تَڙُ جي سنڌي معنيٰ
ڪنارو، واھ پاسي گس يا رستو، ڪنڌي. ڪنھن واھ، درياءُ وغيرہ جو ڪناري وارو اُهو هنڌ جتان پاڻي ڀرجي، وهنججي يا چوپائي مال کي پاڻي پيارجي، گهيڙ، گهاٽ. ٻيڙين بيھڻ جي جاءِ، پَتڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A landing place, watering place, way or place for washing etc.
تَڙُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَنھِن جَنھِن گهيڙِ گِهڙِي، جِيئَن اَوَتَڙان تَڙُ ٿِيوسِ،
اُھِسُ اَکَڙِيُنِ ۾، پِريان جو پِيوسِ،
سالِمُ ويئِي سُهڻِي، ڪُنَنِ ڪِينَ ڪِئوسِ،
حَقان حَقُ ٿِيوسِ، ھُئِي طالِبِ حَقَ جِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 5 ]
اُھِسُ اَکَڙِيُنِ ۾، پِريان جو پِيوسِ،
سالِمُ ويئِي سُهڻِي، ڪُنَنِ ڪِينَ ڪِئوسِ،
حَقان حَقُ ٿِيوسِ، ھُئِي طالِبِ حَقَ جِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 5 ]
توڏِي توڙائِين، نِينھَن نَوازِي سُهڻِي،
ڳِچِيءَ ھارُ حَبِيبَ جو، لائِقُ لَڌائِين،
سو تَڙُ سُوٺائِين، جيڏاھَن عالَمَ آسِرو.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 9 ]
ڳِچِيءَ ھارُ حَبِيبَ جو، لائِقُ لَڌائِين،
سو تَڙُ سُوٺائِين، جيڏاھَن عالَمَ آسِرو.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 9 ]
ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، ھِيءَ تان جُنبِي جوءِ،
ھِنَ پاڻِيءَ سين پانھِنجو، مُورِ نَہ مَٿو ڌوءِ،
جَي پِرِينءَ پاسي ھوءِ، تَہ توڏِيءَ ڪَرَ تَڙُ ڪِئو.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 3 ]
ھِنَ پاڻِيءَ سين پانھِنجو، مُورِ نَہ مَٿو ڌوءِ،
جَي پِرِينءَ پاسي ھوءِ، تَہ توڏِيءَ ڪَرَ تَڙُ ڪِئو.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 3 ]
روضي تان رَسُولَ جي، ڪِئو وِڄَڙِيُنِ وارو،
ھادِي ڀَرِ حُڪُمَ سين، ھِيءُ تَڙُ تاسارو،
ڀَرِيائِين ڀيرَ پَئِي، نَظَرَ سين نارو،
نَبِيءَ نِظارو، پِيَ پَسايو پانھِنجو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 13 ]
ھادِي ڀَرِ حُڪُمَ سين، ھِيءُ تَڙُ تاسارو،
ڀَرِيائِين ڀيرَ پَئِي، نَظَرَ سين نارو،
نَبِيءَ نِظارو، پِيَ پَسايو پانھِنجو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 13 ]
مَينڌَرو مَھمانُ، مُون گهَرِ اَچِي جَي ٿِيي،
تاڻي تَنُورَنِ ۾، ڀيري ھَڻان ڀاڻُ،
آڻي جهوڪِئان آڳِ ۾، ڄيري وِجهان ڄاڻُ،
پِئُڪَنِ سُوڌو پاڻُ، گهَرُ تَڙُ گهورِيان پِرِينءَ تان.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 28 ]