پيرِ بابت
معنيٰ
قدم، پير (نشان پويان يا پٺيان)
Foot. (following signs of feet)
بيتن ۽ وائين ۾
- جَي تُون سِڪَڻُ سِکِئو، تَہ ڪاتِيءَ پيئِيءَ مَ ڪِنجُهہ، سُپيرِيان جي سُورَ جو، ماڻُهنِ ڏِجي نَہ مَنجُهہ، اَندَرِ اِيءَ اَھِنجُ،…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- حَبِيبُ ئِي ھادِي ٿِئو، رَھنُما راحَتَ، پِيڙا نِئائُون پاڻَ سين، لاھي ڏيئِي لَتَ، سُپيرِيان صِحَتَ، ڏِنِيمِ مَنجهان ڏُکَندي.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- ويڄَ وِڃاءِ مَ ڊَڀَڙا، ڪَندا ڪونَہ فَرَقُ، مُون کي ٿِئا مَرَڪُ، سُپيرِيان جا ڌَڪَڙا.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- سَڄِي ڇوڙَڻُ سُٿِرِي، ڇوڙيِين جَي اَڌُ ڳَنڍِ، تَہ ڪَڙو لاھِيين ڪَنڊِ، سُپيرِيان جي سيرَ جو.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- ڳالِهہ ڪِينَ وَڃي، سُپيرِيان جي سَڌَ جِي، سُپيرِيان جي سُونھَن جِي، پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون، پھرِين سِرُ سَڃي، عاقِلَ ئِي اوڄُونِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- مَيا مَڃُ مِنَٿَ، اَڄُ مُنھِنجِي ڪَرَھا، جهاڳِيندي جَرَ پَٽِيُون، مَتان ڪَرِيين ڪَٿَ، سُپيرِيان جي سَٿَ، مُون کي نيئِي ميڙِيين.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- سَڀَيئِي سَنئينءَ ڪَرِين، ڪومَ مُنجهائِين واٽَ، سَھُکِي ڪَرِين سَچا ڌَڻِي سُڄي جا صِراطَ، سُپيرِيان جي ساٿَ، لَڱو لائُون ميڙِيين.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- سُپيرِيان جي تُرَھي، ٻُڏين ھَٿُ مَ لاءِ، صُباحَ تان چُونداءِ، تَہ اَسان تو اُڪارِئو.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- سُپيرِيان جي تُرَھي، ٻُڏين توءِ مَ لَڳُ، جان ڪو جِيئَين ڏِينھَڙو، پُورِ اُبَتي وَڳُ، پاءِ تيڏاھِين پَڳُ، نانھِن جيڏاھِين نِجِهرو.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- اَکِيُون پيرَ ڪَري وَڃِجي پَرَ وَڃِجي، سُپيرِيان جِي ڳالِهڙِي، ڪَنھِن سان ڪِينَ ڪِجي، لِڪائَي لوڪَ کان، ڳوٺان ڳُجَهڙِي نِجي، مَحبَتِيءَ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- وَڏو طالِعُ تو، لَڳِينءَ پيرِ پُنهونءَ جي، سَسُئِي اِنَ سُتُونَ کي، رويو رويو رو، ويٺِي ھِتِ مَ ھو، ھَلين تَہ…[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- جُٽَ پِٽي پِھُ جَهنگِ، ھاڙِھي پُڇُ مَ ھوتَ کي، سُورُ سُٻيلِي سَسُئِي، لَڪُ تَھِين سين لَنگهِہ، سُپيرِيان جي سَنگِ، مُنڌَ…[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- مُون کي جَهلَ مَ پايو، جيڏِيُون آئُون ھَلَندِي ھوتَ ڏي، ھِيءُ جو بارُ ڀَنڀورَ جو، لوٺِيءَ تان سَڀَ لاھِيو، آھي…[ سُر آبڙي - وايون ]
- سَڀَ نَنگِيُون ٿِي نِڪِرو، لالَچِ ڇَڏي لوڀَ، سُپيرِيان سين سوڀَ، نِنڊُون ڪَندي نَہ ٿِئي.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، عُمِرِ تان ويئِي، وِلِهِيءَ ڏِينھَن وِڃائِيا، سَرَتِيُون سَڀَيئِي، پيرِيءَ ۾ پيئِي، اَکِيُون آرِيءَ ڏي کَڻي.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڏاڍو ڏوري ڏورِ، سُپيرِيان جي سُورِ، پَري پَڙاڏا ڪَري.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- ڪارا ڏِٺَمِ ڪانگَ، لَمَندا لَڪَنِ ۾، چانڪِ پَکا پُنهونءَ ڄامَ جا، تان وَتَنِ ٿا ويڙانگَ، نَہ ڪا وَسِي وِچَ ۾،…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، ھَلِي ڪَرِ ھِمَٿَ، سِڄُ سامُهُون مُنھَن ۾، ڪَھَ ۾ ڪِجِ مَ ڪَٿَ، سُپيرِيان جي سَٿَ، ڳاڙهي…[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- سُپيرِيان جي سُورَ جي، ڪَنھِن کي دُڪِي دُکَ، ڏُکِيءَ وَٽان ڏُکَ، وَڃَنِ نَہ ويرَ ڪَھِين.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- ڇُلَندِيَسِ سَڀَ ڇَپَرُ، پُٺِيءَ پيرِ پُنهونءَ جي، سيڻَنِ لاءِ سَفَرُ، وَڻِيَمِ ويلَ سَڀَ ڪَنھِن.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- تان وانءُ لَڳي پيرِ، اوڏا جان لامُنِ ۾، جُھ پيٺا ۾ ويڙِھِ، گَهڻا ھَڻَندِينءَ ھَٿَڙا.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- رُڳو رَنجائو، سُپيرِيان جِي ڳالِهڙِي، ڏُونگَرِ ڏولائو، ڏِيندا مُون ڏيرَ وِئا.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- چانڪِ چَڙھَندِيَسِ چوٽِيين، پاڻان لُوٺِيَسِ لَڪَ، سُپيرِيان جا سُکَ، ڪوھُ ڄاڻان ڪَنِ ٿِئا.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ڪوھِيارِي جِي ڪا ماريندِيَمِ ماءَ، جا مَنَ اَندَرِ ڳالِهڙِي، چَڙھان ڏاڍِين ڏُونگَرين، سُپيرِيان جي ساءِ، ھوتَ ھَلَنِ آئُون وِھان، تان…[ سُر حسيني - وايون ]
- جِيئَن ڪَڙو مَنجِهہ ڪَڙي، سو لُھارَ لَپيٽِئو، مُنھِنجو جِيءُ جَڙي، سُپيرِيان سوگهو ڪِئو.[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- ڪُپيرِئان پَري ٿِئا، اَٻُڌي ٻُڌائُون، اُنِهين کي آئُون، ھيرَ ڏِسِي آيو.[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- ڪُپيرِيءَ ۾ پيرُ، ڪَنِي پاتو پيرِيين، جِئان مُنجَهڻُ ماڻُهين، سَڄَڻَ تِئائِين سَيرُ، اِنَ ڀُونءِ سَندو ڀيرُ، ڪوڙيِين مَنجهان ڪو لَھي.[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، نَہ سِڱِيُون سيلِهيُون ڇَڏِ، دُونھِيَئُون دُورِ ٿِي، مَڙِهي مُورُ مَ اَڏِ، سُپيرِيان جي سَڏِ، نانگا اونءُ…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- مَٿان مَنَھَن مُنھِنجي، ڪَنھِن اُڏايو ڪانءُ، ڳِنِهِي آيو ڳالِهڙِي، سَندِي سُپيرِيان، جيڏِيُون جاڙَ ڪِيانءَ، سومِ ھُوندَ سَنِيھَڙو.[ سُر پورب - ڪانگ ]
- پيرِين ۽ ڀانيَين، اِيئَن وِڏو ھِيُئِي ڪانڌُ، ويٺِي وارِ اَرٽَ سين، ڳِچِيءَ پايو پاندُ، تَہ تُنھِنجو وِڙواندُ، ڪِتو وِتو نَہ…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- ڪاپي مان ڪِينَ ٿِئو، جان ڀيرِئُمِ ڀَلِيءَ ڀَتِ ، سُڌِ نَہ آيَمِ سُٽَ جي، پاڻان موڙِھِئَمِ مَتِ، اَندَرِ وَھي اُبَتِ،…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- لوچان ٿِي لاحَدَ ۾، ھادِيءَ لَھان نَہ حَدُ، سُپيرِيان جي سُونھَن جو، نَڪو قَدُ نَہ مَدُ، ھِتِ سِڪَڻُ بي عَدَدُ،…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- ڪا تُون ڪانِيۡ پاءِ، وَنِيُنِ ۾ وِصالَ جِي، دوبِينائِي دُورِ ڪَري، مَعرِفَتَ مَلهاءِ، سُپيرِيان جي سُونھَن ۾ رُخنو ڪونَہ رِھاءِ،…[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- اَلتِيَمِ جا ھِنيان، سا نَہ سَلتِيَمِ ساھَ کي، سُپيرِيان جِي ڳالِهڙِي، لِڪايَمِ لوڪان، ويئِي جَي وَسان، پَڌَرِ پيئِي پِرِينءَ ري.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- سُپيرِيان جي ڳالِهڙِي، اَندَرِ رَھِي نَہ گَهٽَ، جُھ مَھِراڻَ مَوجَ ڪِي، تَہ ڇاڳُرَ سَھي نَہ سَٽَ.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- ويٺو مَنجِهہ وِرگهَہ، لَڪِئو ٿو لاتِيُون ڪَري، پِرِيان سَندي پارَ جي، ڳالِهہ نَہ سَلي ھِڪَ، سُپيرِيان جي سِڪَ، تَنَ ۾…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]