سَرُ بابت
معنيٰ
ٻُوڙي جو قسم. سر جي ڪاني مان ٺهيل تير. ٻاڻ، تير، ٽينگر، پيلو.
A kind of reed or grass from which a kind of cord munj is made. Saccharum sara. A wooden arrow.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَرُ جو سَڃِئو، سَڄَڻين، ڀَرُ ڀيڏيءَ ڏيئِي، تَنھِن ڪانَ ڪَرنگهَرُ ڪَپِئو، ڦَکَنِ سِينءَ پيھِي، جيرا جِگرَ بُڪِيُون، پاساڙا ٻيئِي، ويڄَنِئان…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- سَرُ جو سَڃِئو سَڄَڻين، تَنھِن لورِيءَ لوھُ ٻِئو، لَڳي ڪانُ ڪَپارَ مان، ڪَڙَڪو ڪُندَ ڪِئو، مَنجهان مُون وَھِئو، گَهائِيندو گَهٽَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- سَرُ جو سَنڌِئو سَڄَڻين، سِينڱ مَنجهان سيلو، ٽينگرُ ٽِڪِئو ڪِينَ ڪِي، پارِ لَنگِهئو پِيلو، ھَڻَڻَ سان حِيلو، جانِبَ جيڏوئِي ڪِئو.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- سَرُ جو سَنڌِئو سَڄَڻين ٻَنگان ٻاڻُ ڀَري، وِئو وُجُودان نِڪِرِي ڪَڙِڪَڙِ ڪانُ ڪَري، پُڇو پيرَ ڀَري، تَہ ڪِ ٺَرِئو ھَٿُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اَندَرِ رُومِي راءُ، ماڻُهو اِتِ ڪِئا، مَنڊُ نَہ پَسِين مَنڊِئو.[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جِي رُوءِ، جَنِي ڏِٺِي جُوءِ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جي راحَتَ، جَنِي ڏِٺِي سَٿَ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، رومِيءَ جِي رِھاڻِ، پھرِين وِڃائَڻُ پاڻُ، پوءِ پَسَڻَ پِرِينءَ جو.[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، رُومِي جو آھي، تاڙيِ جَي لاھي، تَہ مَنجِهين مُشاھِدو ٿِئي.[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جِي اوطاقَ، جي ڀَڃين دَرُ فِراقَ، تَہ مَنجِهين مُشاھِدو ماڻِيين.[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺي وِھِجِ دَرُ، پِريِن پُڇَندَءِ پاڻِهيِن،لَھَندين سَرُ سُڀَرُ، اُنِهيِن جو اَثَرُ، رَھبَرُ ٿِيندُءِ راھَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- ڏِٺي جادَمَ جَکِري، چِتِ نَہ ٻِئا چَڙَھنِ، تَہ ڪوھُ کُوھَ کَڄَنِ، جُھ سَرُ لَڀي سُڀَرو.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- تَڙِ تَڙِ ڪِيمَ تَرَسُ، سَرُ نِھارِجِ سُڀَرو، ڏِيندُءِ لَکَ لَطِيفُ چئَي، راڄِ راھُوءَ جي رَسُ، وِلِها جَنھِن وَنِهِئان ڪِئا، پاڳَ…[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- جَو تو ڀانيو ھارُ، سو سُورَنِ سَندو سَنگهِرو، چَنيسَرُ چِتُ کَڻِي، ٿِئو پورِھِيَتِ جو پارُ، اَڻَ وَڻَتِ جو آچارُ، شَلَ…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ڀينَرُ ڀِنِيءَ راتِ، مُون چَنيسَرُ چِتُ ۾، سُتو لوڪُ نِنڊُون ڪَري، مُون پِريان جِي تاتِ، سَڄَڻُ سِينءَ پِرڀاتِ، مَنان مُورِ…[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- چَنيسَرُ چَورَنگُ، ٻِہ رَنگُ لوڪُ ٻِئو، تَنھِن سين ڇِنِئو سَڱُ، وَڃِئو ھارُ ھَٿِ ڇُھين.[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- ڀينَرُ ڀيرِئو داسَڙو، چَنيسَرُ چئَي، ھِيءُ جو ڏَنڀُ ڏُھاڳَ جو، سَگهان ڪو نَہ سَھِي، مُون کان تان پَئِي، تُون کَمين…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- سَچُ ڪِ سُڪو ڍورُ، ڪَنڌِيءَ اَڪَ ڦُلارِئا، جُنگَنِ ڇڏِئو زورُ، سَرُ سُڪو سُونگِي گَيا.[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]
- وَڳَرَ اُڪِيري، سَرُ سارِئو سُورَ چَري، جُهري جِهڄَندي ڏي، سَنِيھا کي سَڄَڻين.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- جِتي گهورِئو گهاتُوئين، تِتي وارِيءَ بُٺَ، سَرُ سُڪو سُونگِي ڳَيا، سَھِسين ساٽِي مُٺَ، سي پِڙَ پَسِئو پَٽَ، ماڻُهو وَڃَنِ موٽِئا.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- ھَنجَڙا ھيلاڊُ ٿِي، گُونُون مَ گهوريجِ، پَسِي لُڙَ ڊَھڪِيُون، پَکَ مَ لَمائيج، سو سَرُ ساڱائيجِ، جِتِ پارَکَ ٿيندي پَکِيين.[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- پَکَنۡ سين پاڻُ ھَڻِي، اُڏاڻو آڪاسِ، سو سَرُ مَڻي ھَنجَڙو، جِتي پِرِين سَنداسِ.[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- ڪُسَرَ ڪَنگَنِ قَبَرُون، سُسَرُ ساڱاھيجِ، ھَنجَ ھُتي جِي ڳالِهڙِي، ٻَگهَنِ سين مَ ٻوليجِ، ماڙي تُون مَريجِ، چَئِجِ مَ ڪَنھِين چُنجَ…[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- سَرُ وِڃايو سُرَھو، ڪُوڙَنِ ڪانيرَنِ، آڌِيءَ راتِ اُٿِي ڪَري، دَدا دانھُون ڪَنِ، سَندِي ذاتِ ھَنجَنِ، مُنھُن کوڙي موتِي چُڻي.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- ھَنجَ مِڙيئِي ھَنجَ، ميرو مَنجِهنِ ناھِ ڪو، جِتي پوئينِ سَنجَهہ، سو سَرُ ڪَندا سُرَھو.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- ڪَسَنِ ۾ ڪوھُ ڦِرين، گَسَنِ ۾ مَ گُذارِ، وَڃِي وَحَدَتَ وِيءَ ۾، گُونُون ڇَڏي گهارِ، شَرِيعَتَ جو سَرُ لَهِي، تَنُ…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- سو پَکِي سو پِڃِرو، سو سَرُ سوئِي ھَنجُ، پيھِي جان پَرُوڙئو، مُون پانھِنجو مَنجُهہ، ڏِيلَ جَنھِن جو ڏَنجُهہ، سو مارِي…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]