جيڪُسِ جي سنڌي معنيٰ
شايد، مبادا، هوند. (متان ائين ھجي)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Perhaps, as it might be.
جيڪُسِ جا بيتن ۾ حوالا
اَڄُ نَہ اڳِيئَن ڍارَ، ڪَرَھو جَنھِن ڪالَهہ ھو،
اَڱَڻِ آيو نَہ ڪَري پاھوڙي پَچارَ،
جيڪُسِ مَنجِهہ قَطارَ، ڪا وَلِ چِنائِين وِھَ جي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 41 ]
اَڱَڻِ آيو نَہ ڪَري پاھوڙي پَچارَ،
جيڪُسِ مَنجِهہ قَطارَ، ڪا وَلِ چِنائِين وِھَ جي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 41 ]
سينڌو ھُئين صَرافَ سين، تَہ ھُوندَ ٿِئين ھِيئَن،
جيڪُسِ جَوھَرِيَنِ سين، ڪِينَ گُذارِيَئيِ ڏيِنھَن،
جَبَلَ مَنجهان جِيئَن، سوجهي ڪَڍِيائُون سونَ کي.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 21 ]
جيڪُسِ جَوھَرِيَنِ سين، ڪِينَ گُذارِيَئيِ ڏيِنھَن،
جَبَلَ مَنجهان جِيئَن، سوجهي ڪَڍِيائُون سونَ کي.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 21 ]
اُونِهي ۾ اوھَرِي، جَڏھِين وِئا جٖي،
موٽِي ماڳِ نَہ آيا، ماءِ سامُونڊِي سي،
کارو تَنِي کي، جيڪُسِ وَھُ وَرِي وِئو.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 14 ]
موٽِي ماڳِ نَہ آيا، ماءِ سامُونڊِي سي،
کارو تَنِي کي، جيڪُسِ وَھُ وَرِي وِئو.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 14 ]
جيڪُسِ نِٻَرُ نِينھُن سَندومِ، مُون اُڀي ھُنَ ٿيلِهيو،
سَعيو سامُونڊِيَنِ سين، اَڳي تان نَہ ڪِئومِ،
وِجَهڻُ مَنجِهہ ھومِ، پاڻُ وَراڪي رَسِ سين.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 5 ]
سَعيو سامُونڊِيَنِ سين، اَڳي تان نَہ ڪِئومِ،
وِجَهڻُ مَنجِهہ ھومِ، پاڻُ وَراڪي رَسِ سين.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 5 ]
مُون جَهليندي نَہ رَھِيا، جيڪُسِ نِٻَرُ نِينھُن سَندومِ،
قادِرُ شالَ ڪَندومِ، ويجهِي وَڻِجارَنِ کي.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 6 ]
قادِرُ شالَ ڪَندومِ، ويجهِي وَڻِجارَنِ کي.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 6 ]
سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، اُتَرَ وَرِيُنِ واءُ،
ٻارَھين ماھِ نَہ موٽِئا، سَمُنڊَ آيُنِ ساءُ،
جيڪُسِ لَڪا کانءِ، اوڏاھِين آسودا ٿِئا.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 13 ]
ٻارَھين ماھِ نَہ موٽِئا، سَمُنڊَ آيُنِ ساءُ،
جيڪُسِ لَڪا کانءِ، اوڏاھِين آسودا ٿِئا.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 13 ]
جيڪُسِ يادِ ڪِئاسِ، وَرَ وَڃِي وَڻِڪارَ ۾،
جَلِدُ جَرِيدِي پَنڌَ ۾، اَدِيُون اَڄُ ٿِئاسِ،
وَڃِي ڪيچِ پُنِياسِ، ٻاروچاڻِيءَ ٻاجَهہ سين.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 3 ]
جَلِدُ جَرِيدِي پَنڌَ ۾، اَدِيُون اَڄُ ٿِئاسِ،
وَڃِي ڪيچِ پُنِياسِ، ٻاروچاڻِيءَ ٻاجَهہ سين.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 3 ]
آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، مَٿان آيو مَوتُ،
مُون واجهائِيندي وَرِھَ پِئا، ھَئَي نَہ گَڏُيِمِ ھوتُ،
جيڪُسِ ٿيِندِيَس فوتُ، فَنا ھِنَ فِراقَ ۾.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 9 ]
مُون واجهائِيندي وَرِھَ پِئا، ھَئَي نَہ گَڏُيِمِ ھوتُ،
جيڪُسِ ٿيِندِيَس فوتُ، فَنا ھِنَ فِراقَ ۾.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 9 ]
مُون ڀانيو مَھمانَ، جيڪُسِ پَھَرَ پُنهونءَ جِي،
بي غَرضا بَلوچَ ٿِئا، سَسُئِيءَ سين سَرواڻَ،
ڪاھي رَسِئا ڪيچَ کي، ڏاگهَنِ لاھي ڏاڻَ،
وِلها ٿِئا وَٿاڻَ، ساٿِيَنِ ري سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 1 ]
بي غَرضا بَلوچَ ٿِئا، سَسُئِيءَ سين سَرواڻَ،
ڪاھي رَسِئا ڪيچَ کي، ڏاگهَنِ لاھي ڏاڻَ،
وِلها ٿِئا وَٿاڻَ، ساٿِيَنِ ري سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 1 ]
جِيئَن سي ھَرَڻُ ھُماءُ، سَرگَردان سَنسارَ ۾،
ھُو پَڳُ نَہ ڌَري پَٽِيين، ھِيءُ ڌَرۡ سِر ڌَري نَہ ساھُ،
جيڪُسِ تَنِ مُلا، سَسُئِيءَ سُورُ پِرايو.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 1 ]
ھُو پَڳُ نَہ ڌَري پَٽِيين، ھِيءُ ڌَرۡ سِر ڌَري نَہ ساھُ،
جيڪُسِ تَنِ مُلا، سَسُئِيءَ سُورُ پِرايو.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 1 ]
English Meaning
Perhaps, as it might be.