مَتِ بابت
معنيٰ
سمجهہ، فھم، عقل، ھوش، صلاح
Sense, Opinion, understanding, wit, counsel
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَلاڙَنِئون ڪا، مَتِ نَہ سِکِيين مُون ھِنيان، رُوندي راتِ وِھاءِ، چِڪائِيندي بَٺِيُون.[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- چُوندَنِ ڪِيمَ چَئيجِ، ويڻَ وَرائي سامُھان، ڪا مَتِ قِيمَتَ جِھَڙِي، روزُ ڏَمَرَ کي ڏيجِ، ويڻُ مَ وَرائيجِ، تَہ سَڀَ سُھاڳِي…[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- اَمُلُ آڇِ مَ اُنِ کي، جٖي نَہ پَرُوڙِينِ مَتِ، جِتِ گَڏِجَئِي جَوھَرِي، ماڻِڪُ تِتَھِين مَٽِ، جَنِ سونَ سين سَٽِ، تَنِ…[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- اَھُکِي راھَ اللهَ جِي، اَھُکِي اَھُکِيءَ ڀَتِ، ھُو جي ڏِھائِي ڏيھَ جا، تَڻِ پُڻ مُنجهي مَتِ، آڇاڙانِ اُبَتِ، گِهڙجِ گهاٽيِ…[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- ڪيرُ چُوندو ڪو نَہ چُوندو، تَہ ڪو آھِين اَسانجو، پِرِين پَرَتين رَبَ کي، ڪَرَ سَفَرَ جو سَعيو، جانِي ھِنَ جَھانَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- پِرِيَنِ جي پَنڌان، مُون کي جٖي جَهلِينديُون سي نَہ پُڄَندِيُون، ڀَلِي ڪَري آيو، ٺاٺارو ڏيھان، ڀَڳي ڪُٽِ سَڄِي ٿِئي، لَٿِي…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- تَڙِ تَڪَڙِ تارِ گِهڙَڻُ، اِيءُ ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ، ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن ۾، ڏي ڏوراپو ڏَمُ، عَقُلُ مَتِ شَرَمُ، ٽيئي نِينھَن…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ميھاران مِرِڪَ، پِيتائِين پِريمَ جِي، تَنھِن مُنڌَ مَتِوالِي ڪِي، سَندي ساءَ سُرڪَ، لَڳِيَسِ ڪامَ ڪِڙِڪَ، لوھان تِکِي لَطِيفُ چئَي.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- نَھِين نَھِين مَيڏِڙي وَسِ وو بِنان دِلبَرَ دِلِ ماندِي، مُون کي مَتِ ميھارَ جِي، ڪا ٻِي ڪَسِ، سِڪان ٿِي سِنگهارَ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- مُون کي ڏِيو ڪِينَڪِي، موٽَڻَ جِي ڪا مَتِ، ڪَندِيَسِ ڪانَہ ڪُپَتِ، ساھُ اُنِ تان صَدِقو.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ڪِيئَن اَڙايُئِي پاندُ، پَلَئُہ پَرَڏيھِيَنِ سين، مَتِيُون مُوڙِھِيُئِي سَسُئِي، ڪِيُئِي ڪوھِيارو ڪانڌُ، رُلِي ڀانيُئِي راندِ، ٻانڀَڻِ عِشقَ ٻَروچَ جو.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- ڦازا ڏيرَ ڦَگهين وِئا، ھُئا جوراڻا جَتَ، ايڌا نِڌَوَ ايگَوان، پَلاڻِئا پَربَتَ، ماڻُهو ڏِيِنِمِ مَتِ، آئُون لَڄَ بَلوچِي نِشتَگانَ.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- ڏِجِ وَراڪو ويڙِه ۾، سَسُئِي وَڏِي سَتِ، جَنِي مُوڙِھِي مَتِ، اُٺَ نَہ ٻيلِي اُنِ جا.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- سُورَ پِہ ڀَتو ڀَتِ، ھِي چِڻِڪِئو ڪِي ٻِئو، پِريَتَڻِي پِرِيَنِ جي، ماءُ مُنجهايَمِ مَتِ، ڀينَرُ ڀَلِيءَ ڀَتِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- ٻاروچو ٻِيءَ ڀَتِ، جيڪُسِ ڏِٺو جيڏِيين، مُون جِيئَن مُوڙِھِيَنِ مَتِ، پَسَنديئِي پُنهونءَ کي.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- مُوڙھو ڳِنهي نَہ مَتِ، پَلِيان پَليو نَہ رَھي، ڪا جَا ٿِيَسِ ڀَتِ، جِيئَن اَڄُ اوتائُو سَڄَڻين.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- آئُون جا ويندَڙي پارِ پِرِيَنِ جي، مُون کي آيَلِ جَهلَ مَ پاءِ، جَهلُون پَلُون پائِيين، پاڻان مَتِ نَہ آڇِيين ماءِ،…[ سُر حسيني - وايون ]
- پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، سُڻِي آيُسِ شانُ، مَڱان ڪِھَڙِيءَ مَتِ سين، آئُون نِسورو نادانُ، سو ڪو ڏِيارِيھُون ڏانُ جو طَمَعَ کي…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- مِيين ۽ مَڱڻي، ڪا جَا ڳالِهہ ڳُجِهي، سا ٻائِنِ دائِنِ ٻانِهنِ، سوجهي تان نَہ سُجِهي، پِئا وِيرَ وِماسَ ۾، عاقِلَ…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- صُورَتَ سَندِيَنِ سالَ، پاڻَ مُصاحِبَ سُپِرِين، مَولا ڏِنَنِ مُنھَن ۾، نُورِي نيڻَ نِھالَ، سَندي خُوابَ خِيالَ، مُون مَنُ مَتِوالو ڪِئو.[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- ڌارَ نَہ يَڪدِلِ يارُ ٿِيي، مَتِ ڏِنِي مِه مَنَ، ڪِ ٿِئوءِ تَسَلو تَنَ، پَروڌوءِ پَراوَنِ مان.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- خاموشِي خَبَرَ جِي، مُومَلَ ٿِي مَتِ، صَبُرُ ٿِئو سُپَتِ، مُنھِنجي حَقِ مَينڌَرا.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، مُومَلَ مَتِ ٿِئو، تو جو ڪالَهہ ڪِئو، تَنھِن مَدِيُون ميٽي ڇَڏِيُون.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- ڪا مَ جَهلي ڪا مَ پَلي، مُنڌَ مُون کي ماءَ، آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، وِھاڻِيءَ وِئا، ويڙھو ڏيئِي ويڪِرو، پَهِرِي…[ سُر کاھوڙي - وايون ]
- کَڻُ گودَڙُ ٻَڌُ گَبرِي، کانءِ مَ کِدائُون، جِندا وَڃِي جوڳَ سين لَھِجِ ڪِي لائُون، اِيئَن ڪوھُ اُتائُون تَہ سِڱِيُون شامَتِ…[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- غَينَئُون غُربَتَ جِندَڙي، سَدا سَناسِيَنِ، ڊِڄئو ڊاءِ اللهَ جي، پُورَنِ ۾ پَچَنِ، ريءَ رُخصَتَ رامَ جي، ٻِئو ڪِينَ ٻُجَهنِ، إِنَّ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- پُورَڀَ مارِياسِ، ڪَنھِن دَرِ ڏِيان دانهَڙِي، مَتِيَون ڏِيندي لوڪَ کي، چَرِي پاڻَ ٿِياسِ، جَنِي نَہ جيھِياس، مان لَنئُن لَڳِي تَنِ…[ سُر پورب - جوڳي ]
- جَي مُون مُوڙِھِي مَتِ، تَہ پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِين، اَصلِ اَوايُنِ جا، عَيبَ ڍَڪِين تُون اَتِ، اِيءَ پِرِين تُنھِنجِي پَتِ، جِيئَن…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- ھِيئَن ڪَرِئو ھُونئَن ڪَرِين، ھِيءَ ڪَنھِن آڇِيَئِي گَتِ، وَرَ وِسُوڙِي آھِيان، پَسِي تُنھِنجِي پَتِ، مُون کي آئِي مَتِ، ٻِيُون ڪَنبَندِيُون…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- سي ڪاپائِتِيُون ڪِيئَن، ھارُ جَنِي جي ھَٿِ، ڏِنِيَئِي نَہ ڏُوڻَ ڏُجاڻِيين، پِشيمانِيءَ جِي پَتِ، مُٺِي مُوڙِھِيَئِي مَتِ، جِيئَن دوسِتُ وِڃايُئِي…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- سائِين سَمُجِهَيسِ ڪِينَڪِي، ڳَڻي گَتِ سَندِياءِ، وَڏائِي واحِدَ ري، ٻي ڪَنھِن ڪِينَ جُڳاءِ، توبَهَ ڪِئمِ زيوَرَ ذاتِ کان، لوھِيءَ ڇَلي…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- مَدِيني جا ڄامَ، سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا، نَنڍا وَڏا اُمَتِي، اوڀائِيين اَڀامَ، سَرَڻِ تُنھِنجِيءَ سامَ، پارِ لَنگهائِيين پَھِيَڙا.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- وَنءُ مَدِيني مَڱڻا، اَکِيُون پيرَ ڪَري، جِتِ ماڻِڪِي مُحَّمَدَ مِيرَ جِي، جَهرڪِيو جوتِ ڪَري، پَسِئو جوتِ جَمالَ جِي، جِتِ اُمَتِيَنِ…[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- ڪاپي مان ڪِينَ ٿِئو، جان ڀيرِئُمِ ڀَلِيءَ ڀَتِ ، سُڌِ نَہ آيَمِ سُٽَ جي، پاڻان موڙِھِئَمِ مَتِ، اَندَرِ وَھي اُبَتِ،…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- اَکِيُنِ پانھِنجي مَتِ، پاڻَ سين پاڻِهين ڪِي، اُتي وَڃِي اَڙِيُون، جِتي جانِ کَپَتِ، نَہ ڪا ڳالِهہ نَہ ڳَتِ، جِيءَ ڏِني…[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- ڦَيرِ مَ تُون اُبَتِ، کَڻُ سُبتِيُون سُپِرِين، مُون کي موھي جَنِ سين، ماري ڳيڙِيَئِي مَتِ، اِيءَ پِرِين تُنھِنجِي پَٽِ، ھاڻِ…[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]
- گَهنگَهرئا گَهڻَ ڄاڻَ، مُوڙِهِي مَتِ مَھائِيين، وِئا گَڏِجِي وِيرِ ۾، پِئا مُنھِن مَھِراڻَ، اَڳِئان پويان ٽاڻ، وِئا ويچارِيين وِسَرِي.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، پييَسِ پَنوَھارِيُون چِتِ، راڄَ رُئاڙي ھَنجُون ھاري، ھِيءَ ھُتي جِي ھِتِ، آھيسِ پائُرَ پارَ جو، کِجَڻُ…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- سِيلَ ڀَڃَڻَ جِي سُومَرا، مُون کي مَتِ مَ آڇِجِ پاڻِ، گَهڻي ٿوري ڏِينھَڙين، هِتان ويندِيَسِ هاڻِ، مَڇُڻِ پُوئِمِ ڪاڻِ، مَھِندان…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- سِيلَ ڀَڃَڻَ جِي سُومَرا، مُون کي مَتِ مَ آڇِجِ مِيرَ، گَهڻي ٿوري ڏِينھڙين، ويندِيَسِ هُتِ حَمِيرَ، مَڇُڻِ مَنجِهہ مَلِيرَ، ڪَنڌُ…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- سِيلَ ڀَڃَڻَ جِي سُومَرا، مُون کي مَتِ مَ آڇِجِ مُورِ، گَهڻي ٿوري ڏِينھَڙين، ويندِيَسِ هُتِ حُضُورِ، مَڇُڻِ ٿِي مَلُورِ، ڪَنڌُ…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]