مُٺِي جي سنڌي معنيٰ
مُٺَلَ. گوندري، گُوندر ڀريل، غم ۾ ٻُڏل، غمگين، ڏُکاري، ڏکويل. اڙيي، ڦاٿي، جهلي. گرفتار ٿيل، ورتل.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Bad, weak, diluted, lessened in force etc. base as coin, coin with some inferior metal mixed in it, alloyed. In small demand, dull
مُٺِي جا بيتن ۾ حوالا
جَي نَہ رَھِئا راتِ، تَہ ڪِھَڙو سُکُ سَرَتِيُون،
ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ جي، مُٺِي مُلاقاتِ،
مَتان مُٺِي ڇَڏِيين، طَلَبَ پِريان جِي تاتِ،
آئُون تان جوٺِي ذاتِ، تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِين.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 18 ]
ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ جي، مُٺِي مُلاقاتِ،
مَتان مُٺِي ڇَڏِيين، طَلَبَ پِريان جِي تاتِ،
آئُون تان جوٺِي ذاتِ، تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِين.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 18 ]
ڪِجي پَنڌُ پُڇان تو، ڪيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪِيئَن،
بيخُودِ ھَلِجِ بَرَ ۾، آئُون ٿو چَوان اِيئَن،
سِڪَڻُ ساڄَنَ سِينءَ مَتان مُٺِي ڇَڏيِين.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 20 ]
بيخُودِ ھَلِجِ بَرَ ۾، آئُون ٿو چَوان اِيئَن،
سِڪَڻُ ساڄَنَ سِينءَ مَتان مُٺِي ڇَڏيِين.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 20 ]
مَتان مُٺِي ڇَڏِيين پِريَتڻُون پاڻان،
ڄاپَنِ جِيئَن جاڙا، تُون پُڻ ھوئِجِ تَنِ جِيئَن.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 21 ]
ڄاپَنِ جِيئَن جاڙا، تُون پُڻ ھوئِجِ تَنِ جِيئَن.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 21 ]
مَتان مُٺِي ڇَڏِيين، پاڙان پِريَتڻُون،
کَٿُورِيءَ ڪَڻو، مَڙهي مَرِجِ مُنھَن ۾.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 22 ]
کَٿُورِيءَ ڪَڻو، مَڙهي مَرِجِ مُنھَن ۾.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 22 ]
ڪِھَڙي ويلي جو لَنگهِي آئُون،
ڇو ڄاڻان وي لوڪَ مُٺِي آھِيان،
گهاءُ مِٺاندا ڇُٽَندا نَھِين، ظاھِرَ ڪِيتا تَنِ اَکِيان.
[ سُر آبڙي، وايون، 8 ]
ڇو ڄاڻان وي لوڪَ مُٺِي آھِيان،
گهاءُ مِٺاندا ڇُٽَندا نَھِين، ظاھِرَ ڪِيتا تَنِ اَکِيان.
[ سُر آبڙي، وايون، 8 ]
فردا مُنڌَ ڦِٽِي ڪِي، نَقدُ کَنيو نارِ،
ھِيءَ جا واڳَ وِلِهِيءَ جِي، ويرَ ڏي مَ وارِ،
جيڪِي مُٺِيءَ مارِ، جيڪِي ميڙِ مُٺِي کي.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 2 ]
ھِيءَ جا واڳَ وِلِهِيءَ جِي، ويرَ ڏي مَ وارِ،
جيڪِي مُٺِيءَ مارِ، جيڪِي ميڙِ مُٺِي کي.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 2 ]
مُٺِي ٿِي مُدَعا گهُري، مَوتُ ٿِئو مَوجُودُ،
اَچين تَہ اَڄُ ڪَرِيان، صُباحَ جو سُجُودُ،
جيڪي ني وُجُودُ، جيڪي ميڙِ مُٺِيءَ کي.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 3 ]
اَچين تَہ اَڄُ ڪَرِيان، صُباحَ جو سُجُودُ،
جيڪي ني وُجُودُ، جيڪي ميڙِ مُٺِيءَ کي.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 3 ]
جيڪي ميڙِ مُٺِيءَ کي، نَہ تَہ مُٺِي مارِ،
ڏُکِيءَ کي ڏيکارِ، ھيڪَرَ ھوتُ اَکِيُنِ سين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 4 ]
ڏُکِيءَ کي ڏيکارِ، ھيڪَرَ ھوتُ اَکِيُنِ سين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 4 ]
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، مُٺِي آئُون مَعذُورِ،
رَڙان رُوئان جيڏِيُون، سَڙان اِنَهِيءَ سُورِ،
ڏيھُ جَنِي جو ڏُورِ، سي راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 17 ]
رَڙان رُوئان جيڏِيُون، سَڙان اِنَهِيءَ سُورِ،
ڏيھُ جَنِي جو ڏُورِ، سي راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 17 ]
لَيلَ نَہ جاڳِيئَن لِکَ سِينءَ، ڪُلِي نَومُ ڪِئاءِ،
قُم ٿِي پَھچُ قَرِيبَ کي، اِجلِس تو نَہ جُڳاءِ،
مُٺِي مَھمانَنِ سين، روئِي راتِ وِھاءِ،
جيلا نِنڊَ ڪِياءِ، تي روزُ رَھين ٿِي راھَ ۾.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 2 ]