تَڙَ بابت
معنيٰ
ڪنارا، ڪنڌيون. ڪنھن واھ يا درياءُ وغيرہ جي ڪنارن وارا اُهي هنڌ جتان پاڻي ڀرجي، وهنججي يا چوپائي مال کي پاڻي پيارجي، گهيڙ، گهاٽ. ٻيڙين بيھڻ جون جايون، پَتڻ. اهي هنڌ جتي مڇي ماري گڏ ڪئي وڃي، مِياڻ. جر تائين پھتل کوھ.
Bathing, washing the body. Landing places, watering places, places for washing etc.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪوٺَڻُ قَرِيبَنِ جو، عَينُ تَڙَڻُ آھِ، اِيءَ اُلِٽِي ڳالِهڙِي، سِکُ وَرَندي ساھِ، آسَرَ ھَڏِ مَ لاھِ، ڇِنَڻُ ڳَنڍَڻُ اُنِ جو.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- کَنڀاتَڙِي تَڙَ وَرِي، اُڀِي تَڙِ واجهاءِ، مانَ ڏِينھُون ڪا، سُواڌائِي سَڄَڻين.[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- جٖي اُونِهي وِئا اوھَرِي، اللهُ سي واري، آئُون اُنِ آساري، تَڙَ پُوڄارِي آھِيان.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- سامُونڊِي ساري، مَٿي تَڙَ گُذارِيان، مُون کي ٿِي ماري، تَنِي سَندِي ڳالِهڙِي.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- اُڀِيُون تَڙَ پُوڄِينِ، وَھُون وَڻِجارَنِ جُون، آڻِيو اَکا ڏِينِ، کَٿُورِي سَمُنڊَ کي.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- جَنِي ڪارَڻِ مُون، تَڙَ پُوڄارا پُوڄِئا، پُنِيَمِ اُمِيدُون، سيئِي سَڄَڻَ آيا.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- آئُون جَنِ آساري، مَٿي تَڙَ گُذارِيان، مُون کي وِساري، شالَ نَہ وَڃَنِ اوھَرِي،[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- مُون اُڀي تَڙَ وَٽِ، پِرِيَنِ پَڳَھَ ڇوڙِئا، ڪا مُونھِين ۾ گهَٽِ، نَہ تَہ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻو.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- مُون اُڀي تَڙَ ھيٺِ، پِرِيَنِ پَڳَھَ چوڙِئا، ڪا مُونھِين ۾ ڏيٺِ، نَہ تَہ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻو.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- مُون اُڀي تَڙَ جَهلَ، پِرِيَنِ پَڳَھَ ڇوڙِئا، ڪا مُونھِين ۾ اَلَ، نَہ تَہ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻو.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- مُون اُڀي تَڙَ پاسِ، پِرِيَنِ پَڳَھَ ڇوڙِئا، ٿِئا سَڻاوا، سِيرَ تي، دَمِ دَمِ دُعا ڪَندِياسِ، آھَ نَہ لاھِيندِياسِ، موٽِي ايندا…[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃَڻَ جُون، مُون بِيٺي ئِي ھَلِئا، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ، سَرَتِيُون سُورُ سَندُنِ، مُون مارِيندو ڪَڏِھِين.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي، سِڙَه سِبِي ساڄا ڪَري، کُوھا کَنيائُون، بيرَقُون بَحرَنِ ۾، چوڙي ڇَڏِيائُون، لَهرِيُون لَنگِهيائُون،…[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي، مُلا مُعلِمَ خَبَرُون، پُڇِي پُوريائُون، سُتَڙُ سُوٺائُون، اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِيا.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي، سَرَتِيُون سامُونڊِيَنِ جُون، ڌَڳِيُون ڌَڄائُون، آيَلِ تَنِ آئُون، موٽِيو ڪِينَ وِسَهان.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي، کُوھا سِڙَه اولِيُون، قَلِمِيُون ڪِيائُون، پُنِيُون مُدَعائُون کَنڊَ کيڙائُون آيا.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- اَڃا اَسارِي، مَٿي تَڙَ گُذارِيين، تو ڪِيئَن وِسارِي، سَنگَتِ سامُونڊِيَنِ جِي.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- ماءَ وِلائِتي آيا، تَڙَ ٿا تَنوارِينِ، وايُون وَڻِجارَنِ جُون، جِيءَ کي جِيارِينِ، کِلِيو کِيڪارِينِ، جَنِي سيڻَ سَلامَتَ آيا.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- تَڙَ نِھارِئان تي مُنھِنجا بَندَرِ وِئَڙا جٖي، مانَ سِڙَه سُڃاڻان سَڄَڻين، گهَڻو اُڪَنڊِي آھِيان، پِرِينءَ پَنھِنجي کي، کَٿُورِي سَمُنڊَ کي،…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- گهَڙَنِ وارِيُون تَڙَنِ تي، گهِڙَنِ گهَڻيئِي، سَڀَڪا چئَي سُهڻِي، لَئي پِريان پيئِي، صُباحَ سَڀَيئِي، پَسِبِيُون پاتارَ ۾.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- سَندا سَنگهارَنِ جي، ڪَنڌِي ڪَنَ ڏِنامِ، آسانگي اَرواحَ جي، اُڀي تَڙَ تَڪِيامِ، وَڏِي ويرَ لَڳِيامِ، گهِڙان گهورِئو جِندَڙو.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- جِتي ڀيرَ ڀِرَنِ، ڀَرِيُون پَوَنِ ڀَواريُون، تانگهَہ نَہ لَڌِي تارُئين، مَپُ نَہ ماٽِيَڙَنِ، ڪَنڌِيءَ اُڀا ڪيتِرا، سِيڻاھِيا سَنڪَنِ، تُون ڪِيئَن…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- جَرَ تَڙَ تِکَ تَنوارَ، وَڻَ ٽِڻَ وائِي ھيڪَڙِي، سَڀَيئِي شَيءِ ٿِئا، سُورِيءَ سَزاوارَ، ھَمَه مَنصُورَ ھَزارَ، ڪِھَڙا چاڙِھي چاڙِھيان.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- اَچِي اولَڙِي ڪيرَ ڪيرَ، وَٽان پاڻِيءَ وارِيين، نالي سُڄي سُهڻِي، ذاتِ نِڄاڻان ڪيرَ، گَهڙي گهورَ نَہ جَهلِي، پَٽِ نَہ کُتِسَ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ھوئِجِ ھوشِيارِ، خَبَرِدارِ، تِرِڪَڻِ آھي تَڙَ ۾، کَڏُون کُوٻا چِڪَ چِڪَندِيُون، تان ڪِي نَئِي نِھارِ، آڌِيءَ سي آکُڙَندِيُون، اَکِيُون جَنِ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- مَدَتَ ٿِيءُ ميھارَ يارَ، ساھَڙَ سائِرَ سِيرَ ۾، اُونها ڪُنَ اَتانگهَہ تَڙَ، اولِي ھَڻُ آڌارَ، ڏِينھَن ڏُھلا ڏَمَ سين، آئُون…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ڪَري ھَڪَلَ ھُوءِ، اُتَران ٿِي آيُون، ڀَري تَڙَ تَرايُون، جوڙي ھَلِيو جُوءِ، پَسو جا پَٽَنِ ۾، کَٿُورِيءَ خُوشِبُوءِ، وَڃِي رُوبَرُوءِ،…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- ميندِي لاوڻُ ڏي، جِيوين شاھَ ميندِي لاوَڻ ڏي، قاسِمَ شاھَ سيجَ وِڇاوَڻُ ڏي، ميندِي تَيڏِي رَنگُلِي، چوَٽا لالُ گُلابُ، ماءُ…[ سُر ڪيڏارو - وايون ]
- جَي سِجهائِي سِڪَ، تَہ پُڻ سِڪي سِڪَ کي، پِيتائِين پُنُوھَ کي، ھَڏِ نَہ ڀَڳِيَسِ ھِڪَ، اِنَ تَڙَ مَنجهان تِڪَ، ڏِني…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- سَسُئِي سَڄِيائِي سِڪَ، تَہ پُڻ سِڪي سِڪَ کي، سَڄُئِي پيتائِين پُنُوھَ کي، ھَئَي نَہ ڀَڳِيَسِ ھِڪَ، اِنَ تَڙَ مَنجهان تِڪَ،…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- پَھَڻَ پُرياڌي پَٻَ جا، جَبَلَ جِتِ جاڏا، توڏَنِ جا تَڙَ ڀِيڙَ ۾، کُپَنِ مَ کاڏا، اَچَنِ جي آڏا، لَڪَ سَوَلا…[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- گورا وَڃَنِ گامَ، ڏيرَنِ سَندي ڏيھَ تي، توڏَنِ جُون تَڙَ ڀِيڙَ ۾، تَرِيُون تَرٽِجَنِ تان مَ، اوٺِيئَڙا آرامَ، لَنگهي پَٻُ…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- سونَ وَرِنِيُون سوڍِيُون، رُپي راندِيُون ڪَنِ، اَگرَ اوطاقُنِ ۾، کَٿُورِيُون کَٽُنِ، اوتِيائُون عَنبِيرَ جا، مَٿي تاڪَ تَڙَنِ، ٻاٽَنِ لاھُوتِي لَطِيفُ…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- آئُون ٻانِهي ٻايُون ٻِيُون، تَڙَ مِڙيئي تارِ، لَکين لڊُوڻي ڪَنڌِيين، نِينھَن نِهايُون نارِ، وَھِٽَ اِتاھِين وارِ، اَڳِئان گُجَرِ ٿِي گَزَ…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- جَڙَ گهوڙا ڀَڙَ گهوٽِيا، تَڙَ جُون تَڪُون ڪَنِ، نَوَ ڄَڻِيُون ناتَرِيُون، پانوڙِيُون پُڇَنِ، ھي گهَرَ سَندائِي ڪَنِ، ڇا نالو گامَ…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- ڏيرَنِ مُل ڏاڍائِي، يا اِلاھِي، آئُون آسُونھِين اَوَتَڙَ آڏا، چُوڻُو چُڻَنَ آئِيا، پَکِيَڙا پَرَڏيھِي، سَوَلِي ڪَرِيين سَچا ڌَڻِي، اَڳِئان اُونداھِي،…[ سُر آسا - وايون ]
- ڍيٻَرَ ڪَتَنِ ڍيريُون، ڏاسَ جَنِي ڏاجو، پِيَنِ پِسُ پَنوَھارِيُون، تَڙَنِ تي تازو، اللهَ ڪَرِ آجو، مُلڪُ مارُوءَ ڄامَ جو.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- ڀِنِيءَ ٿا ڀُڻڪَنِ، اوڙَڪَ اَباڻَنِ جا، چَڙَهِيُون کَڻِئو چَوڦَرِيُون، ساٺِيڪا سِنجَنِ، تَسِيارِيُون تَڙَنِ تي، پايو گَهنڊَ گهِڙَنِ، سَويرِيُون سَھڙَنِ، کِي…[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ جو، سَدا اَٿِم سُورُ، سِنجن ساٺِيڪَنِ تي، مَٿي تَڙَن تُورُ، سَندو ساڻيھَ سُورُ، سو مُون آهي سُومَرا.[ سُر مارئي - سيئي سارئان سومرا ]
- عُمَر آندِي مارِئُي، مَٿان تَڙَ تَڙي، جُسو زَنجِيرُن ۾، راتو ڏِينھَن رَڙي، قَيدَنِ مَنجِهہ ڪَڙي، سَڱَ نَہ وَٺِجَنِ سُومَرا.[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- ويڙِهيچَنِ ڏي آئُون ويندِي، ڏيھَ ڏاڏاڻي پَکَڙين، جُهپو جهانگِيَڙنِ جو، ماڙِيءَ سين نَہ مَٽيندي، پُسِي کِيندِيَسِ پيٽَ ۾، ڏورا ڏَنُ…[ سُر مارئي - وايون ]
- تَڙِ تَماچِي آيو، مَٿي تَڙَ تَنھا، اِيندي پيَسِ اوچِتِي، نُورِيءَ تي نِگاھَ، تَنھِن کي گَندرِي چَوَڻُ گُناھُ، جَنھِن جي جهولِيءَ…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- تُون تَماچِي تَڙَ ڌَڻِي، آئُون مُھاڻِي مي، کِکِيءَ ھاڻِيُون کارِيُون، حالُ مُنھِنجو ھي، مُون ڏُھاڳُ مَ ڏي، آئُون نالي سُيَسِ…[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]
- تُون تَماچِي تَڙَ ڌَڻِي، تُون تَماچِي تَڙَ راءُ، تَماچِيءَ جي تَڪِيي، تُون تَماچِي ڳاءِ، تَہ تُون تَماچِياءُ، تَماچِي تَڙَ لَھين.[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]
- تُون تَماچِي تَڙَ ڌَڻِي، آئُون گَندَرِي غَرِيبِ، تو سان ڄامَ قَرِيبِ، ڪِي ڏَنُ ڇَڏائي ڏيجِ مُون.[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]
- ڪالَهہ ڪِيائُون ڪُوڻِيُون، اَڄُ ٿِي ڪُمُ ڪَري، ھِتان ھَلِيُون ھيڪَلِيُون، ڀاڪُرَ ڀَنَ ڀَري، تَماچِيءَ جي تَڙَ تي، سَڀَڪا ڏَنُ ڏي،…[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]