ٻيلِي بابت
معنيٰ
ساٿي، سنگتي، رفيق. حال ڀائي، غمخوار. همراھ، واهُرو، مددگار. پورهيت، ڪمي. رکوال.
A companion, associate, comrade, assistant, a servant.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ، يا اَمُنَ اَمانَ ، اي اِلاھِي! يا اِلاھِي!، ٻاجَهہ ٻيلاٽِي ڀايان، ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناھِ ڪو، اَپَرِ ٿِئا…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- ٻانڌِي جَي ٻيلِي ٿِيين، تَہ حالُ ڳَرَھِيان ھِيءُ، سَگهو ساعَتَ نَہ جِندَڙو، جَرَ ري مُنھِنجو جِيءُ، سانوَڻُ سِيارو ڀانيان، وَھِ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ڪَنڌِيءَ جَهلِيو ڪانھَنۡ، عاشِقُ آھُون ڪَري، تو ڪِيئَن ٻوڙِي سُهڻِي، ٻيلِي مُنھِنجِي ٻانھَنۡ؟ دَرياھَ تو تي دانھَن، ڏِيندُسِ ڏِينھَن قِيامَ…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- نَڪِي ساھَڙُ سارِيان، نَڪِي ٻيلِي ڏَمُ، اَچِي پييُمِ اوچِتو، ساڻُ ڪُنَنِ ڪَمُ، ڀيڙِيِينُ مَنجِهہ ڀَرَمُ، آگا رَکُ اَتارِ جو.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- اَڱُ پَسِي رَڱُ ٿِئو، ڪو جَو دَورُ دِلي، ٻَرِ ٻَرِ ٻيلِي نَہ ٿِئو، ڪَچو مَنجِهہ ڪِلي، جِيئَن تَران تِيئَن تارِ…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- تَنَ کي ڪَڍي تارِ مان، صُلِحُ ساھَڙَ جو، اُتِ آڏو اَچي ڪِينَ ڪِي، ٻيلِيَپو ٻي جو، ميھارَ ڪِجِ مُنھِنجو، ڪو…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- جَڏھِن ٻُڏِيُون جٖي، سُڪِيءَ جي سانباھَ ۾، ساھَڙُ تَنِي کي، ٻيلِي ٻِنِهِي ڪَنڌيِين.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- حَسَنُ ناھِ حُسينَ وَٽِ، ٻيلِي نَہ ٻاھُون، ساڻيھُ شَهزادَنِ جو، آھي آڳاھُون، يَزِيدَ جُلاھُون، تيلان ڪَرِيين تَڪِڙِيُون.[ سُر ڪيڏارو - عليءَ جو اولاد ]
- پِرھَ پَکِي آيو، ڪَربَلا مان ڪالَهہ، آيو آلودو رَتَ ۾، ھئَي ھئَي مَنجهان حالَ، گهوٽَ وَناھِيا ڪالَهہ، ٻيلِي مِيرَ حُسينَ…[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- مَھِندِ مُحتاجِي ڪَري، پُٺِيءَ پيرُ کَڻيجِ، ڪُٻيلِياڻِي ڪيچَ ڏي، حُجَ مَ ھَلائيجِ، پاڻَ ڌاران پِريَتَڻو، سَسُئِي ساڻُ کَڻيجِ، اوڏِي عَزازِيلَ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- جُٽَ پِٽي پِھُ جَهنگِ، ھاڙِھي پُڇُ مَ ھوتَ کي، سُورُ سُٻيلِي سَسُئِي، لَڪُ تَھِين سين لَنگهِہ، سُپيرِيان جي سَنگِ، مُنڌَ…[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- ڪَرَھا مَ ڪاھِيو مِيان ڪيچِي، آئُون آرِياڻِيءَ عَرَضُ چَوَندِي، ڪَري ھوتَ ھَلَڻَ جِي، لُوٺِيءَ کي مَ لَڄايو، وَسِيلو وِلِهِيءَ جو،…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ مِينھَن پَوَنِ ماڪُون، سُڄَنِ ٿِيُون سَيِّدُ چئَي، ھاڙِھي جُون ھاڪُون، جِتِ اينڌِيُون اوطاقُون، اُتِ ٻاتاڙَنِ…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، لَڳِي اُڃَ اُساٽَ، مَولا اُتِ مِينھَنِ جِي، ڇَپَرَ وِجِهجِ ڇاٽَ، ھَلَنِ سَنگِ سَيِّدُ چئَي، ڪيچِيَنِ جا…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- مَنزَلَ دُورِ مَنُ تَنھا، جِتِ ٻيلِي ناھِ ٻِئو، ھَئَي ھيڪلو جِندَڙو، پَھڻَنِ مَنجِهہ پِئو، اِيءُ قَضا ڪَمُ ڪِئو، رَسِجِ رَھبَرَ…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- جَتا شالَ جِيو، جِيو ٿا جاڙُون ڪَرِيو، ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٻيلِي ناھِ ٻِئو، ڇِنَڻُ تان نَہ پِئو، ھِيءُ سَڱُ…[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- ڇَپَرُ ۽ ڇَمَرُ، ٿا لَڳَھَ لَڳَنِ پاڻَ ۾، آئُون پِيادِي پَٽِيين، نِماڻِي نِڌَرَ، اَرڏا ڏُونگَرَ ڪَرڪِرا، ويڌَ وِنگايُون وَرَ، سوڙِھا…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- ٻيلِي ناھِ ڀَنڀورَ ۾، تَنھِن سَسُئِيءَ جو صَحِي، ڏَمَرُ ڏيرَنِ مَنَ ۾، ڪَندا مُنڌَ ڪُھِي، لَنگهائي لَطِيفُ چئَي، کَڻِجِ ڄامَ…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- ٻيلِي ٿِئو مِرُوئا، تَہ ڏُونگَرَ ڏورِيان پِرِينءَ لاءِ، ھَڏُ وِجَهندِيَسِ ڇَپَرين ماھُ آن جو ڳاھُ، اَکِيُون ڇَڏيجا، جَنِ سان پَسان…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- آئُون تي ڇُلان مَٿي ڇَپَرين، جي ٻاروچي ٻاجَهہ گهَڻِي، آئُون پَنھِنجي پِرِينءَ سين، ويندِيَسِ واڳَ وَڻِي، مَرُجان پوئِيمِ مُنھَن ۾،…[ سُر ديسي - وايون ]
- سَسُئِي سِڄُ وِئو، ڏِجِ وَراڪو ويڙِھ ۾، آرِياڻِيءَ پُنهونءَ جو، ڏُونگَرِ ڏَسُ پِئو، آرَسُ جَنِ ڪِئو، اُٺَ نَہ ٻيلِي اُنِ…[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- ڏِجِ وَراڪو ويڙِه ۾، سَسُئِي وَڏي سُورِ، آرَسُ جَنِ اَسُورِ، اُٺَ نَہ ٻيلِي اُنِ جا.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- ڏِجِ وَراڪو ويڙِه ۾، سَسُئِي وَڏِي سَتِ، جَنِي مُوڙِھِي مَتِ، اُٺَ نَہ ٻيلِي اُنِ جا.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- ٻيلِياڻِي ٻَروچَ، ڏِنِي سِڪَ سَسُئِيءَ کي، لوڪَ وِچان ئِي لوچَ، پَهچائي پُنهونءَ کي.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- تَنِ سُورَنِ کي شاباسِ، جَنِي مُونسين گهارِئو، ھُئا ھَماري پاسِ، ٻيلِي ٿِئَڙَمِ ڇَپَرين.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- وَسِي وِساڻِيُون، رَتو روئِي پِرِينءَ کي، پييُون کَڻَنِ پَٻَ ڏي، نَظَرَ نِماڻِيُون، سي ڪِيئَن ٻيلِياڻِيُون، جَنِ وِيندو ھوتَ نَہ وارِئو.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- ڏُونگَرَ تان ٻيلِي، ڏِجي ٻَنِ ٻيلِيَنِ ري، سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي، سُورَنِ سَھيلِي، چوٽِي چَنبيلِي، جِيئَن تِيئَن جهاڳي اُکَتِي.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ٻيلِيَنِ ڌاران ٻَنِ، ڏِجي ڏُونگَرُ جيڏِيُون، وَڌِيَسِ وَراڪَنِ ۾، ڪيرائي ڪَھُن، ٿِيَسِ مَنجهان تَنِ، پييُون پُڇائِينِ جي.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- جيڏِيُون جي مان وِسَهو، تَہ ڪِينَ سُٻيلِي سُکُ، بَرُ بورائُو تَنِ جو، ڏُونگَرَ جَنِي ڏُکُ، آرِيءَ جو اَھُکُ، رَھنُما راھَ…[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ٻَرِي تَہ ٻيلِي گَهڻا، ساٿِي پُڇي سُکُ، رَفاقَتَ رِڃُنِ ۾، ڏُونگَرِ ڪَري ڏُکُ، آرِيءَ جو اُھُکُ، رَھنُما راھَ ٿِئو.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ڇا کي وَڃِئو ڇو، ٻيلِي رَھين ٻِئَنِ جو، وَٺُ ڪَنجَڪَ ڪَرِيمَ جِي، جَڳَ ۾ آھي جو، سَھکو ھُوندو سو، جَنھِن…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- جَنھِن جو ڌَڻِيانَ ڌارَ، ٻيلِي ناھِ ڀَنڀورَ ۾، ڪَمِيڻِيءَ جِي ڪانَہ ڪِي، ساٿَ لَڏِيندي سارَ، عالَمَ جا سَردارَ، وارِجِ واڳَ…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- ٻانڊو ٻيلِي نَہ ٿِئو، وَرِي اَڄُ وِئو، پيٽِرُ پَنڌِ پِئو، سُونھاري سَيِّدَ ڏي.[ سُر بلاول - وڳند ]
- ٻي دَرِ وانءُ مَ ڪيڏانھِين، جو تُون ڄامُ مَڱَندين مَڱڻا، ڦيرِ مَ ڪَنڌُ ڪِياڙِي، ٿِيندِي حاجَ ھِنئائِين، ماڻِڪَ موتِي مالَ…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]
- ٺَڪَ مَ رَھِجِ ٺَنڀِجِي، ٺَرِيءَ پاسِ ٺَرِي، ٻيلِيَنِ ساڻُ ٻَرِي، مُنھُن پِٽي مَريجِ تُون.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]