تَڙي جي سنڌي معنيٰ
نيڪالي ڏئي، تڙيندي، هڪلي، ڀڄائي، ڊوڙائي. لوڌي، ڌڪي، پرتي ڪري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To turn out or away, drive off, expel, dismiss from service.
تَڙي جا بيتن ۾ حوالا
تَڙي طَبِيبَنِ، گهايَلُ گهَران ڪَڍِئو،
چِڪِئا چاڪَ چِيھُون ڪَري، ڪَڙِيُون مُورُ نَہ ڪَن،
دوسِتَ دَرسَنَ تُنھِنجي، وِڌو ٺارُ ٺَپَنِ،
وِرِچِئو ويڄَ وَڃَنِ، آءُ تَہ پِريَمِ اُٿِيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 23 ]
چِڪِئا چاڪَ چِيھُون ڪَري، ڪَڙِيُون مُورُ نَہ ڪَن،
دوسِتَ دَرسَنَ تُنھِنجي، وِڌو ٺارُ ٺَپَنِ،
وِرِچِئو ويڄَ وَڃَنِ، آءُ تَہ پِريَمِ اُٿِيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 23 ]
تُون مُنھِنجو آھِين، توکي تَڙي ڪيرُ،
لِکَ سين وِڌُءِ ويرُ، مَرُ سِکَنِ سُھاڳِڻِيون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 12 ]
لِکَ سين وِڌُءِ ويرُ، مَرُ سِکَنِ سُھاڳِڻِيون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 12 ]
عُمَر آندِي مارِئُي، مَٿان تَڙَ تَڙي،
جُسو زَنجِيرُن ۾، راتو ڏِينھَن رَڙي،
قَيدَنِ مَنجِهہ ڪَڙي، سَڱَ نَہ وَٺِجَنِ سُومَرا.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 11 ]
جُسو زَنجِيرُن ۾، راتو ڏِينھَن رَڙي،
قَيدَنِ مَنجِهہ ڪَڙي، سَڱَ نَہ وَٺِجَنِ سُومَرا.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 11 ]
English Meaning
To turn out or away, drive off, expel, dismiss from service.