سيڻَنِ بابت
معنيٰ
محبوبن، مُحبن، سڄڻن، عزيزن، مِٽَن، مائٽَن، سڱيڻن.
Friends, relatives, beloveds, pals.
بيتن ۽ وائين ۾
- مَنجهان مَچَ مَچُ ٿِئا، چَڙِهئو چَڪاسِينِ چاھَ، اِيءَ پَرِ آڳَڙِيَنِ جِي، ٻِي ڇَڏِيائُون واھَ، سيڻَنِ جِي صَلاحَ، سِرَ ڏِنائُون سَٽِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- ڪَنھِن چَيُئِي تَہ پاءِ، پيرُ پِريان جي پيرَ ۾، سيڻَنِ سُورُ سُھاءِ، تُون سُکَنِ جُون سَڌُون ڪَرِين.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- تُون سُکَنِ جُون سَڌُون ڪَرِين، سيڻَنِ سُورُ سُھاءِ، اَنگُهنِ جِيءُ اَڙاءِ، جانۡ نالو ڳِيَڙءِ نِينھَن جو.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- جَڏَڙو جِيءُ جِيارِئو، پِرِيَنِ جِي پَچارَ سيڻَنِ جِي سَنڀالَ، اُڃِئو تَنُ عَمِيقَ مان، پِرِيَنِ پُوڄُ پِيارئو. سَنئُون مُنھَن ڪَري سُپِرِين،…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- جَا پيشانِيءَ ۾ پِرِينءَ کي، نِشانِي نيڻَنِ، شَمسُ نَہ سيڻَنِ، آئُون ڪِيئَن قَمَرُ پاڙِيان؟[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- ڪَرَھَلَ پائي لَڄُ، ڪوھُ نَہ ويئِيئَن اُنِ سين، اُجارِيائُون اولِيُون، ڌُئاريائُون ڌَڄُ، مَتان وِھين ويسَلِي اُٿِي ڀُورَلِ ڀَڄُ، سيڻَنِ ساجُهرِ…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- آڌِيءَ تي اُٿِيان کامِيو مَٿان کَٽَ، پَسو پاڻِيءَ جا ڪِي، مُون سين لاھو لُٽَ ، سيڻَنِ جي سَھَٽَ، پارُ سُونھايُمِ…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- آگَمَ اِي نَہ اَنگَ، جِھَڙو پَسَڻُ پِرِينءَ جو، سيڻَنِ ريءَ سَيِّدُ چئَي، رُوحَ نَہ رَچَنِ رَنگَ، سَھِسين ٿِئا سارَنگَ، جانِي…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، ٿِئا وَلَهارِيءَ وِيءَ، سِجُ چَنڊُ نَہ پاڙيان، سيڻَنِ جي شَبِيھَ، جي جانِي اَندَرِ جِيءَ، سي پِرِين…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ، سيڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي، جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سَندو گُنگن گَسُ، ڏوٿِي ڏِيندا ڏَسُ، توکي ٻاروچَنِ جو.[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- ڏيھُ ڏِيھائِين ڏُورِ، پَرَ ڏيھان پَري ٿِئو، سيڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي، پيئِي پَراھين پُورِ، تُون ٿو وَڃين ھوتَ حُضُورِ، مُنھِنجو جِيئَڻُ…[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- جيڏِيُون آئُون تان نَہ چَوَندِي لو، ڏُکُ ڏوراپو سيڻَنِ جي صَريِحُ، سَڱا وَڃَنِ سَرَتِيُون، مِنَٿَ موٽَنِ مانَ، ڀينَرُ ڀِيڻِي حُجَ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ڏُکِيءَ توءِ ڏُڪارُ، سيڻَنِ ڏيھُ سُڪارِئو، ٻاروچاڻُو پارُ، سَڀوئِي سُواءَ سين.[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- اولاڪَنِ اَچي، مَعذُورِ کي مارو ڪِئو، وِساريج مَ وَرَ کي، مَنجهان ڪُڙِه ڪَچِي، لاھي لاڳاپا لَنگِهہ تُون، سيڻَنِ ڏُونھِن سَچِي،…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، وِئا روڏا رِنگائي، رَھِيَسِ رَسُ لَطِيفُ چئَي، تَنھِن ڪَمِيڻِيءَ ڪاھي، ساڱاپي سيڻَنِ جي، ٿِي وِندُرِ واجهائي،…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- آيَلِ اوطاقُون، ڪَري ڪيچِي ھَلِئا، سُڪِيُون نَہ سيڻَنِ جي، ماڳَنِ تان ماڪُون، نِسورِيُون نائُڪُون، سَڃي ھَلِئا سُورَ جُون.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- وَرِئو واءُ وِصالَ جو، ڏيرَنِ ڏِھائِي، مُون کي مُڪِي سَڄَڻين، سيڻَنِ سَرَھائِي، اوڏِي آئُون آئِي، لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي.[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- شَما بُروا زِيرِ ڪَنِي، سَڄَڻَ لَڳِ خُدا، چَشِما تي ڪُش مَران، تيري نيڻين ڪِئا گهاءَ، آئُون ڪِيئَن مَٽِيان ساءُ، سيڻَنِ…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- ھوتَ نَہ ڀانيُمِ ھِيئَن، مارِي سَڄَڻَ تُنھِنجي نِينھَن، ڇَڏي تُون ڪو ڇَپَرِ ويندين، لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏاڍا تَپَنِ ڏِينھَن، جُهونگارِيندي…[ سُر ديسي - وايون ]
- ويندِيَسِ ڪيچِ ڪَھِي، سيڻَنِ ساڻُ صَحِي، ڀينَرُ آئُون جِيئَندِيَسِ تان نَہ جَتَنِ ري، وِھان ڪِيئَن ماٺِ ڪَري، ھيڏو سُورُ سَھِي،…[ سُر ديسي - وايون ]
- ڏُونگَرَ ڏِجو ڏَسُ، مِيآن ڪو پيچِرو پُنَهَلَ جو، سيڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي، وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ، مَتان ڇورِي ڇَڏِيين، سَندو گنگِنَ گَسُ،…[ سُر ديسي - وايون ]
- ڪيچِي وِئَڙا ڪالَهہ، تُون اوڳِي اَڄُ نِھارِيين، سيڻَنِ تو نَہ سَنڀالَ، تُون ٿِي سارِينِ تَنِ کي.[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- ڇِپُون ڇَپَرَ کَٽَ، پَھَڻَ پَٿِراڻِيُون ڀايان، جِتي رَھان راتِڙِي، مِرُون مُون مائِٽَ، سيڻَنِ جِيءَ سَھَٽَ، ڏُونگَرُ مُون ڏُئِلِي ٿِئو.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- ڇُلَندِيَسِ سَڀَ ڇَپَرُ، پُٺِيءَ پيرِ پُنهونءَ جي، سيڻَنِ لاءِ سَفَرُ، وَڻِيَمِ ويلَ سَڀَ ڪَنھِن.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- تو جو ڏِٺو پيرُ، سُڃاتُئِي نَہ سيڻَنِ جو، ٻِئو پُڇَندِينءَ ڪيرُ، سوئِي تو سُونهُون ٿِئو.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ڪَلَ نَہ پييَمِ ڪا تَہ ڪو ھوتُ وَٺِي ويندا، اَدا ڏيرا، ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڀانڀَڻِ ڪَري ٻيرا، پَسان شالَ اَکِيُنِ…[ سُر حسيني - وايون ]
- ھيرائِي ھَٿِ ڪِئو، ھِينئَڙو حَبِيبَنِ، ٻَڌِي ڪَچِيءَ تَندُ ۾، سَلاڙِئو سيڻَنِ، جُوڌا پيچَ پِرِيَنِ، تَہ ھِينئَڙو ھَٿِيڪو ٿِئو.[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- لافُون لَکَ ھَڻَنِ، سَھِڄِ پَئِي سيڻَنِ جي، ڏِسان ڪيرِ ڏِيَنِ، جوڙي جِيءُ پِرِيَنِ تان.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- جوڳَ نَہ جوڳو تُون، ڪَرِيين پَچارُون جوڳَ جُون، ھِڪو پَنڌُ پِرِيَنِ جو، ٻِي تُنھِنجِي ڀُون، سامِي سيڻَنِ ڏُونھِن، رُوَندا ئِي…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- اَچِئو اَچِئو پُونِ، واڪا ڪِئو وَڻَنِ ۾، سَنِيھا سيڻَنِ جا، چوٽِيءَ چَڙِهئو چُوَنِ، ڪانگَ نَہ ڪُوڙا ھُونِ، پِريان سَندي پارَ…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- زاغَ تُنھِنجي ذاتِ جو، ٿورو مَٿي مُون، اُڏامِجِ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، صُبحِ سيڻَنِ ڏُونھُون، ڪَري وينَتِيُون وِتَرِيُون، ٻاجهائِجِ ٻَھُون، ”لالَڻَ ڪونَہ…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڪَنڊا تو وَٽان، سَچُ ڪِ سيڻَنِ لَڏِئو، مَڃَرُ تو مَٿان، ڇَڻِئو پوئي ڇُڳِيين.[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]
- ڪِي سُمُهہ ڪِي جاڳُ، نِنڊَ نَہ ڪِجي ايتِري، سيڻَنِ جو سُھاڳُ، نِنڊُون ڪَندي نَہ ٿِئي.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- آيُون اَڳِيئَن ھيرَ، اَصلَ سَندي آسِري، پِڙَ ۾ پَسان نَہ پيرَ، سيڻَنِ ساجُهرِ لَڏِئو.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- ڪِي جَو وَڃِي اَڄُ، اَکِيُون پَسِي آيُون، سيڻَنِ جي سَھَڄَ، لالُون ڪِيُون لَطِيفُ چئَي.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- پِرِيَنِئُون پوءِ، موٽِي موٽِي نَہ وِھاءِ راتِ، راھَ رَمَندَڙِي روءِ، ڦوڙائو فَقِيرِ کي، قادِرَ ڪوھُ ڏِنوءِ، چَڙِهئا ڏاڍين ڏُونگَرين، سيڻَنِ…[ سُر آسا - وايون ]
- لوھَ جا پُونِ لَھِي، نِيَرُ نَہ لَھي نِينھَن جو، ڪُنجِيُون جٖي قُفلَنِ جُون، سيڻَنِ ھَٿِ صَحِي، وِئَڙا راڄَ رَھِي، ماڳو…[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- چَڙِھِي چَڪا سَرَ پارَ، جان مُون نيڻِين گهَڻو نِھارِئا، ھَنجَنِ ٻَڌِي ھارَ، مُنھِنجَنِ سيڻَنِ سَرلَو لَنگهِئو.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]