لائُون جي سنڌي معنيٰ
پرڻجڻ جي ھڪ رسم، شادي ڪرڻ، شاديءَ جي رسم ادا ڪرڻ، شاديءَ رات مٿا ميڙ ڪرائڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A ritual in marriage, love, affection, marriage.
لائُون جا بيتن ۾ حوالا
سَڀَيئِي سَنئينءَ ڪَرِين، ڪومَ مُنجهائِين واٽَ،
سَھُکِي ڪَرِين سَچا ڌَڻِي سُڄي جا صِراطَ،
سُپيرِيان جي ساٿَ، لَڱو لائُون ميڙِيين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 1 ]

جانۡ مُون وَڻِجارو ڪانڌُ، تانۡ ھَڏِ مَ لائُون لَڌِيُون،
مَٿي پَرَ ڏيھَ سانگُ، اَٺَئِي پَھرَ اُنَ جو.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 20 ]

اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن چَيائُون،
مِيثاقا ميھارَ سين، لَڌِيُون مُون لائُون،
سو موٽي ڪِيئَن پاھُون، جو مَحفُوظا مَحڪُمُ ٿِئو.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 4 ]

حَسَنَ مِيرَ حُسينَ کي، رُنو ٽِنِ ٽولَنِ،
گهَرِ ماڻُهئين جَهنگِ مِروئين، اُڀَنِ ۾ مَلَڪَنِ،
پَکِيُنِ پاڻُ پَڇاڙِئو، لَڏِئو ھوتَ وَڃَنِ،
گهوڙَنِ ۽ گهوٽَنِ، رِڻَ ۾ لائُون لَڌِيُون.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 11 ]

جهونگاَرِيندي جَهنگَنِ ۾، جي کُٽَنِمِ ڏِينھِن،
تَہ ڪَرَ مُنھِنجي نِينَھَن، اَپَرِ لائُون لَڌِيُون.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 14 ]

لَڳَندي لَڪَنِ سين، آئُون جي مَران اِيئَن،
ماءُ مُنھِنجي نِينھَن، تَہ ڪَرَ لائُون لَڌِيُون.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 15 ]

کَڻُ گودَڙُ ٻَڌُ گَبرِي، کانءِ مَ کِدائُون،
جِندا وَڃِي جوڳَ سين لَھِجِ ڪِي لائُون،
اِيئَن ڪوھُ اُتائُون تَہ سِڱِيُون شامَتِ ھَٽَ جِي.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 15 ]

مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون، لوئِيءَ مَ لائُون،
سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، مُون کي ٻانھُنِ ٻَڌائُون،
عُمَرَ چؤُ آئُون، ڪِيئَن پَٽُ پَرَھِيان سُومَرا.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 6 ]

لوئِيءَ ۾ لائُون، مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون،
اَوَلِ نانءُ اللهَ جو، مِڙِنِئان مَٿاهُون،
سا ڪِيئَن کائي کارِڪُونَ، جَنھِن کي ڏَنئُرا ڏيجُ ڏِنائُون،
ڪِيئَن پَٽُ پَرَهِيان، عُمَرَ جو آئُون،
سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، ٻانھُنِ ٻَڌائُون،
کِھَہ مانڌاڻِي مَکِڻِي، قُوتُ جَنِ جو سائُون،
عُمَرَ تي زورو ڪَري، جيلاھَ راڄُ اَڳاهُون،
کاڄُ کَٿيرِنِ سُرَهو، سَڱَرُ ۽ سائُون.
[ سُر مارئي، وايون، 13 ]

مَ ڪِي رو مَ رَڙُ ڪِي، مَ ڪِي ڪَرِ دانھُون،
سُتي لوڪِ سَيِّدُ چئَي، ٻيئِي کَڻُ ٻانھُون،
لَڌيُئِي جِتِ لائُون، سو ڏيھُ پَسَندِينءَ مارُئِي.
[ سُر مارئي، مَ رو، پانڌي پرين پنھوار، 14 ]