پَرين بابت
معنيٰ
جيئين، تڳين، رھين، ھلين چلين، گذر گذران ڪرين
Live, alive, be in, in beingness.
بيتن ۽ وائين ۾
- مَتارا مَرِي وِئا، موکِي تُون نَہ مَرين، ڪِھَڙِيءَ پَرِ پَرين، ڏُکِي ڏاتارَنِ ري.[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، اَڳَ نَہ ڏيھُ ڏٺومِ، ڏُونگَرُ ڏوراپَنِ سين، ڪاتِيءَ ريءَ ڪُٺومِ، جيلان مُحِبُ مِٺومِ، ڇُلُون ڪَرِيان تي…[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- ڪُنَرَ ڪَڪا ڪَپِڙا، مُنڌَ لُڇيِ ڀَرِ لَڪَنِ، يادِ نَہ پيئِي جَتَنِ، ڇَڏي وِيَسِ ڇَپَرين.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- آءُ اوراھُون سُپِرِين، پَري وَڃُ مَ پِيَ، موٽُ مَرَندِيَسِ ڇَپَرين تُون جِيارو جِيءَ، ھوتَ مَ ڇَڏِج ھِيءَ، پُنهون پِيادِي پَنڌَ…[ سُر آبڙي - آءُ اوراھون، ناھ جميعت ]
- اِيءُ ڪَمُ ڪوھِيارَنِ، جِيئَن کُهِيُون کَڻَنِ پاڻَ سين، اَڌَرَ نِڌَرَ پانھِنجي، سَڀَ نِباھِيو نِيَنِ، ڇَڏيِو وَڃو ڇَپَرين، ھِيئَن تان ھوتَ…[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- اوکِيءَ آڳَھُ آھي، وو آھي، مُون کي تان نَہ ڇَڏيندو ڇَپَرين، آرِي اُگهاڙِنِ کي، پُنهون ڄامُ پَراھي، پُڇي پوءِ پِئَنِ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ھوتَ ٻاروچي ساڻُ، جيڏِيُون جيڏِيُون مُنھِنجي جِيءَ جُون ڳالِهيُون، چَڙِهي ڏُونگَرَ چوٽِيين، پُرزا ڪِندِيَسِ پاڻُ، ڇُلِي پيٺِيَسِ ڇَپَرين، يارَ سَڱَ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ڪِئائِين ڪيچِيَنِ لاءِ، جُسو جَلاوَتَ، ڇَڏي پيٺِي ڇَپَرين، ھارِي سَڀَ حُجَتَ، ھُئِي نِماڻِي نِسَتَ، پَنڌُ وِڌائِين پاڻَ تي.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ھِيڪَلِيائِي ھاڻِ پُورِيندِيَسِ پُنهونءَ ڏي، ليڙَنِ سين لَطِيفُ چئَي، پُوندِيَسِ پَنڌِ پَرياڻِ، رُلِي ڇُلِي ڇَپَرين، ڪَنھِن پَرِ لاھِيان ڪاڻِ، ڪَندِيَسِ…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- جيڏِيُون جاجَڙَ لائِي، جِيءَ جَتَنِ سين، سا سَرَتِيُون سِيباڻِئامِ، تَنھِن جِيئَڻُ جالَ ڪِئومِ، مَھَرَ جا مَيَنَ جِي، سَنجهي ھَٿِ ھُيامِ،…[ سُر معذوري - وايون ]
- تَنَ مَنَ مَنجِهہ تَنوارَ، ھو يارَ، سَدا آھي سِڪَ جِي وو، تِيئَن چُڻِڪَن چِتَ ۾، جِيئَن سا گَهنڊِيءَ لارَ، لَڳِي…[ سُر معذوري - وايون ]
- جَتَ ھَڏِھِين ھُتِ، مُون ھِينئَڙي ۾ حَلُ ٿِئا، چَنگَلَ جَنِ جا چَوڦَرا، راحَتَ اُنِ جِي رُتِ، گُنگَنِ جي گُفَتِ، ڇيڙي…[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- سَمَرُ نَہ جَنِي ساڻِ، ھوتُ حِمائِتِي تَنِ جو، ڇَنا اَڏِبا ڇَپَرين، اِيندو پُنهون پاڻِ، ٿِيندِي رُوحَ رِھاڻِ، لَحظي ۾ لَطِيفُ…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- اُٺَ ويرِي اوٺارَ ويرِي، ٽِئا ويرِي ڏيرَ چوٿُون ويرِي واءُ ٿِئو، جَنھِن لَٽِئا پُنُوھَ پيرَ، پَنجُون ويرِي سِڄُ ٿِئو، جَنھِن…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- ٻيلِي ٿِئو مِرُوئا، تَہ ڏُونگَرَ ڏورِيان پِرِينءَ لاءِ، ھَڏُ وِجَهندِيَسِ ڇَپَرين ماھُ آن جو ڳاھُ، اَکِيُون ڇَڏيجا، جَنِ سان پَسان…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- ڀانيُمِ جِي سَرواَڻِ، تَہ ڪِ ڇُلائِيندا ڇَپَرين، کانيَمِ ھُوند پَلاڻ، اُٺَ گُڏايَمِ اُنِ جا.[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- نَڪو ڏوھُ ڏيرَنِ جو نَڪو پُنهون پَنگُ، ايرادي اللهَ جي، اَڳُ وَھايو اَنگُ، تيلاھِين ٻَڌِي تَنگُ، ڇُلي پيٺِيَسِ ڇَپَرين.[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- دُرَھا دُرَھا ڪَنِ، فازا فَتَحَ سيڻَ وِئا، بي غَرضا بَلوچا، رَسُ نَہ رَھايو تَنِ، سَسُئِي لاءِ سيڻنِ، ڇيرُون ٿِيندِي ڇَپَرين.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- ھوتَ نَہ ڀانيُمِ ھِيئَن، مارِي سَڄَڻَ تُنھِنجي نِينھَن، ڇَڏي تُون ڪو ڇَپَرِ ويندين، لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏاڍا تَپَنِ ڏِينھَن، جُهونگارِيندي…[ سُر ديسي - وايون ]
- آئُون تي ڇُلان مَٿي ڇَپَرين، جي ٻاروچي ٻاجَهہ گهَڻِي، آئُون پَنھِنجي پِرِينءَ سين، ويندِيَسِ واڳَ وَڻِي، مَرُجان پوئِيمِ مُنھَن ۾،…[ سُر ديسي - وايون ]
- رَھِيو ويٺِي راڳِ، اَمَڙِ اورِئان نِجُهرو، لاٿو ڏيھَ وَڻَنِ سين، مُون لاڳاپو ۽ لاڳِ، ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون، جَنِ اَندَرِ ٻَرِي…[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، ھِتِ ھوتاڻِي ھاڻِ، اوڏِ مُنڌَ اُٺَنِ کي، اللهَ ڪارَڻِ آڻِ، پورِهيو ڪَندِيَسِ پاڻِ، اَڳِئان آرِيچَنِ…[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، حاذِقَ ھوتاڻِي، تَوِھِين لَيءِ کاڻِي، ڏُکِي ڀُڻِي ڏُونگَرين.[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، ھِنَ ھَنڌِ ھوتاڻِي، نيجِ نِماڻِي پاڻَ سين، پُنهون آرِياڻِي، تَوِھِين لَيءَ کاڻِي ڀُڻِي ڏُونگَرَ ڏورِيان.[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، ھوتاڻِي ھِنَ ھَنڌِ، تو سين پُوندِيَسِ پَنڌِ، ڏِيندِيَسِ باھِ ڀَنڀورَ کي.[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، پوءِ رَھايَسِ پاڻَ، جٖي ڀُلايُون ڀاڻَ، رَسُ رَسِيلا تَنِ کي.[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- آتَڻُ اورانگهي وِئا، پارِي ڇَڏي پوءِ، آرِيچا اُٺَنِ تي، ھِيءَ تان جَڏِي جوءِ، ڪِي ھَلِي ڪِي ھَٿَ کَڻِي، ڪِي رِڙھي…[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- کُوءِ ٻولِي ٻَنِ ٻَروچُ، گهورِي ذاتِ جَتَنِ جِي، مُون کي چَئِي لوچ، پيھِي وِئَڙا ڇَپَرين.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- تَنِ سُورَنِ کي شاباسِ، جَنِي مُونسين گهارِئو، ھُئا ھَماري پاسِ، ٻيلِي ٿِئَڙَمِ ڇَپَرين.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- ڏِٺان جَي ٻَروچُ، مُون جِيئَن ھوتُ اَکِيُنِ سين، مُون کي چَئِي لوچُ، پاڻِ ڇُلِي پيٺِيُون ڇَپَرين.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- مَرِي ٿيِندِيَس مُڃَ، جَتَنِ ڪارَڻِ جيڏِيُون، ڪَري ڪوھِيارو سُڃَ، وِئو ڇُلائي ڇَپَرين.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- آيَسِ ڪِي اوڏِي وَڻا وائِي نَہ ڪَرِيو، سا مُنڌَ جِيئَندِي ڪيتِرو، لَڪَنِ جا لوڏِي، ڪوھِيارِي ڪوڏِي، ڇُلِي پيٺِي ڇَپَرين.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- وَڃِي وَڃِي ويٺَڙِي تِتي، جِتِ پيرُ ڏِٺائين پِرِينءَ جو، پيرُ سُڃاتائِين پِرِينءَ جو، مَنجهان نِينھَن نِرتي، ھُو وِھِيا وَڻِڪارَ ڏي،…[ سُر حسيني - وايون ]
- مُنھِنجا پيرَ پُنهون، يارَ پُنهون، سِيرُون ٿِئَڙا ڇَپَرين، آرِياڻِيءَ پُنهونءَ جو، ڏُونگَرَ ڏَسُ ڏِنو، ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٿِئَڙو شَھَرُ…[ سُر حسيني - وايون ]
- مُون سين ھوتَ نَہ ڪَندَڙا ھِيئَن ھِيئَن، مُون نَہ ڇَڏِيندا ڇَپَرين، لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏاڍا تَپَنِ ڏِينھَن ڏِينھَن، ڇيڙي وِڌِيَسِ…[ سُر حسيني - وايون ]
- کاھوڙِيَنِ کَڻِي، ساجُهرِ ٻَڌا سَندِرا، ڏورِيندي ۾ ڏُونگَرين، ڪِئائُون پاڻُ پَڻِي، ڏُکَنِ ڏِيلُ ھَڻِي، ڇيھُ لَڌائُون ڇَپَرين.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- پَرينديئي پَنڌِ ٿِئا، گَنجو ڇَڏي گامُ، تَنِ ويھِي ڪِئو نَہ وِچَ ۾، آديسِيَنِ آرامُ، گُرُوءَ سَندي گَسَ ۾، ڪِئائُون تَنَ…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- جَي تُون آسائو آھِين، وانءُ پانڊَپَ پاسِ، گهوڙا ھِيرَوَھَٿِيا، وَٺِي آءُ وَٽانسِ، پَريندي پِئاسِ، سُتِي سَخاوَتَ جِي.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- ڪيڏانھَن ڪَتَڻَ وارِيُون اولاڻِيَنِ اَرٽَ، لُڙجَنِ لاکيڻِيُنِ جُون، پَھِيُون مَٿي پَٽَ، اوبَڻُ ۽ اَرٽَ، ڇَڏي پيٺِيُون ڇَپَرين.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]