جيڪُسِ بابت
معنيٰ
شايد، مبادا، هوند. (متان ائين ھجي)
Perhaps, as it might be.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَڄُ نَہ اڳِيئَن ڍارَ، ڪَرَھو جِيئَن ڪالَهہ ھو، اَڱَڻِ آيو نَہ ڪَري پاھوڙي پَچارَ، جيڪُسِ مَنجِهہ قَطارَ، ڪا وَلِ چِنائِين…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- سينڌو ھُئين صَرافَ سين، تَہ ھُوندَ ٿِئين ھِيئَن، جيڪُسِ جَوھَرِيَنِ سين، ڪِينَ گُذارِيَئيِ ڏيِنھَن، جَبَلَ مَنجهان جِيئَن، سوجهي ڪَڍِيائُون سونَ…[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- اُونِهي ۾ اوھَرِي، جَڏھِن وِئا جٖي، موٽِي ماڳِ نَہ آيا، ماءِ سامُونڊِي سي، کارو تَنِي کي، جيڪُسِ وَھُ وَرِي وِئو.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- جيڪُسِ نِٻَرُ نِينھُن سَندومِ، مُون اُڀي ھُنَ ٿيلِهيو، سَعيو سامُونڊِيَنِ سين، اَڳي تان نَہ ڪِئومِ، وِجَهڻُ مَنجِهہ ھومِ، پاڻُ وَراڪي…[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- مُون جَهليندي نَہ رَھِيا، جيڪُسِ نِٻَرُ نِينھُن سَندومِ، قادِرُ شالَ ڪَندومِ، ويجهِي وَڻِجارَنِ کي.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، اُتَرَ وَرِيُنِ واءُ، ٻارَھين ماھِ نَہ موٽِئا، سَمُنڊَ آيُنِ ساءُ، جيڪُسِ لَڪا کانءِ، اوڏاھِين آسودا ٿِئا.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- جيڪُسِ يادِ ڪِئاسِ، وَرَ وَڃِي وَڻِڪارَ ۾، جَلِدُ جَرِيدِي پَنڌَ ۾، اَدِيُون اَڄُ ٿِئاسِ، وَڃِي ڪيچِ پُنِياسِ، ٻاروچاڻِيءَ ٻاجَهہ سين.[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، مَٿان آيو مَوتُ، مُون واجهائِيندي وَرِھَ پِئا، ھَئَي نَہ گَڏُيِمِ ھوتُ، جيڪُسِ ٿيِندِيَس فوتُ، فَنا…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- مُون ڀانيو مَھمانَ، جيڪُسِ پَھَرَ پُنهونءَ جِي، بي غَرضا بَلوچَ ٿِئا، سَسُئِيءَ سين سَرواڻَ، ڪاھي رَسِئا ڪيچَ کي، ڏاگهَنِ لاھي…[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- جِيئَن سي ھَرَڻُ ھُماءُ، سَرگَردان سَنسارَ ۾، ھُو پَڳُ نَہ ڌَري پَٽِيين، ھِيءُ ڌَرۡ سِر ڌَري نَہ ساھُ، جيڪُسِ تَنِ…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- جيڪُسِ آئُون نَہ تِيئَن، جِيئَن پِرِيتَڻُو پِرِيَنِ سين، سُتِيَسِ ٻَڌِي سوگهو ڪَري ڇَلِوَرُ ڇاتِيء سِينءَ، ڪيچِي ڪاھي ڪَرَھا، مُونهان وَڃَنِ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- ڳائِي نَہ وائِي، اَدِيُون آرِيچَنِ جِي، ڪَنھِن پَرِ ڪَھِي لَنگهِيان، جَبَلُ جاجهائي، جيڪُسِ واجهائِي، ھاڻِ مَرَندِي ھوتَ لَيءِ.[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- سُورَنِ سانڍِيياسِ، ڏُکَنِ نِپاياسِ، سُکَنِ جي سَيِّدُ چئَي، پُکي نَہ پيياسِ، جيڪُسِ آئُون ھُياسِ، گُرِي گُوندَرَ وَلِ جِي.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- ڏُکويُون ڏيھان، جيڪُسِ لَڏي وييُون، ھاڻي ڪَنِ مُلا، پُڇان پِرِيَنِ خَبَرُون.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- ٻاروچو ٻِيءَ رُوءِ، جيڪُسِ ڏِٺو جيڏِيين، سَنجهي ۽ صُبُوحِ، ھُوندَ نَہ وِئَڙو وِسَرِي.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- ٻاروچو ٻِيءَ ڀَتِ، جيڪُسِ ڏِٺو جيڏِيين، مُون جِيئَن مُوڙِھِيَنِ مَتِ، پَسَنديئِي پُنهونءَ کي.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- ساٿِي توءِ ھَلَنِ، پَٿَرُ جي وارَ ڪَرِيان، جيڪُسِ ٻاروچَنِ، ڏِٺو عَيبُ اَکِيُنِ سين.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- ڏِٺَمِ ڏونگَرِيا، ھُيَسِ گهورِي جَنِ جِي، مُون لوڏان ئي لَکِئا، اھڙا ٻاروچا، جيڪُسِ ڪوھِياراَ، مُون ڪَرَ لاھُو آيا.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- مُون رَتُ رُنُو ٿي رائي، مُون رَتُ وَھايو ٿي رائي، کَڻِيو پيرُ پُنهونءَ جو، جيڪُسِ مُئيءَ جا جيڏِيُون، وِئَڙا لاڳاپا…[ سُر حسيني - وايون ]
- ساھيڙِيُون ۽ سَرَتِيُون، کِلَنِ سَڀَ مَٿامِ، جيڪُسِ ڪَمَ سَندامِ، جُوٺا ڏِٺا جيڏِيين.[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- ڪُونجُون ٿِيُون ڪُڻِڪَن، جيڪُسِ ھَلَڻَ ھارِيُون، ٻَچا پوءِ سَندَنِ، وَڃَنِ واڌا ڪَندِيُون.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- مَنڌِيءَ مَٽَ گُڙَنِ، وَڳَ نَہ پَسان وَٽِ ۾، آيَلِ سَنگهارَنِ، جيڪُسِ چِٽاڻُو چِتِ ڪِئو.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- اوري ھُئا تَہ آيا، جيڪُسِ وِئا پَري، ساٽِي سَڏَ ڪَري، ماڳَ نِھاري موٽِئا.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- جيڪُسِ جَهلِيا مَڇَ، گهاتُو گهَرِ نَہ آئِيا. ڪاھي وَڃو، ناکُئا ڪَرِيو بُري تي بَڇَ. ڪاٿَي سَندِيَنِ ڪُنڍِيُون، ڪاٿَي سَندِيَنِ رَڇَ.…[ سُر گهاتو - وايون ]
- جيڪُسِ جيلاھِين، مارُو ناھِ مَلِيرَ ۾، مُنھِنجِي تيلاھِين، اَچِئو ڪَرَ ڪونَہ لَھي.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- جهُڙ ڦُڙِ جِتِ ٿِيانِ، اُتِ اَڏِئائُون پَکَڙا، ھِنَ مُنھِنجي حالَ جو، قَدُرُ نَہ ڪيڻانِ، جيڪُسِ آئُون وِسَرِيانِ، مارُو قُوتِ قَرارِئا.[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- جيڪُسِ ڪي ڪِئامِ اَوَڳُڻَ اَباڻَنِ سين، تيلاھِين ٿِئامِ، سُکِنَئُون سُورَ گَهڻا.[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- ڀُوڻَ ڀُڻڪو نَہ سُڻِيان، ٻُري نَہ ٻَڪَرَ دانھَن، مِيان مارُوئَڙَنِ جا، اوڻا ڏِٺَمِ آنھَن، جَنِ ساٺِيڪا ٿي سِنجِئا، سي ڌَڻِي…[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- هِڪِڙَنِ سان هِڪِيُون ڪَرِيين، ٻِيُون ساڻُ ٻِئَنِ، رَکِئو دَغا دِلِ ۾، ٽِلين ساڻُ ٽِئَنِ، اَڳَ نَہ ڏِٺِي اِهَڙِي، ڪا مَنَھِن…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- مُونھان پوءِ مَلِيرَ ۾، جيڪُسِ اُٺا مِينھَن، ڪالَهہ سَڄو ئِي ڏِينھَن، اَکَڙِيُنِ اُڪِيرِئو.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- جَي ڪَرَ لَڌائُون، تَہ بَندِيءَ بَندُ نَہ سارِئو، مارُوئَڙَنِ آئُون، جيڪُسِ وِئَڙِيَسِ وِسَرِي.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- کائُرِ ڏانھَن کَڻِي وِئا، ٿَرِ ڪِئائُون ٿاڪَ، سانگِي لَڏايا سُومَري، عُمَرَ ڪَري مَذاقَ، جيڪُسِ پَروَرَ پاڪَ، اَمُرُ اِيءُ اَباڻَنِ سين.[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]