مَدِي بابت
معنيٰ
بُرائي، بُڇڙائي، خرابي، بَدي، مَندائي. دشمني، ويرُ، بدخواهي . ڊوھُ، دغا، ٺڳي، ڪُپت، فريب.
Destruction, injury, ruin, evil, badness. Covert hostility.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڀَلا ئِي آھِينِ، پِرِين ڀَلائِيءَ پانھِنجي، سَٻاجها سِرِ چَڙِهي، ڏوراپو نَہ ڏِينِ، جَي مُون ڏانھَن مَدِيُون ٿِيَنِ، تَہ سَڄَڻَ سَڄايُنِ…[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي ڪَري جوڙَ جَبارُ، پاڻِهين وِجهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين اُڪاري آڌارُ، جَھازُ جَوھَرِيءَ جو، تَنھِن کي…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- مَدِيُون ڪَندي مانَ، ڪَنِي ڪَڏِھِين نَہ ڪِئا، مَٺِيُون جَنِ جي مَنَ ۾، سي ھَڏِھِين ٿِئا حَيرانُ، بُرا ٿِئا بَيرانُ، ٻيڙو…[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- مَدِيُون ڪَندي مانَ، ڪَنِي ڪَڏِھِين نَہ ڪِئا، چَڱِيُون جَنِ جي چِتَ ۾، سي ھَڏِ نَہ ٿِئا حَيرانَ، جي جَنِي جا…[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ، يا اَمُنَ اَمانَ ، اي اِلاھِي! يا اِلاھِي!، ٻاجَهہ ٻيلاٽِي ڀايان، ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناھِ ڪو، اَپَرِ ٿِئا…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- ڏِٺو مُحَرَمُ ماهُ، سَنڪو شَھزادَنِ ٿِئو، مَڪي مَدِيني ماڻُهين، رُنو مَٿي راھَ، تَنھِن واحِدَ کي واھَ، جو حُڪُمَ ھِھَڙائِي ڪَري.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- مُحَرَمُ موٽِي آيو، آيا تانۡ نَہ اِمامَ، مَدِيني جا ڄامَ، مَولا مُون کي ميڙِيين.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- مُحَرَمُ موٽِي آيو، موٽِيا تان نَہ اَمِيرَ، مَدِيني جا مِيرَ، ڏاتَرَ مُون ڏيکارِيين.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- مِيرَ مَدِينِئان نِڪرِي، ديرا ڏِنائُون، ڪاٺِيءَ پاڻِيءَ، گاھَ کي، ماڻُهو مُڪائُون، چَڙَھَندي چَيائُون، ٿِيندِي ويڙِه وَڏاندَرِي.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- مِيرَ مَدِينِئان نِڪرِي، رِڙِھِئا مَٿي رَندَ، گهوڙا تَنِ گهوٽَنِ جا، پُرِئا مَٿي پَنڌَ، جِتِ رَھَندا راتِڙِي، سي سُونھارا ھَنڌَ، ڪُلَها…[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- مِيرَ مَدِينِئان نِڪرِي، آيا نَہ موٽِي، ڪارا رَڱِجِ ڪَپِڙا، اَدا نِيروٽِي، آئُون تَنِي لَئِہ لُوٺِي، جي مِيرَ مُسافِرَ رانئئا.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- آيو عَلِي شيرُ، مَرڪِئو مَدِيني ڌَڻِي، سُونھاري سَيِّدَ ري، ڪوٽَ ڀَڃَندو ڪيرُ، شيرَ وَٺِتو ويرُ، پِڙَ ۾ پَوارا ڪَري.[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- چَنڊَ وِھاڻَيءَ چَڙِهئا، مَلَ مَدِينا مِيرَ، تَنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَرُون، ڪُندَ ڪَٽارا ڪِيرَ، عَلِيءَ پُٽَ اَمِيرَ، ڪَندا راڙو رُڪَ…[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]
- چَنڊَ وِھاڻِيءَ چَڙِهئا، مَلَ مَدِينا گهوٽَ، تَنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَرُون، ڪُندَ ڪَٽارا ڪوٽَ، عَلِيءَ پُٽَ اَموٽَ، ڪَندا راڙو رُڪَ…[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]
- چَنڊَ وِھاڻِيءَ چَڙِهئا، مَلَ مَدِينا ڄامَ، اُنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَروُن، نيزا ۽ نِيشان، عَلِيءَ پُٽَ اِمامَ، ڪَندا راڙو رُڪ…[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]
- اوڏِي آيَس جانۡ پِريان جي پيچِري، ويجهِي وِندُرَ جَنِ وَرَنِ، مَدِي نَہ ھُيَنِ مَنَ ۾، ڪيچان ڪوھُ اَچَنِ، جٖي تو…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ڇَپَرِ اوتارا ڪَري، سينڌِي ٿِي مِرُنِ، ڪامُون ھَڻِئو ڪَرَھا، ڪاھِيو ڪيچِ وَڃَنِ، مُون سين ڪيرَ ھَلَنِ، مَدِي رَکَنِ مَنَ ۾.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ساھي ٻَڌي سَندِرو مَٿي بَرَ بَندِي، آھُون لاءِ آرياڻيءَ، وَڃي ڪيچِ ڪَندِي. مَولا ڪا مَ مَدِي، سُڻِيان ھوتَ بَلوچَ جِي.[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- ڪَمِيڻِيَنِ ھَٿان، ٿِيَنِ مُوراھِين مَدِيُون، تُون ڪَرِ پاڻَ وَڙان، موٽُ سَٻاجها سُپِرِين.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، مُومَلَ مَتِ ٿِئو، تو جو ڪالَهہ ڪِئو، تَنھِن مَدِيُون ميٽي ڇَڏِيُون.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- جَي مُنھَن ۾ مَدِيُون نَہ ڏيِين، تو ۾ ٻَڌِيَسِ تي، ڍولا جٖي ڍَڪيَئي، سي مَڇُڻ عَيبَ اَپَٽِيين.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- جَي مُنھَن ۾ مَدِيُون نَہ ڏيِين، تو ۾ ٻَڌِياسِ، سوڍا اِنَ سُھاڳَ کي، ويٺي واجهاڻِياسِ، ڍولا تو ڍَڪِياسِ، ڏيئِي پاندُ…[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- ڏيئِي پاندُ پَناھَ جو، ڍَڪَ ڪِي ڍولِي، ڏِسِي عَيبَ اَکِيُنِ سان، باجَهہ ڀَرِئو نَہ ٻولِي، ڪَچِيُون ڪَمِيڻِيَنِ جُون، خاوَندُ نَہ…[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- پائي پاندُ ڳِچِيءَ ۾، اَڱَڻِ جي اَچَنِ، مُنھَن ۾ مَدِيُون تَنِ کي، ڏِسَڻَ سان نَہ ڏِجَنِ، اَوَڳُڻَ عَيبَ مُٺايُون، ڍَڪَڻُ…[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- مُون ۾ عَيبَ اَپارَ، يارَ سَتارَ، آئُون جا، طامِعِ آھِيان توھَ جي. اَمُرَ اوڏِي نَہ وَڃان، نَھِيءَ ڪِيَسِ نِڪارَ، ھِنَ…[ سُر بلاول - وايون ]
- مُون نِماڻِيءَ کي، يا اَلا، ڍولِيو مَ ڍيلي، ڍولِيو ڍيلَڻَ سَندِيُون، وايُون وَرُ ڪَري، مَڇُڻ عَيبَ اُپَٽِيين، ڍولِيا جي ڍَڪِيَئي،…[ سُر ليلا - وايون ]
- مَدِيني جا مِيرَ، سُڻُ سَندا مُون سَڏَڙا، جٖي سَرَڻِ تُنھِنجِيءَ سِيرَ، سي پارِ لَنگهاءِ پَھِيڙا.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- مَدِيني جا ڄامَ، سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا، نَنڍا وَڏا اُمَتِي، اوڀائِيين اَڀامَ، سَرَڻِ تُنھِنجِيءَ سامَ، پارِ لَنگهائِيين پَھِيَڙا.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- مَدِيني جا گهوٽَ، سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا، اَجهي تُنھِنجي اوٽَ، پارِ لنگهائِيين پَھِيڙا.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- مَدِيني جا گهوٽَ، سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا، ڪَرِ مُحَّمَدَ موٽَ، عاصِي تُنھِنجي آسِري.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- مَدِيني جا شيرَ، سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا، ڀَرِ مُبارَڪَ پيرَ، عاصِي تُنھِنجي آسِري.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- مَدِيني جا شاھَ، سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا، ڪارَڻِ لَڳِ اللهَ، سِگهو رَسِجِ سيگَهہ ۾.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- مَدِيني جا ڌَڻِي سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا، تُنھِنجِي آھِ تَڻِي، ٻِي ڪَنڌِي سارِيان ڪا نَہ ڪا.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- مَدِيني جا ڌَڻِي، سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا، خَطائُون کَڻِي، ڏِٺا ڏوھَ بَخشِيين.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- وَنءُ مَدِيني مَڱڻا، اَکِيُون پيرَ ڪَري، جِتِ ماڻِڪِي مُحَّمَدَ مِيرَ جِي، جَهرڪِيو جوتِ ڪَري، پَسِئو جوتِ جَمالَ جِي، جِتِ اُمَتِيَنِ…[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- مَرَڪِئو مَدِينو، ڀَڳا ڪوٽَ ڪُفارَ جا، ڪُفرُ ٿِئو ھِيڻُو، وَڌِيو دِينُ رَسُولَ جو.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- اللهَ کَرَ جِيَنِ، مَدِي جَنِ جِي مَنَ ۾، اَسان ۽ پِرِيَنِ جُون، اُمِيدُون پَسَنِ، تِھان پوءِ مَرَنِ، سَڙِي اِنهين سُورَ…[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- پَرچَنِ شالَ پَنوَھارَ، ڍولا مارُو مُون سين، پائي آيَسِ پاندَ ۾، اَوَڳُڻَ عَيبَ اَپارَ، مُون مُورائِين مَدِيُون، آھِين سيڻَ سَتارَ،…[ سُر مارئي - وايون ]