تَڙَ جي سنڌي معنيٰ
ڪنارا، ڪنڌيون. ڪنھن واھ يا درياءُ وغيرہ جي ڪنارن وارا اُهي هنڌ جتان پاڻي ڀرجي، وهنججي يا چوپائي مال کي پاڻي پيارجي، گهيڙ، گهاٽ. ٻيڙين بيھڻ جون جايون، پَتڻ. اهي هنڌ جتي مڇي ماري گڏ ڪئي وڃي، مِياڻ. جر تائين پھتل کوھ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Bathing, washing the body. Landing places, watering places, places for washing etc.
تَڙَ جا بيتن ۾ حوالا
تُون تَماچِي تَڙَ ڌَڻِي، تُون تَماچِي تَڙَ راءُ،
تَماچِيءَ جي تَڪِيي، تُون تَماچِي ڳاءِ،
تَہ تُون تَماچِياءُ، تَماچِي تَڙَ لَھين.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 9 ]
تَماچِيءَ جي تَڪِيي، تُون تَماچِي ڳاءِ،
تَہ تُون تَماچِياءُ، تَماچِي تَڙَ لَھين.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 9 ]
ھوئِجِ ھوشِيارِ، خَبَرِدارِ، تِرِڪَڻِ آھي تَڙَ ۾،
کَڏُون کُوٻا چِڪَ چِڪَندِيُون، تان ڪِي نَئِي نِھارِ،
آڌِيءَ سي آکُڙَندِيُون، اَکِيُون جَنِ ڪَپارِ،
مُون سُئو مَلاحَنِ کان، تَڙَ اَڙانگا تارِ،
پَڪو کَڻِجِ پاڻَ سين، پِرِين تُنھِنجو پارِ،
کُوءِ آتَڻُ، ٻَنِ جيڏِيُون، ڏيراڻِيون ڏُئَارِ،
ھوتُ ھَلَندِنِ کَٽِئو، وِھَڻُ مُنڌَ وِسارِ،
ويندي واٽاڙُوئَن کي، پَٽِيءَ ڪِيمَ پَچارِ،
پُوندِيئَن مُنھِن، ميھارَ جي، ڏَمَ وَٽِ ڏِينھُن مَ گهارِ،
ساھَڙَ کي سُڻُ سُهڻِي ٻِڇَلِ آڏِي ٻارِ،
تارِ تَرَندِينءَ لُڙُ لَنگهَندينءَ عِشقَ جي آڌارِ،
پاندُ مَ ڇَڏجِ پِرِينءَ جو، پِھِين جي پاتارِ،
ٿِيندُءِ سَڏُ ساھَڙَ جو، توڏِي ٿِيءُ تيارِ.
[ سُر سھڻي، وايون، 16 ]

کَنڀاتَڙِي تَڙَ وَرِي، اُڀِي تَڙِ واجهاءِ،
مانَ ڏِينھُون ڪا، سُواڌائِي سَڄَڻين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 13 ]
مانَ ڏِينھُون ڪا، سُواڌائِي سَڄَڻين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 13 ]
جٖي اُونِهي وِئا اوھَرِي، اللهُ سي واري،
آئُون اُنِ آساري، تَڙَ پُوڄارِي آھِيان.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 12 ]
آئُون اُنِ آساري، تَڙَ پُوڄارِي آھِيان.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 12 ]
سامُونڊِي ساري، مَٿي تَڙَ گُذارِيان،
مُون کي ٿِي ماري، تَنِي سَندِي ڳالِهڙِي.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 19 ]
مُون کي ٿِي ماري، تَنِي سَندِي ڳالِهڙِي.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 19 ]
تَڙَ نِھارِئان تي مُنھِنجا بَندَرِ وِئَڙا جٖي،
مانَ سِڙَه سُڃاڻان سَڄَڻين،
گهَڻو اُڪَنڊِي آھِيان، پِرِينءَ پَنھِنجي کي،
کَٿُورِي سَمُنڊَ کي، اَکا ڏِيان آڻي،
اُڀِي اوسَھَ پايان، ڪارَڻِ وَڻِجاري،
آسائِتي آھِيان، اللهَ ڪانڌُ اَچي.
[ سُر سامونڊي، وايون، 2 ]

اُڀِيُون تَڙَ پُوڄِينِ، وَھُون وَڻِجارَنِ جُون،
آڻِيو اَکا ڏِينِ، کَٿُورِي سَمُنڊَ کي.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 11 ]
آڻِيو اَکا ڏِينِ، کَٿُورِي سَمُنڊَ کي.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 11 ]
جَنِي ڪارَڻِ مُون، تَڙَ پُوڄارا پُوڄِئا،
پُنِيَمِ اُمِيدُون، سيئِي سَڄَڻَ آيا.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 12 ]
پُنِيَمِ اُمِيدُون، سيئِي سَڄَڻَ آيا.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 12 ]
آئُون جَنِ آساري، مَٿي تَڙَ گُذارِيان،
مُون کي وِساري، شالَ نَہ وَڃَنِ اوھَرِي،
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 1 ]
مُون کي وِساري، شالَ نَہ وَڃَنِ اوھَرِي،
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 1 ]
مُون اُڀي تَڙَ وَٽِ، پِرِيَنِ پَڳَھَ ڇوڙِئا،
ڪا مُونھِين ۾ گهَٽِ، نَہ تَہ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻو.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 5 ]
ڪا مُونھِين ۾ گهَٽِ، نَہ تَہ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻو.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 5 ]
English Meaning
Bathing, washing the body. Landing places, watering places, places for washing etc.