مُٺِي بابت
معنيٰ
مُٺَلَ. گوندري، گُوندر ڀريل، غم ۾ ٻُڏل، غمگين، ڏُکاري، ڏکويل. اڙيي، ڦاٿي، جهلي. گرفتار ٿيل، ورتل.
Bad, weak, diluted, lessened in force etc. base as coin, coin with some inferior metal mixed in it, alloyed. In small demand, dull
بيتن ۽ وائين ۾
- اَکَرَ پَڙِهي اَڀاڳِئا، قاضِي ٿِئَين ڪِيئَن، ڀيرِيين ۽ ڀانِئيين، مُلان مُٺِيَئِي ماءُ، اِنَ سُرِڪِيءَ ساءُ، پُڇِجِ عَزازِيلَ کي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- ڪِھَڙي مَنجِهہ حِسابَ، ھُوئَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ري، گولِي ڀَڄُ گُناھَ کان، ڪونِهي سُودُ ثَوابَ، نَڪِي تَقاوَتَ ۾، نَڪِي مَنجِهہ رَبابَ،…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ڪِجي پَنڌُ پُڇان تو، ڪيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪِيئَن، بيخُودِ ھَلِجِ بَرَ ۾، آئُون ٿو چَوان اِيئَن، سِڪَڻُ ساڄَنَ سِينءَ مَتان مُٺِي…[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- مَتان مُٺِي ڇَڏِيين پِريَتڻُون پاڻان، ڄاپَنِ جِيئَن جاڙا، تُون پُڻ ھوئِجِ تَنِ جِيئَن.[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- مَتان مُٺِي ڇَڏِيين، پاڙان پِريَتڻُون، کَٿُورِيءَ ڪَڻو، مَڙهي مَرِجِ مُنھَن ۾.[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- ڪِھَڙي ويلي جو لَنگهِي آئُون، ڇو ڄاڻان وي لوڪَ مُٺِي آھِيان، گهاءُ مِٺاندا ڇُٽَندا نَھِين، ظاھِرَ ڪِيتا تَنِ اَکِيان.[ سُر آبڙي - وايون ]
- ھَورِنِ ھاڙِھو لَنگِهئو، مُٺِي مُوسَٽُ ڇَڏِ، ”لا“ سين اُٿِي لَڏِ ”ڪِينَ“ رَساڻي ڪيچَ کي.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- فردا مُنڌَ ڦِٽِي ڪِي، نَقدُ کَنيو نارِ، ھِيءَ جا واڳَ وِلِهِيءَ جِي، ويرَ ڏي مَ وارِ، جيڪِي مُٺِيءَ مارِ، جيڪِي…[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- مُٺِي ٿِي مُدَعا گهُري، مَوتُ ٿِئو مَوجُودُ، اَچين تَہ اَڄُ ڪَرِيان، صُباحَ جو سُجُودُ، جيڪي ني وُجُودُ، جيڪي ميڙِ مُٺِيءَ…[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- جيڪي ميڙِ مُٺِيءَ کي، نَہ تَہ مُٺِي مارِ، ڏُکِيءَ کي ڏيکارِ، ھيڪَرَ ھوتُ اَکِيُنِ سين.[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- ڏُکِيءَ ڏِھاڻِيءَ، مَٿي مُٺِيءَ ھَٿَڙا، تَنھِن پَرِ نَہ کاڻِي، جَنھِن پَرِ جِيئي جيڏِيُون.[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، ھِيءُ پُڻ ڏِينھُن وِئو، نِھوڙي ناڀُنِ سين، مُون کي نِينھَن نِيو، مُٺِيءَ مَوتُ ٿِئو، پِيَ…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، جوڀَنُ وِئَڙُمِ جاڙَ، آڏا آرِيچَنِ کي، چاڙِھيڪا ۽ چاڙَھَ، مُون مُٺِيءَ کان نَہ ٿِيي، وَڏَپَڻَ…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙھي، ڳِجُهنِ ڪِئو ڳارو، مَٿان اُلَھِي مُنڌَ جي، ڏيِنِ لَمِي لامارو، مُٺِيَسِ مُون مارو، ڪَندا بُکِئا پَکِي بَرَ…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- مُٺِيَسِ جَهلِ مَھارَ، ڪُٺِيَسِ ڪاھِ مَ ڪَرَھو، مُون نِماڻِيءَ جي نِجُهري، ڀيرو ڪَرِ ڀَتارَ، ساجَنَ تُھان ڌارَ، ڏِٺُمِ ڏِينھُن قِيامَ…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- ھِڪُ پاھَڻُ، ٻِيُون پَٽِيُون، ٽِئا جَبَلَ اُتِ جاڏا، اَڳِئان اَڻَ سُونھِن کي، تَنگَ پُڇَنِ تاڏا، جي مُٺِيءَ مُنھَن آڏا، سي…[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، مُٺِي آئُون مَعذُورِ، رَڙان رُوئان جيڏِيُون، سَڙان اِنَهِيءَ سُورِ، ڏيھُ جَنِي جو ڏُورِ، سي راتِ نَہ رَھِئا…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- جَي نَہ رَھِئا راتِ، تَہ ڪِھَڙو سُکُ سَرَتِيُون، ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ جي، مُٺِي مُلاقاتِ، مَتان مُٺِي ڇَڏِيين، طَلَبَ پِريان جِي تاتِ،…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- لَيلَ نَہ جاڳِيئَن لِکَ سِينءَ، ڪُلِي نَومُ ڪِئاءِ، قُم ٿِي پَھچُ قَرِيبَ کي، اِجلِس تو نَہ جُڳاءِ، مُٺِي مَھمانَنِ سين،…[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- آتَڻُ اورانگهي وِئا، پارِي ڇَڏي پوءِ، آرِيچا اُٺَنِ تي، ھِيءَ تان جَڏِي جوءِ، ڪِي ھَلِي ڪِي ھَٿَ کَڻِي، ڪِي رِڙھي…[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- سانڍِ پَنھِنجِي ساھِ، نَہ تَہ ٻانھِين ٿِي ٻُرا ڪَرِيان، واڳِيُون جٖي وَرَنِ، تَنِ سَرَتِيُنِ سيڄَ سُھاءِ، تيلاھِين طَعنا ڏيِين، جٖي…[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- کاڻِيءَ مَ کانيو، مُٺِيءَ مَڱَرُ مَ ڏِيو، ھيڪَرَ جهايو، ڏيئِي ٻُرَ لُھارَ جِيئَن.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- کاڻِيُون لوٺِيُون اَکِيُون، ڪُٺِيُون ڪِينَ ڪُڇَنِ، مُٺِيُون ماٺِ نَہ ڪَنِ، ھَيُون رَھَنِ نَہ ھوتَ ري.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- ڪو جو وَٺُسِ مِينھُن، آرِيءَ جي اُڪِيرَ جو، راتِيان رَوئَي رَتَ ڦُڙا سُکِ نَہ سارو ڏِينھُن، ٻاروچاڻُو نِينھُن، مُٺِيءَ ماٺو…[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- قَدُ ٻَڌِي تُون ڪِينَ، پَھچَندِينءَ پُنهونءَ سين، جٖي سِينو ساھِين سَسُئِي، ٿِينِ تَھِوارون تِينَ، مُٺِي ٿِيءُ مِسڪِينَ، حُجَتَ ھوتُ وِڃايو.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- سُتِيَسِ تان ساٿُ وِئو، اُٿِيَسِ تان اُٺَ ناھِ، وِھاڻِيءَ ٿِي ووڙِيان، ڪيچِي وِئَڙا ڪانهَنُ، جي مُٺِيءَ جا مَنَ ماھَ، سي…[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- جَي ھُوندَ ڏِٺائُون وو جيڏِيُون، حالُ مُنھِنجو ھِھَڙو جِھَڙو، سو جي سومِ ڪَنَنِ سين، پَھُ جو ڪِئائُون، ٻانھُون ٻيلَ نَہ…[ سُر حسيني - وايون ]
- پُنهون پِريشانُ، ھئَي ھئَي حالُ مُنھِنجو، مُون کي بُکَ بوتَنِ جِي، نَڪِي ڀايان نانُ، شَھَرُ صَحرا ڀانيان، مُون ليکي مَيدانُ،…[ سُر حسيني - وايون ]
- مُنھِنجي حُجَتَ ناھي واٽَ، جِيجَن تَنِ جَتَنِ سين، تازو پيرُ پُنهونءَ جو، لُڙئو مَنجِهہ لُڙاٽ، مارِئو ڪِيمَ مُٺِيءَ کي، ڪيچِي…[ سُر حسيني - وايون ]
- وَسان تي ويياسِ، آيَلِ آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، آھي آرِيءَ آسِري، نَڪو پيءُ نَہ ماسِ، پُرِزا پَٻَ وَرَنِ ۾،…[ سُر حسيني - وايون ]
- جانۡ تُون وَڃين ڪيچِ ڪَھِي اي اَدا، ڏِجِ پارانڀو پِرِينءَ کي، مُون مُٺِيءَ مَٿان ڪيتِرا، وِئَڙا ڪانگَ لَنِئي، آئُون ڦوڙائِي…[ سُر حسيني - وايون ]
- ڪَٽي سِرُ ڪَٽارَ سين، ٺَهرايائين ۾ ٺارَ، سورٺِ چَئي سَرَتِيين، مُٺِيَسِ مَڱڻَھارَ، ڪِئو قَھَرُ قَھارَ، جَنھِن راڻِيُون سَڀَ رُئاڙِيُون.[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- جِيءُ جِيارِئو جَنِ، سَڄَڻَ مانَ اَچَنِ، مُنھِنجو پَرَڏيھِي راڻو ڪا واري، ھِينئَڙا ٿِيءُ مَ ڪانھِلو، سَدا سانگَ پَوَنِ، کاڻِيُون لوٺِيُون…[ سُر راڻو - وايون ]
- راوَلُ رَھي نَہ راتِ، جيڏِيُون مُنھِنجو راوَلُ رَھي نَہ راتِ، ڪوھُ ڪَرِيندِيَسِ ڪانڌَ ري، وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ، مِٽَ نَہ مَعذُورِيَنِ جا،…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- پانڌِي ڪا پِرِيَنِ جِي، ڪَرِ تُون ڳالَهڙِي، حِڪايَتَ ھوتَنِ جِي، اَدا توڪا آندِي، ڏيئِي باھِہ ڀَنڀور کي، جَتَنِ ڏي آئُون…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- مُون جِيئَن مُٺِي وَلَهي، ڪَڏِھِين ڪانَہ ھُئِي، سا آئُون ڪَڙِي ڪانڌَ ٿِي، ھَٿَ ڇُھَڻَ ھارَ جي.[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- ھَئِي ڦِٽو ڪَرِ ھارُ، سونَ ڦُلَنِ سين ڪَنجِرو، کوءِ اُھَندَڙُ پَٽَ جو، جَنھِن مان وِڏُوڻُو واپارُ، ڪِيَڙُئِي جو ڪارُون ڪَري،…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- تو ڪوٺي تو ڊوھي، تو ڌِڪي ڪِيَسِ ڌارَ، پَئِي رَھِئا پَٽَ ۾، سوڀِيءَ جا سِينگارَ، مَڻِيي مُٺِيَسِ جيڏِيُون، ھائِيءَ وِڌِيَسِ…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- سي ڪاپائِتِيُون ڪِيئَن، ھارُ جَنِي جي ھَٿِ، ڏِنِيَئِي نَہ ڏُوڻَ ڏُجاڻِيين، پِشيمانِيءَ جِي پَتِ، مُٺِي مُوڙِھِيَئِي مَتِ، جِيئَن دوسِتُ وِڃايُئِي…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- گُوندَرَ وِڌو وَرُ، مُون کي مُون پِرِيَنِ جي، اَچِي دوسِتَ ڌَرِ، مَٿي مُٺِيءَ ھَٿَڙا.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- هِنيُون هيڪُ هو، سو پُرزا ٿِي پِئو، ڪِي کيريين ڪِي ٻيرِيين، ڪِي وَلَهارَنِ وئِو، مُٺِيءَ مَوتُ ٿِئو، تُون ٿو ساهِه…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- ڪِيئَن مَيارُون موڪِليين، مارُنِ ڏانھَن مُٺِي، ڪَتِيُئِي نَہ ڪوڏِ پَئِي، پائُرَ مَنجِهہ پُٺِي، تو تان وِڄُ اُٺِي، جَنھِن کائُرُ سَڀَ…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]