اَکَڙِيُنِ بابت
معنيٰ
اکين، نينن، عينن، پيار سان اکين کي سڏڻ جا ٻول
Eyes

بيتن ۽ وائين ۾
- وِئا جي عَمِيقَ ڏي، مُنھِن ڪائو ڏيئِي، تَنِ سِپُون سوجهي ڪَڍِيُون، پاتاران پيھِي، پَسَندا سيئِي، اَمُلَ اَکَڙِيُنِ سين.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- مُون ۾ تُون مَوجُودُ، آئُون اَسُونھِين آھِيان. ماڻُهنِ جي موٽَڻَ جو، سائِينءَ ھَٿِ سُجُودُ، جيلاھَ رَسِئا بُودَ کي، تيلاھَ ٿِئا…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، تان ڪِي تَرُ ھِنيان، اَدَبُ اَکَڙِيُنِ کي، ڏِھاڙِي ڏِيان، مُون کي ميھارَ مِيان، سَنئُون سُونھايو پيچِرو.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- ڪَنھِن جَنھِن گهيڙِ گِهڙِي، جِيئَن اَوَتَڙان تَڙُ ٿِيوسِ، اُھِسُ اَکَڙِيُنِ ۾، پِريان جو پِيوسِ، سالِمُ ويئِي سُهڻِي، ڪُنَنِ ڪِينَ ڪِئوسِ،…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- آيَلِ اَمَڙِ توءِ جِيئان، جَي مُون سارِينِ سُپِرِين، سَنئُون سُونھائِيين پيچِرو، ميھارَنِ مِيان، گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِيو، تان ڪِي تَرُ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- وَسَڻُ اَکَڙِيُنِ جان، جي تُون سِکِيين مِينھَن، تَہ ھُوندَ راتو ڏِينھَن، بَسِ بُوندُنِ کان نَہ ڪَرِين.[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- اَڄُ پُڻ اَکَڙِيُنِ، پَنھِنجا سَڄَڻَ سارِئا، ڳَلَنِ تان ڳوڙَھنِ جُون، بُوندُون بَسِ نَہ ڪَنِ، سَندِي سِڪَ پِرِيَنِ، لوڪَ ڏِٺِي نَہ…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- ڪوٺي ڪُٺائُون، اِنَ پَرِ اَکَڙِيُنِ سين، ماسُ وِراھي ھَلِئا، ڪَرنگهَرُ ڇَڏِيائُون، وَتَوَاْصَوْاْ بِٱلْحَقِّ وَتَوَاصَوْاْ بِٱلصَّبْرِ اِيئَن اُتائُون، کِلي گهايائُون، مُرڪِي…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- کوڙي کَڻُ مَ سُپِرِين، کَنيَئِي تان کوڙِ، اَھلَ اَکَڙِيُنِ جِي، نيئِي نِباھِجِ توڙِ، مُون ۾ عَيبَنِ ڪوڙِ، تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- ڍاٽِي گَهڻا اَچَنِ، مَنُ سوڍَلَ وِندَسِئو، ڪا جَا لائِي مَينڌَري، لالِي کي لِڱَنِ، راڻو اَکَڙِيُنِ، ڪَنھِن قَولِ نَہ وِسِري.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- راڻا تُنھِنجِي ريھَ، مُون کي اَکَڙِيُنِ ۾، آئُون تَنھِن گهورِي ڏيھَ، جِتي تُنھِنجو تَڪِيو.[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- سوڍي مُنھِنجي ساھَ سين، جيڏِيُون جِيئَن ڪِئو، ڪَڙِي مُون ڪاڪِ ٿِي، آتَڻُ وِسَرِئو، پَسان ڪِينَ ٻِئو، تَنھِن ريءَ اَکَڙِيُنِ سين.[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- سوڍي سِرُ نِيو، ھِتِ ڪَرنگهَرُ سَکِڻُو، راڻِي جِيءَ رِھاڻِ کي، پَچي تَنَ پِئو، مَنُ مَينڌَري وَڍِئو، ڌُٻِي ڌَڙُ پِئو، پَسان…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- جاڳِي اَکَڙِيُنِ، تو اوجاڳو نَہ ڪِئو، اَکڙِيُون پِرِيَنِ کي، ٽَھَ ٽَھَ ڪِئو ٽِمَنِ، تُون اناسِي اوجَهرين، ھُوءِ ٿا ھوتَ ھَلَنِ،…[ سُر کاھوڙي - وايون ]
- آديسِيَنِ اَدَبُ، آھي اَکَڙِيُنِ ۾، تَنِ جو حَسَبُ نَسَبُ ناھِ ڪِي، نَہ اَبائِي نَہ اَبُ، سامِيءَ کي سَڀَين پَريين، رُوحَ…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- اَرَتو اَکَڙِيُنِ ۾، مَٿي ڳَلَنِ ڳاڙَ، ڪوري ڪَنَنِ وِچَ ۾، ڦَچَ ڏِنائُون ڦاڙَ، ھَڻِي توبَهَ تاڙَ، نانگا نِسورا ٿِئا.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- تَنِ اَکَڙِيُنِ آئُون اَڙائِي، ٻَڙِي جيڏِيُون، ڪَنھِن دَرِ ڏِيان دانھَڙِي، ڦِڪِيُون ڏيئِي ڦَڪِيُون، ويڄَنِ آئُون وِرچائِي، حُسُنَ ھوتَ حَبِيبَ جي،…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- ڪانگَلَ سيئِي ڪوٺِ، پِرِين جٖي پَرَڏيھِ وِئا، جَنِي ريءَ جَھانَ ۾، اَکَڙِيُنِ اَروٺِ، لِلهِ لَڳِ لَطِيفُ چئَي، ڪِجِ ڳارانجهو ڳوٺِ،…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- تَنِ اَکَڙِيُنِ اُتا سُکَ، کِلَندِي کَڻَنِ جَي، پِرِيَنِ پاپوھَڻَ سان، ڏُورِ ڪِئا سَڀَ ڏُکَ، ماڻُهنِ ليکي بُکَ، سامِي سُورَ سَنها…[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- اَلا جُنگَ جِيَنِ، اَجهي جَنِي گهارِيان، شالَ مَ سُڪي وِيَرِي، جِئائِين پِيَ پِيَنِ، مَرَڪَڻُ اَکَڙِيُنِ، جَنِ ڏِٺِي مُون ٿِئي.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- اَکَڙِيُنِ آرو، مُونھان پُڇِي نَہ ڪِئو، وَڃِي اُتي اَڙِيُون، جِتِ چَوَڻَ نَہ چارو، ھِينئَڙو ويچارو، واٽُون جَهلِئو وِنجهُلي.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- اَکَڙِيُنِ کي آھِينِ، عَجَبَ جِھَڙِيُون عادَتُون، سُورَ پَرائي ساٿَ جا، وَڃِئو وِھائِين، اُتي لَنئُن لائِينِ، جِتِ حاجَتَ ناھِ ھَٿِيارَ جِي.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- اَکڙِيُون اَکَڙِيُنِ تي، ڏَمَرَ ڏُکَ ڪَرِين، جيلاھَ سِڪَڻُ سِکِيُون، تي دَعويٰ مَنجِهہ دَڙِينِ، کِلَنِ ۽ کَڙِينِ، رُسَنِ پَرچَنِ پاڻَ ۾.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- مُون کي اَکَڙِيُنِ، وَڏا ٿورا لائِيا، کَڻان جَي کَرَ سامُهُون، تَہ پُڻ پِرِين پَسَنِ.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- نَظَرُ اَکَڙِيُنِ، وَڃِي پِئو لاکَ تي، ڪارو ڪِينَ پَسَنِ، مِڙيوئِي ڳاڙِھو ٿِئو.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- ڳاڙِھو ئِي ڳاڙِھو، ڪارو پَسَنِ ڪِينَڪِي، اَکَڙِيُنِ آرو، وَڃِي ڪِئو لاکَ سين.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- مُونھان پوءِ مَلِيرَ ۾، جيڪُسِ اُٺا مِينھَن، ڪالَهہ سَڄو ئِي ڏِينھَن، اَکَڙِيُنِ اُڪِيرِئو.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبَحَ سيڻَ رَهَنِ، بَرَ جي بَدَوِيَنِ لَيءِ، اَکِيُون رَتُ رُئَنِ، اوٺِي اَباڻَنِ جا، اللهَ ڪي اَچَنِ، مُون…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- ڪو جو ڪامَڻُ مي، آھي اَکَڙِيُنِ ۾، تَنُ تَماچِيءَ ڄامَ جو، ناڀُون پايو ني، عِشقُ اِيئَن ڪَري، جِيئَن ڄارو ڄامَ…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]