نَہ ھُئَين وَلَها، ھُوندَ جَٽي مُون جاڳاءِ،
سُتي جِي ساڃاءِ، سوڍا سِگهِيائِي ٿِيَئِي.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 7 ]
واڄَٽَ ويراڳِيَنِ جا، مُون وَٽِ وَڏِي وَٿُ،
سونُ سَڀوئِي سِڱيُون، پَسِي ڪِينَ مَ ڪَٿُ،
ويساھي ويلَ ڪَھِين، پُورَڀِ ويندو پَٿُ،
ھَلُ کَنيائُون ھَٿُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 8 ]