آديسِي جي سنڌي معنيٰ
سر نمائيندڙ، مٿو ٽيڪيندڙ. گروءَ جي حڪم ۾ هميشه رهندڙ. فرمانبردار. جوڳي فقيرن جو هڪ گروه، ڪن چِير فقير. الله لوڪ. الائي ڪھڙي مُلڪ جو. لامڪان فقير. نصيحت ڏيندڙ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Head bower. Always living under the command of the Guru. Submissive. A group of Jogi fakirs. Advisers.
آديسِي جا بيتن ۾ حوالا
راڻي جِيءَ رِھاڻِ ۾، ڪو آديسِي آيو،
چوڏھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، ڪِئو سامِيءَ سَھائو،
لَٿو اُونداھو، جوڳِيءَ سَندِيءَ جوتِ سين.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 1 ]
چوڏھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، ڪِئو سامِيءَ سَھائو،
لَٿو اُونداھو، جوڳِيءَ سَندِيءَ جوتِ سين.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 1 ]
راڻي جِيءَ رِھاڻِ مان، ڪو آيو آديسِي،
کَٿُورِيءَ خُوشِبُوءِ سين، وِلاتَ سَڀَ واسِي،
سُوڌو سَناسِي، اُتاھِين ٿِي آيو.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 2 ]
کَٿُورِيءَ خُوشِبُوءِ سين، وِلاتَ سَڀَ واسِي،
سُوڌو سَناسِي، اُتاھِين ٿِي آيو.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 2 ]
جوڳِي اِيئَن جَهرَڪِئو، جِيئَن اُونداھِيءَ ۾ آڳِ،
آديسِي عِشقَ جِي، لائي آيو لاڳِ،
ويٺو تَنھِن سَڀاڳِ، جِيئَن ڪوسُ ڏِھاڙِي ڪاڪِ تي.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 12 ]
آديسِي عِشقَ جِي، لائي آيو لاڳِ،
ويٺو تَنھِن سَڀاڳِ، جِيئَن ڪوسُ ڏِھاڙِي ڪاڪِ تي.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 12 ]
سَترَھين ڏِينھِن سَنباھِيُون، سامِيَنِ سِٽائُون،
ڪَڙا ڪَچڪولَنِ ۾، ڳولي ڳُتائُون،
اُٿِي آديسِي ھَلِئا، جوڙي جَڙائُون،
سِڪَ نَہ سَلتائُون، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 17 ]
ڪَڙا ڪَچڪولَنِ ۾، ڳولي ڳُتائُون،
اُٿِي آديسِي ھَلِئا، جوڙي جَڙائُون،
سِڪَ نَہ سَلتائُون، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 17 ]
اُوڻِهئين ڏِينھِن امرَ ۾، آديسِي آھِينِ،
ڪَنھِن پَرِ اچي ڪاپَڙِي، لکِئي ٿا لاھيِنِ،
نَڪِي اڏِئائُون نِجُهَرا، نَڪِي ٿا ڊاھِينِ،
ويٺا وِراھِينِ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 19 ]
ڪَنھِن پَرِ اچي ڪاپَڙِي، لکِئي ٿا لاھيِنِ،
نَڪِي اڏِئائُون نِجُهَرا، نَڪِي ٿا ڊاھِينِ،
ويٺا وِراھِينِ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 19 ]
وَرَنِ وِيھين ڏِينھَن تي، سامِي سُڃاڻِئو،
پاڻُ پَچائِينِ پُورَ ۾، آديسِي آڻِئو،
مالَهائُون مارِئو، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 20 ]
پاڻُ پَچائِينِ پُورَ ۾، آديسِي آڻِئو،
مالَهائُون مارِئو، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 20 ]
جوڳِي جَڳِ نَہ وَڳِ، جَڳُ نَہ ڏِٺو جوڳِيين،
آديسِي عالَمَ کان، لاھي چُرِئا لَڳِ،
سامِي ٿِئا سَرَڳِ، تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 15 ]
آديسِي عالَمَ کان، لاھي چُرِئا لَڳِ،
سامِي ٿِئا سَرَڳِ، تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 15 ]
سامِيَنِ سَمَرُ سُورَ، گُوندَرَ گَبَرِيُنِ ۾،
جوڳِيَنِ جَڙِئا جانِ ۾، پَيغامَنِ جا پُورَ،
آديسِي اَسُورَ، وَڄائي واٽَ ٿِئا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 22 ]
جوڳِيَنِ جَڙِئا جانِ ۾، پَيغامَنِ جا پُورَ،
آديسِي اَسُورَ، وَڄائي واٽَ ٿِئا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 22 ]
آسِرو آھي، موٽِي اِيندا، مُون نَہ ڇَڏِيندا پاڻَ پَسَندا،
پَٿَرِ وارَ پِرِينءَ لَيءِ، ويھُ تُون وِڇائي،
ڏُکَ لاھِيندا ڏِيلَ مان، ڳُجهو ڳالَهائي،
ڪالَهہ سَناسِي سِڱِيُون، وِئَڙا وَڄائي،
اِيندا آديسِي وَرِي، دُونھِيُون ڌَڳائي،
مُون کي نِيندا پاڻَ سين، ھِيءُ سَڱُ ساڱاھي،
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، اُو اِھَڙو ئِي آھي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 5 ]

نِسوروئي ”ناھِ“ جِي دِلِ ۾ دُونھِين پاءِ،
آڻي آڳِ اَدَبَ سين، ٻاري جانِ جَلاءِ،
جَا آديسِي عِشقَ سين، سا لاھُوتِي لاءِ،
جِندا تِيئَن جاڳاءِ، جِيئَن سا آتِش آبُ ٿِئي.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 18 ]