ريجَ جي سنڌي معنيٰ
ريٽَ، رَءَ. پاڻيءَ جي پِيچَ، پيچا. رُجَ آباديءَ کان اڳ ۾ زمين کي ڏنلَ پاڻي. پوسَلَ، آلاڻِ، آلائِي، گهِمَ. دَرياءُ جي ريتِي، پاڻيءَ جي وارِي،
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The first watering given to land before sowing. Irrigation.
ريجَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪُ ڀُونءِ مَنجِهہ ڪَسابَ، جي وَھَڻُ اَچِي ويلو ڪَري،
اَچيسِ نَہ اوصافَ، رَتِي ريجَ نَہ سِنجِري.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 22 ]
اَچيسِ نَہ اوصافَ، رَتِي ريجَ نَہ سِنجِري.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 22 ]
ساوَڻَ لَهرِيُون ريجَ، وَڻَ ٽِڻَ وارِيءَ وارَ،
مُون سين ڀَلي ڀالَ ڪِئا، اُنِهِئائِين اَپارَ.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 25 ]
مُون سين ڀَلي ڀالَ ڪِئا، اُنِهِئائِين اَپارَ.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 25 ]
ڏَڙَھ رِيا ريجَ ٿِئا، ڪِي اوھِيرَنِ اوتَ،
ميھا چِڀِڙَ ڦُنگهِيُون، جِتِ ٿِيَنِ سَڀَيئِي ٿوڪَ،
ڇاڇَرِ ٿِي ڇَنُنِ ۾، جِتِ مينھِيُون چَرَنِ موڪَ،
سَرَھِيُون سَنگهارِيُون ٿِيُون، جٖي تُوسِيون پائِين طوقَ،
لاھي مَٿان لوڪَ، ڏولائي جا ڏِينھَڙا.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 20 ]

ڪاري ڪُرُ لَڄي، جي اَڻَ ڪَڄاڙِئو کاءِ،
ڄاڙِيان اَندَرِ ڄِڀَ ۾، ڳُجهو ٿو ڳالَهاءِ،
اُتي اُو ساماءِ، جِتِ رَتِي ناھِ ريجَ جِي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 26 ]
ڄاڙِيان اَندَرِ ڄِڀَ ۾، ڳُجهو ٿو ڳالَهاءِ،
اُتي اُو ساماءِ، جِتِ رَتِي ناھِ ريجَ جِي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 26 ]
موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، ڀِري ڪِئائِين ڀيڄَ،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، سارَنگُ چاڙھي سيجَ،
تَنھِن نُورِيءَ نَوازي، ڏيئِي ڏِنَڙا ڏيجَ،
ٻِجُ کَڻِي پَٽِ ھَلِئا، ھاري مَنجهان ھيجَ،
راضِي مَنجهان ريجَ، عالَمُ سَڀَ آبادِ ٿِئو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 3 ]