نَئِي بابت
معنيٰ
جهُڪِي، نمي، نِوِڙِي، ھيٺ ٿي.
Bow, lean, dip (as a scale), hang down, incline, tend, pay homage to, bow in submission, yield, give a nod.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڌَڳايومِ ڌَنئِين، ڄيرو اَندَرِ جِندَڙي، لَڳِي سِيخَ وُجُودَ ۾، سَندي نِينھَن نَئِين، مُشاھِدي تَھِين، مُون کي وِڌو مَچَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- جَي ھُو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ ۾، تَہ نَئِي ڏِجي سِينو، ڪِجي نَہ ڪِينو، وَڃِي دَرِ دوسِتَنِ جي.[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، پِرتِ نَئِين پَنڌُ پُورِ، مَيا مَحبُوبَنِ جي، ھَلِي وانءُ حُضُورِ، جي چُڻِڪَن چِتَ ۾، سي ڪِيئَن…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، پِرتِ نَئِين پَنڌُ پَسُ، مَيا مَحبُوبَنِ ڏي، وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ، راتِين ھَلِي رَسُ، کَرَنِ خَبَرَ نَہ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ڪَرَھا ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِکُون وِجُهہ وَڌَندِيُون، ھيڪَرَ حَبِيبَنِ سين، مُون کي نيئِي گَڏِ، مَڇُڻ پُونَئِي ھَڏِ، آھُون اُڪَنڊِيَنِ جُون.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ڪَرَھي کي ڪَئِين، جان وِڌَمِ پَيندَ پَلَڻَ جا، ليڙو لاڻِيءَ کي چَري، نِيَرَ ساڻُ نَئِي، چانگي سَندي چِتَ ۾، ڪا…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتان لاھِ مَ چُرَ، اُنِهين جا اَمُرَ، کَڻُ تَہ خالِي نَہ ٿِيين.[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتَ ۾ ڪَريجِ چيتُ، سِڙَه ڌُئاري صافُ ڪَري، صابُڻَ ساڻُ سُفيتُ، سامُونڊِي سُچيتُ، ٿِيءُ تَہ پَھچين پارَ…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتان چُرَ مَ لاھِ، پِرِيَنِ اَڳِئان پاءِ، پَلئُہ مَڱڻَھارَ جِيئَن.[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتان لاھِجِ چورُ، قَلبَ مان ڪَڍُ تُون، ماري ڪُوڙو ڪورُ، ھُنَ ڀَرِ سَندو ھورُ، مَٿان تو مَعافُ…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چيتاريجِ چِتُ، تَہ دائِما دُورِبِيءَ ۾، پَسِين ولاتُنِ وِتُ، نِيَھُ نِکاري نِتُ، مَلاحَ گَڏِ مُعلِمَ سين.[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتَ ۾ چيتاريجِ، ڇَڏِجِ ڪائي ڪَچَ کي، ڪُوڙُ مَ ڪَمائيجِ، وَکَرُ وِھائيجِ، سَڀَ سوداگَرَ سَچَ جو.[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- نَڪو سُکُ نَکَٽين، نَہ ويساندِ نَئِين، جيڪا اَچي سامُهِين، ڀانيَين سا سَنئِين، مُوڙِيءَ ڪوھُ مَئِين، جِيئَن سَڄِيُون راتِيُون سُمَهين.[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، تَنِ پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ، توکي آرَسُ اَکِيُنِ ۾، پاتا پاڙي وارِيين پَڳَھَ ۾ پاتارَ، پَتَڻُ ٿو پُورَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- پَڳَھَ پاسي گهارِ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جي، وِجِهي جِيءُ جَنجارِ، جِمَ وَڃَنَئِي اوھَرِي.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- پَڳَھَ پاسي پَچُ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جي، مَنَ ۾ ٻاري مَچُ، جِمَ وَڃَنَئِي اوھَرِي.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- ڏَمَ کُٽَنَئِي ڏِينھَن،ويٺو جِيئَن وِلَلِيين، مَڇِيءَ مارَڳَ لائِيا، ھَڏَنِ مَٿان ھِينئَن، سي قَولَ ڀَڃَندِيَسِ ڪِيئَن، جي ٻَڌَمِ ٻيلايَنِ سين.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- پَڪو کَڻِجِ پاڻَ سين، چَڱو چِٽائي، ڪَچو ڏيجِ ڪُلالَ کي، ماڳھِين موٽائي، سو سُڻُ ھِنيَين سين سُهڻِي، جيڪِي فائِقُ فَرِمائي،…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- ھوئِجِ ھوشِيارِ، خَبَرِدارِ، تِرِڪَڻِ آھي تَڙَ ۾، کَڏُون کُوٻا چِڪَ چِڪَندِيُون، تان ڪِي نَئِي نِھارِ، آڌِيءَ سي آکُڙَندِيُون، اَکِيُون جَنِ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ڇَنَ ڇَڏي پَئُہ ٻَنَ، نَئِين ڀَرِ اَڏِ مَ نِجِهرو، ڪانڌَ سَويري نَہ ڪِيَئِي، پَکِي جِي پَرَنَ، مُون جُهڙُ ڏِٺي اُڀَ…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- ڦَکَ کُسَنَئِي ڳِجَهڙِي، لِڱين پوئِي واءُ، اَمِيرَنِ مَٿان، تو ڦُلين ڇائُون نَہ ڪِيُون.[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]
- ھَلَندي ھوتَ پُنهونءَ ڏَي، کُھِجَنِ ڪي کوٽِيُون، پَھَڻُ تَنِي پَٽُ ٿِئو، جٖي لَئي لالَڻَ لوٺِيُون، سَڀَ سھَيلِيُون سِڪَ کي، چُنجِهيُون…[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ڪُتا کينَئِي ڪيچَ جا، سَندا جي پُنهونءَ، اَگھِين ھُوندَ اَسُونھَن، جٖي جانارَنِ يادِ پَئين.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- جَنِي سَندو آھِين، سي جي چُونَئِي ھَڙِ، ڪُتا قَرِيبنِ سين، دعويٰ وِجِهي مَ دَڙ، وِڌُءِ جَنِي وَڙ، تُون ڪيئَن ڏَندَ…[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ھَٿِين پيرِين مُونَڙِيين پُري پَنڌُ پَرَکُ، قَدَمُ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ ڏي، وِجُهہ وَڌَندِي وِکَ، جي ھُونَئِي ھوتَنِ لَکَ، تَہ پَڙِجِ ڪومَ…[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- مَرُ مَٿا ڏيئِي، پُنهون ڪارَڻِ پَٻَ ۾، تَہ سَرَتِيُون سَڀَيئِي، واکاڻِينَئِي ويٺِيُون.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- اُٿِي پَھُ پَرُوڙِ، ساجُهرِ سُپَيرِيَن جو، ڏُونگَرَ ڌَڻِي ڏُورِ جِمَ وَڃَنَئِي نِڪِرِي.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- اَکِيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، ڪَجَلَ ريءَ ڪارِيُون، مَولا ڏِنَئِي مُنھَن ۾، سُونھَنِ سُونھارِيُون، کَڻين جَي کارِيُون، تَہ پِہ سَڃِيندي سُورُ لَھي.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- اُڀي اُڀارِئامِ، نَکَٽَ سَڀَ نَئِي وِئا، ھِڪُ مَيو ٻِئو مَينڌَرو، سَڄِي راتِ سارِئامِ، ڳوڙھا ڳَلِ ڳاڙئامِ، جَڏھِن سُورَجَ شاخُون ڪَڍِيُون.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- وَڳَرَ ۾ وائِي، ڪالَهہ، تُنھِنجِي ڪُونجَڙيِ، سَرَ ۾ سارِينَئِي گهَڻو، ڀينَرُ ۽ ڀائِي، پَسين نَہ ڦاھِي، جا مارِيءَ سَندي مَنَ…[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- ڌَڻُ ڌارَڻُ ڌارَ رَھَڻُ، اِيءَ نَہ سَنگهارَنِ سِٽَ، ڪاھي اِيندا ڪَڏِھِين، مَٿي وانڍ وَھِٽَ، جي ھاڻُو ھُونَئِي مِٽَ، تَہ پِہ…[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- روھَ نَہ ويئِيَنِ راتِ، ڪُونجَلَ ڪوھُ ڪُڻڪين، ٻَچا ٻاتاڙا ٿِئا، وائِي ڪَنِ نَہ واتِ، سَرَ ۾ سارِينَئِي گهَڻو، تو جَنِي…[ سُر ڏھر - وايون ]
- اوٺِي ڳوٺِي آڻِيين، ڪو ھُتي جو ھِتِ ھيرَ، تَہ ڪِنا ڪوٽَنِ جا، ٿِيَنِ سُرَھا سيرَ، آءُ تَہ اَکِيين اُگَهان، جَي…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- آءُ اُڏامِي ھَنجَڙا، سَرَ ۾ سارِينَئِي، مَڇُڻ مارِينَئي، پاريڙِي پَھُ ڪَري.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- اُڏَءُ آڏِتُ اُڀِرِئو، وانءُ وِھاڻِيءَ ڀَؤُنرَ، سي چيتاريجِ چِتَ ۾، جٖي ڪَنڊا ڌاري ڪَؤُنرَ، مَتان مارِينَئِي ٽَؤُنرَ، تو لَنئُن لَڳو…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]