آديسِي بابت
معنيٰ
سر نمائيندڙ، مٿو ٽيڪيندڙ. گروءَ جي حڪم ۾ هميشه رهندڙ. فرمانبردار. جوڳي فقيرن جو هڪ گروه، ڪن چِير فقير. الله لوڪ. الائي ڪھڙي مُلڪ جو. لامڪان فقير. نصيحت ڏيندڙ.
Head bower. Always living under the command of the Guru. Submissive. A group of Jogi fakirs. Advisers.
بيتن ۽ وائين ۾
- راڻي جِيءَ رِھاڻِ ۾، ڪو آديسِي آيو، چوڏھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، ڪِئو سامِيءَ سَھائو، لَٿو اُونداھو، جوڳِيءَ سَندِيءَ جوتِ سين.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- راڻي جِيءَ رِھاڻِ مان، ڪو آيو آديسِي، کَٿُورِيءَ خُوشِبُوءِ سين، وِلاتَ سَڀَ واسِي، سُوڌو سَناسِي، اُتاھِين ٿِي آيو.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- جوڳِي اِيئَن جَهرَڪِئو، جِيئَن اُونداھِيءَ ۾ آڳِ، آديسِي عِشقَ جِي، لائي آيو لاڳِ، ويٺو تَنھِن سَڀاڳِ، جِيئَن ڪوسُ ڏِھاڙِي ڪاڪِ…[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، اوڇِنگارُون اَچَنِ، آيَلِ آديسِيَنِ جا، مُون کي ماڳَ مُھَنِ، پاڻان وِڌِيَسِ پَٽَ تي، لاھي لاھُوتِيَنِ، راڙي…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- ٽي ڏِينھِن ٽَمَڪائِينِ، دُونھِيُون دائِرَنِ ۾، ميڙِئو ڪَڻِڄَ ڪاٺِيُون، جوڳِي جَلائِينِ، سَندِيُون کامَڻَ خَبَرُون، آديسِيَنِ آھِينِ، ڳُجُهہ نَہ ڳالَهائِينِ، لِڪا…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- چوٿين ڏِينھِن چَوگانَ ۾، ڪَنھِن جَنھِن پَھِ پِئا، اَندَرِ آديسِيَنِ جي، اَچَنِ جوشَ جِھا، وَھمَ پِريان جي وَڍِئا، تَنِ ۾…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- پِئا ڪَنھِن پَرياڻَ ۾، ڇَھين ڏِينھِن ڇَڻِي، اَندَرِ آديسِيَنِ کي، ڌُرِيائِين ڌَڻِي، ٻَري ٻاجهارا ڪِئا، کانئي خاڪِ کَڻِي، پِنِئو پَنجَ…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- چوڏَھين ڏِينھِن چَلِي وِئا، جوڳِي مَٿي جُوءِ، اُتي آديسِيَنِ جِي، لَڳي سَينَ صُبُوحِ، راوَلَ اِنَهِين رُوءِ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- سَترَھين ڏِينھِن سَنباھِيُون، سامِيَنِ سِٽائُون، ڪَڙا ڪَچڪولَنِ ۾، ڳولي ڳُتائُون، اُٿِي آديسِي ھَلِئا، جوڙي جَڙائُون، سِڪَ نَہ سَلتائُون، لِڪا ڀُوڻَنِ…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- اُوڻِهئين ڏِينھِن امرَ ۾، آديسِي آھِينِ، ڪَنھِن پَرِ اچي ڪاپَڙِي، لکِئي ٿا لاھيِنِ، نَڪِي اڏِئائُون نِجُهَرا، نَڪِي ٿا ڊاھِينِ، ويٺا…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- وَرَنِ وِيھين ڏِينھَن تي، سامِي سُڃاڻِئو، پاڻُ پَچائِينِ پُورَ ۾، آديسِي آڻِئو، مالَهائُون مارِئو، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- ٻاوِيھين ٻاڻُ لَڳو، آديسِيَنِ اَچِي، ڪَنھِن جَنھِن ڪيفَ ڪَڪورِئا، مَنجهان مَچَ مَچِي، لانگوٽِئا لالُ ٿِئا، اِنَهِينءَ پَهِہ پَچِي، ھَلِئا وِئا…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- چووِيھِينءَ چَلَڻَ جِي، ويراڳِيَنِ وائِي، ھَولُ ڪَري ھَلِئا، سَناسِي سائِين، آديسِيَنِ اُڪِيرَ سين، لالَ پِريان لائِي، سامِي سَوائِي، لِڪا ڀُوڻَنِ…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- جوڳِي جَڳِ نَہ وَڳِ، جَڳُ نَہ ڏِٺو جوڳِيين، آديسِي عالَمَ کان، لاھي چُرِئا لَڳِ، سامِي ٿِئا سَرَڳِ، تَڪِيا پَسُون تَنِ…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- تَڪِيا تاڪِيائُون، وِئا رَمَندا رامَ ڏي، کِجان خَبَرَ نَہ لَھان، آديسِيَنِ آئُون، ڪَنھِن کُوڻِ کَنيائُون، ڪاڏي وِئا ڪاپَڙِي.[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- سامِيَنِ سَمَرُ سُورَ، گُوندَرَ گَبَرِيُنِ ۾، جوڳِيَنِ جَڙِئا جانِ ۾، پَيغامَنِ جا پُورَ، آديسِي اَسُورَ، وَڄائي واٽَ ٿِئا.[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- نِسوروئي ”ناھِ“ جِي دِلِ ۾ دُونھِين پاءِ، آڻي آڳِ اَدَبَ سين، ٻاري جانِ جَلاءِ، جَا آديسِي عِشقَ سين، سا لاھُوتِي…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- مُونا طُورُ سِيناءَ ، سَندا سَناسِيَنِ، سَجِدَہ گاھَ سامِيين، گوڏا گودَڙِيَنِ، فَڪَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ أَوْ أَدْنَىٰ ، ٿا نانگا اِيئَن…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- مُونا طُورُ سِيناءَ ، سَندا سَناسِيَنِ، پُورَڀِ کَنيو نَہ پاڻَ سين، بُعدُ بيراڳِيَنِ، رِدا آھي رازَ جِي اوڇَڻُ آديسِيَنِ، قُربُ…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- آديسِي آديسُ، ھِتان ڪَري ھَلِئا، ڪاپَڙِيَنِ قَلبَ ۾، ڪِئو ڏُوراڻو ڏيسُ، ويراڳِي نَئُون ويسُ، راوَلَ ڍَڪي رَمِئا.[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- آديسِيَنِ اَدَبُ، آھي اَکَڙِيُنِ ۾، تَنِ جو حَسَبُ نَسَبُ ناھِ ڪِي، نَہ اَبائِي نَہ اَبُ، سامِيءَ کي سَڀَين پَريين، رُوحَ…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- پَرينديئي پَنڌِ ٿِئا، گَنجو ڇَڏي گامُ، تَنِ ويھِي ڪِئو نَہ وِچَ ۾، آديسِيَنِ آرامُ، گُرُوءَ سَندي گَسَ ۾، ڪِئائُون تَنَ…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- آيَلِ آديسِيَنِ جُون، اَڌَ لَڳِيُون آھِين، وِھو وِھائِينِ، ڪا قَضاني راتِڙِي،[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- نااُميدِي آجِڪو، اوڇَڻُ آديسِيَنِ، سَدا سُکِ وَسَنِ، طالِبَ تَقدِيرَ تي.[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- نااُميدِي آجِڪو، اوڇَڻُ آديسِيَنِ، ڪَڏِھِين تازِيءَ پُٺِ تي، ڪَڏِھِين ھيٺِ ھَلَنِ، سامِيَڙا سَمُنڊَ ۾، تُنبي جِيئَن تَرَنِ، جٖي واڳُو واتِ…[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- ڪَرِ ھِئارَ ھَلَڻَ جِي، ويٺو پُڇين پَرُ، اَڄُ آديسِي مَرُ، صُباحَ مَرَندو سَڀَڪو.[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- نَڪِي نَمَنِ ناٿَ کي، ناٿُ نَہ نَمائينِ، جاٽا ڪَنِ نَہ جوڳَ کي، جوڳُ نَہ جُھارينِ، اُھِڃاڻِيُون آڻِينِ، آديسِي اِلَماسَ جُون.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- سَنجهي رَھَنِ سُمَهِي، وِچِينءَ ويٺا ھُونِ، آڌِيءَ راتِ اُٿِي ڪَري، راوَلَ رَتو رُونِ، وِھاڻِيءَ واٽنِ تي، پاسا کوڙِئو پُونِ، مَھيسِي…[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾، تازا پَٿَرَ ڪَکَ، آديسِي اُٿِي وِئا، پيئِي اُڏامي رَکَ، سامِي کَڻِي سَنکَ، وَڄائي واٽَ ٿِئا.[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾، طالِبَ تَنوارِينِ، آديسِي اُٿِي وِئا، مَڙِهيُون مُون مارِينِ، جٖي جِيءَ کي جِيارِينِ، سي ڪَرَمِ مِلَندا ڪاپَڙِي.[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- اَندَرِ آديسِيَنِ کي، اَمُلَ ڪِي اوطاقَ، مَڻي دارَ بَقاءَ ڏي، تاڙِيُون ڏِنائُون طاقَ، خَوابَنِ مَٿي خَوابَ، لَڌائُون لَطِيفُ چئَي.[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- جِتي ايرُ نَہ ڀيرُ، سا جُوءِ سُڃاتِي جوڳِيين، اُتي ڏيئِي پيرُ، آسَڻَ آديسِيَنِ ڪِئا.[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- جِتي عَرشُ نَہ اُڀُ ڪو، زَمِينَ ناھِ ذَرو، نَڪو چاڙاھو چَنڊَ جو، نَڪو سِڄَ سَرو، اُتي آديسِيَنِ جو، لَڳو دَنگُ…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- حييَئُون حالُ پِرايو، آديسِيَنِ احوالُ، نانهِن ڪِئائُون نَفسَ کي، مَنجهانَ زُھِدَ زَوالُ، لَنْ تَنَالُوا الْبِرَّ حَتَّىٰ تُنفِقُوا ، پاڻُ ڪِئائُون…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- فَييَئُون فِڪرَ فِراقَ ۾، آديسِي آھِينِ، سَڳا سيلِها گَبرِيُون، جوڳِي جَلائِينِ، إِنَّ ٱلَّذِينَ فَتَنُواْ ٱلۡمُؤۡمِنِينَ ، سَناسِي ساھِينِ، سَنگَتِ سَنوارِينِ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- الِفَئُون آديسِيَنِ کي، سَدا سُورَ چُرَنِ، اَندَرِ تَنِ آديسَ جا، مَحَبتَ مَچَ ٻَرَنِ، اُلُفَتَ عَزِيرِي ناھِ ڪا، نَڪِي جَهنگِ ھَلَنِ،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- آسِرو آھي، موٽِي اِيندا، مُون نَہ ڇَڏِيندا پاڻَ پَسَندا، پَٿَرِ وارَ پِرِينءَ لَيءِ، ويھُ تُون وِڇائي، ڏُکَ لاھِيندا ڏِيلَ مان،…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- راوَلُ رَھي نَہ راتِ، جيڏِيُون مُنھِنجو راوَلُ رَھي نَہ راتِ، ڪوھُ ڪَرِيندِيَسِ ڪانڌَ ري، وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ، مِٽَ نَہ مَعذُورِيَنِ جا،…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- نانگا نِنڊ نَہ ڪَنِ، لوچَنِ لاءِ پِرِيَنِ جي، باھِيُون بيراڳِيَنِ جُون، ڀِنِيءَ ڀَڙِڪا ڪَنِ، ھلو سيڪيُون ھَٿَڙا، مَٿي تَنِ مَچَنِ،…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- شالَ اوڏڙا آھِنِ، ٻَڙِي جيڏِيُون، پَلَڪُ پِريان ري نَہ رَھان، نَڪِي ھيٺِ نَہ بيٺِ ڪِي، کِدا تان نَہ کَڻَنِ، اُپَڙِي…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- پُورَڀِيا پُوري وِئا، آسَڻَ اَڄُ صُبوحِ، کَٿُورِيءَ خُوشِبُوءِ، آھِ آديسِي گِيا.[ سُر پورب - جوڳي ]
- خِيما جَنِ کَڻِي، مَٿي پُورَڀَ مَنڊِئا، آيَلِ تَنِ آديسِيَنِ کي، پَسِئو ٿِيان پَڻِي، جِيءَ ۾ جَڙَ ھَڻِي، نانگا وِئا نِڪِرِي.[ سُر پورب - جوڳي ]
- جُوءِ جيڏاھِين جوڳِيين، نيڻَ تيڏاھِين نِتُ، آيَلِ آديسِيَنِ کي، ڏي چاڙِھيڪا چِتُ، سامِيَنِ جو سَنگَتُ، سارِئو ٿِي سُورَ چَران.[ سُر پورب - جوڳي ]
- جُوءِ جيڏھِين جوڳِيين، نِتُ تيڏاھِين نيڻَ، آيَلِ آديسِيَنِ جا، وِرھُ ٿِئَمِ ويڻَ، ڪَري سَناسِي سيڻَ، ھِينئَڙي حالُ پِرايو.[ سُر پورب - جوڳي ]
- سامِي چائِيين سُکُ طَلَبِيين، ھو مَ ھُوندَنِ جِيئَن، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، ھُونِ نَہ آديسِي اِيئَن، سي ڪاپَڙِي ڪِيئَن، جٖي تَعلَقَ…[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- سامِي چائِيين سُکُ طَلَبِيين، وارِيين نَہ ويراڳُ، لاڳاپا لَطِيفُ چئَي، ڇَڏي جوڳِي جاڳُ، جِيئَن تُون ڀُڻِين سَنِرو، اِيءُ آديسِي اَڀاڳُ،…[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- مَنَ مُنڊائُون پييُون، مُون کي سامِيَنِ ساڻُ، نَہ ڪِي کَڻَنِ پاڻَ سين، نَڪو ساڻُنِ پاڻُ، پُرِئا پُورَڀَ پَنڌَ ڏي، ڄاڻِي…[ سُر پورب - وايون ]