تَڙِ جي سنڌي معنيٰ
ڪناري تي، ڪنڌيءَ وٽ. ڪنھن واھ، درياءَ وغيرہ جي ڪناري واري اُن هنڌ جتان پاڻي ڀرجي، وهنججي يا چوپائي مال کي پاڻي پيارجي، گهيڙ، گهاٽ. ٻيڙين بيھڻ جي جاءِ، پَتڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Bathing, washing the body. A landing place, watering place, place for washing etc.
تَڙِ جا بيتن ۾ حوالا
ويٺِي ڪِينَ وِساري، ديوانِي دِلبَرَ جانِي،
جَنھِن کي سِڪَ ساھَڙَ جِي، سا گهايَلِ گهَرِ نَہ گهاري،
ڏَمُ ڏُھِلو ڏُکِئو، سِرَ ۾ سونٽا ماري،
ٻيلي پارِ ٻُرِنِ جي، تَنِ کرَڪَنِ وِڌِيَسِ کاري،
ٻيلي ٻِنِهِي ڪَنڌِيين، مُحِبُ مينھِيُون ٿو چاري،
ھُوءِ ھُونگارُون پُون پُڪارُون، تَڙِ تَڙِ دوسِتُ تنواري،
ھُوءَ جا پِڪَ پِريمَ جِي، آھِيان تَنھِن آساري.
[ سُر سھڻي، وايون، 14 ]

تَڙِ تَڙِ ڪِيمَ تَرَسُ، سَرُ نِھارِجِ سُڀَرو،
ڏِيندُءِ لَکَ لَطِيفُ چئَي، راڄِ راھُوءَ جي رَسُ،
وِلِها جَنھِن وَنِھِئان ڪِئا، پاڳَ تَنھِين جي پَسُ،
ڪوڙيِين لاھي ڪَسُ، جُھ ڳالَهائي ڳاٽُ کَڻِي.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 13 ]
ڏِيندُءِ لَکَ لَطِيفُ چئَي، راڄِ راھُوءَ جي رَسُ،
وِلِها جَنھِن وَنِھِئان ڪِئا، پاڳَ تَنھِين جي پَسُ،
ڪوڙيِين لاھي ڪَسُ، جُھ ڳالَهائي ڳاٽُ کَڻِي.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 13 ]
پَرچَنِ شالَ پَنوَھارَ، ڍولا مارُو مُون سين،
پائي آيَسِ پاندَ ۾، اَوَڳُڻَ عَيبَ اَپارَ،
مُون مُورائِين مَدِيُون، آھِين سيڻَ سَتارَ،
اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، تَڙِ تَڙِ پيئِي تَنوارَ،
عَيبَنِ ڀَرِي آھِيان، سَتُرُ ڪَرِ سَتارَ،
[ سُر مارئي، وايون، 2 ]
پائي آيَسِ پاندَ ۾، اَوَڳُڻَ عَيبَ اَپارَ،
مُون مُورائِين مَدِيُون، آھِين سيڻَ سَتارَ،
اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، تَڙِ تَڙِ پيئِي تَنوارَ،
عَيبَنِ ڀَرِي آھِيان، سَتُرُ ڪَرِ سَتارَ،
[ سُر مارئي، وايون، 2 ]
کَنڀاتَڙِي تَڙَ وَرِي، اُڀِي تَڙِ واجهاءِ،
مانَ ڏِينھُون ڪا، سُواڌائِي سَڄَڻين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 13 ]
مانَ ڏِينھُون ڪا، سُواڌائِي سَڄَڻين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 13 ]
ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي اللهُ ڪَري،
پاڻِهين وِجِهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين ڪَنڌِي نِئي،
سُتَڙِ سي ڍوئي، جٖي تَڙِ تَوائِي مَڪُڙا.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 22 ]
پاڻِهين وِجِهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين ڪَنڌِي نِئي،
سُتَڙِ سي ڍوئي، جٖي تَڙِ تَوائِي مَڪُڙا.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 22 ]
وَکَرُ وَڻِجارا، پاڻَ پَرائو چاڙِھِيو،
اَچِي لَهرِيُون لَڳِيُون، ٻيڙي ٻَپارا،
جاڳو جَي يارا، تَہ تَڙِ تَوائِي نَہ ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 2 ]
اَچِي لَهرِيُون لَڳِيُون، ٻيڙي ٻَپارا،
جاڳو جَي يارا، تَہ تَڙِ تَوائِي نَہ ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 2 ]
تُنَ تنيدو آءُ، مَکِ ڏِھاڙِي مَڪُڙِي،
سانباھِي سَمُنڊَ جِي، مَلاحَ مُورِ مَ لاھِ،
اَڄُ ڪِ سَنجَهہ سَندِياءِ، اُھُرَندِي اَتانگهَہ تَڙِ.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 7 ]
سانباھِي سَمُنڊَ جِي، مَلاحَ مُورِ مَ لاھِ،
اَڄُ ڪِ سَنجَهہ سَندِياءِ، اُھُرَندِي اَتانگهَہ تَڙِ.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 7 ]
وچِينءَ جان ويھِي، جَرِ پَلَئُہ پايان،
تَڙِ ٻيڙا گهَرِ سُپِرِين، اوسَهَہ اِيءَ پيئِي،
وَڻِجارا سين وَکَرين، سَرَھا سَڀَيئِي،
حُرِمَتَ ساڻُ حَبِيبَ جي، سُنگِيا نَہ سيئِي،
پاڻِهِين او پيھِي، کَنڊَ کيڙائُو آيا.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 13 ]
تَڙِ ٻيڙا گهَرِ سُپِرِين، اوسَهَہ اِيءَ پيئِي،
وَڻِجارا سين وَکَرين، سَرَھا سَڀَيئِي،
حُرِمَتَ ساڻُ حَبِيبَ جي، سُنگِيا نَہ سيئِي،
پاڻِهِين او پيھِي، کَنڊَ کيڙائُو آيا.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 13 ]
نَہ سي تَڙِ خُراڪَ، نَہ وايُون وَڻِجارَنِ جُون،
سَرَتِيُون سامُونڊِيَنِ جا، اَڄُ پُڻ چِڪِيَمِ چاڪَ،
مارِينِھُون فِراقَ، پاڙيچِيُون پِرِيَنِ جا.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 10 ]
سَرَتِيُون سامُونڊِيَنِ جا، اَڄُ پُڻ چِڪِيَمِ چاڪَ،
مارِينِھُون فِراقَ، پاڙيچِيُون پِرِيَنِ جا.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 10 ]
جَرِ تَڙِ ڏِيا ڏي، وَڻَ ٽِڻَ ٻَڌي وانئُٽِيُون،
اَلا ڪانڌُ اَچي، آسائِتي آھِيان.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 23 ]
اَلا ڪانڌُ اَچي، آسائِتي آھِيان.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 23 ]
English Meaning
Bathing, washing the body. A landing place, watering place, place for washing etc.