اَصلِ بابت
معنيٰ
اصل کان، شروع کان. هرگز، بنهہ، پٽيءَ، اَصلي، مطلقا.
from beginning, original, originally
بيتن ۽ وائين ۾
- سُورِي آھِ سِينگارُ، اَصلِ عاشِقَنِ جو، مُڙَڻُ موٽَڻُ ميھَڻو، ٿِئا نِظاري نِروارُ، ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ عاشِقَنِ سين.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- اَصلِ عاشِقَ پانھِنجي، سِسِي نَہ سانڍِينِ، لاھِئو سِرُ لَطِيفُ چئَي، ساھُ سَلاڙِئو ڏِينِ، ڪُلَھَنِئُون ڪاٽِينِ، پُڇَنِ پوءِ پِريَتڻُون.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- اَصلِ عاشِقَنِ جو، سِرُ نَہ سانڍِڻُ ڪَمُ، سَؤُ سِسِنِئان اَڳِرو، سَندو دوسان دَمُ، ھِيءُ ھَڏو ۽ چَمُ، پِڪَ پِريان جِي…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- موکِي چوکِي نَہ ٿِئي، اَصلِ اوڇِي ذاتِ، وَٽِيُون ڏيئِي واتِ، مَتارا، جَنھِن مارِئا.[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- وِساريجِ مَ ويڻَ، آھي جوڀَنُ ٻَہ ٽي ڏِينھَڙا، اَصلِ اَسارَنِ جا، سُتي وِئَڙا سيڻَ، جيڏِيُون جي مُون وِسَھو، نِنڊَ مَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- ڪَرَھا ڪُرَ سُڃاڻُ، پِيَ ڪو ۽ پانھِنجو، اَصلِ آھي آھِنجو، ناليرو نِڌاڻُ، ڪَرَھا اَسان ساڻُ، چانگا ڪِجِ چَڱايُون.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ڪونِهي آڳَھُ اِھَڙو، جِھَڙِي مَحَبتَ مَنِ، اُڀِيُون اورِيين پارَ ڏي، ڪُوڙِيُون ڪَکَ پُڇَنِ، نَدِي تَنِ نيڙُ ٿِئي، جٖي ريءَ تُرَھي…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- سارِي سِکُ سَبَقُ، شَرِيعَتَ سَندو سُهڻِي، طَرِيقَتان تِکو وَھي، حَقِيقَتَ جو حَقُ، مَعرِفَتَ مَرَڪُ، اَصلِ عاشِقَنِ جِي.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- سَختِي شَھادَتَ جِي، مِڙيوئِي مَلارُ، ذَرو ناھِ يَزِيدَ ڏي، عِشقَ جو آثارُ، ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ اِمامَنِ سين.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- سَختِي شَھادَتَ جِي، مَلارُ مِڙيوئِي، ذَرو ناھِ يَزِيدَ جو، آثارُ اُھوئِي، ڪُسڻُ ھو ڪوئِي، اَصلِ اِمامَنِ سين.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، مَرَڪِي اُڀا مِيرَ، وِڙِھِي ويرِنِ سامُھان، تِکا ھَنيائُون تِيرَ، ھُئِي اِيءَ تَقدِيرَ، اَصلِ اِمامَنِ سين.[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- اَصلِ اَنگُ سَندونِ، وَھِي جيڏاھِين وِئو، ڪِھَڙو ڏوھُ ڏِبونِ، سو مُنھُن آيو ساٿِيين.[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- ڏيرَنِ ڏوھُ نَہ جيڏِيُون، ماءُ مِڙُوئِي مُون، آئُون اَسُونھِين اُو سُونھان، پِرِين ڀَلا پَرڀُون، اَصلِ آرِيءَ ڄامَ جو، پاندُ نَہ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- وَڏِي جاڙَ ڪِياءِ، جِيئَن سُتِيئَن پيرَ ڊِگها ڪَري، دَرَ ڀَرِ اُڀِيئَن دوسِتَ جي، سُڻ ڀُڻ توءِ سُياءِ، اَصلِ آرِيءَ ڄامَ…[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- جيھِي جٖي تيھِي، ٻانِهي ٻاروچَنِ جِي، حُجَتَ ھوتَ پُنهونءَ سين، مُون ڪَمِيڻِيءَ ڪيھِي، اَصلِ آرِيءَ ڄامَ جي، پَليءِ آئُون پيئِي،…[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- مُومَلَ صَحِي پَسَندا، پَڙِهئا پَنِتَ پِيرَ، راڻا ۽ حَمِيرَ، راڻا جٖي رَجپُوتَ، مُومَلَ صَحِي پَسَندا، مَڃي رَضا رَبَ جِي، ھِئان…[ سُر راڻو - وايون ]
- مِيمَئُون مِلَڻُ حَقَ جو، اَصلِ آديسيَنِ، جوڳِيَڙا جَھانَ ۾، چوکِيءَ چالِ چَلَنِ، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، مَنجهان حُبَ ھَلَنِ، إِنَّ ٱللَّهَ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- جَکِرو جُسَ کَرو، ٻِئا مِڙيئِي مَلَ، سَمي جي سُھاڳَ جِي، ڪَنھِن نَہ پيئِي ڪَلَ، مِٽِي اِيءَ مُرسَلَ، اَصلِ ھُئِي ايتَرِي.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- جَکِرو جُسَ کَرو، ٻِئا سَڀَ اَنِيراءِ، جِئائِين گهَڙِئو جَکِرو، تِئان نَہ ڪِي ٻِئا، مِٽِي اِنَ ماڳان، اَصلِ ھُئِي ايتِري.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- جَکِرو جُسَ کَرو، ٻِئا مِڙيئِي مِيرَ، مِٽِي اِنَ خَمِيرَ، اَصلِ ھُئِي ايتَرِي.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- مَڻِيو تان نَہ مَڻِيو، جو تُون پَسِي ھارُ ھِرکِي، اَصلِ آھي اڳَھِين، سَندو ڪُوڙَ ڪَڻِيُون، گهوڙَنِ ھَئِيي گهَڻِيُون، دوسِتَنِئان دُورِ…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- جو تو مَڻِيو ڀانيو، سو اَصلِ ڪُوڙو ڪَچُ، ھِنَ دُتاري ھارَ کي، سوڀِي ڀانءِ مَ سَچُ، ھِتِ ڳالِهيُون ڪَرِيين ڳَچُ،…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- جَي مُون مُوڙِھِي مَتِ، تَہ پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِين، اَصلِ اَوايُنِ جا، عَيبَ ڍَڪِين تُون اَتِ، اِيءَ پِرِين تُنھِنجِي پَتِ، جِيئَن…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- وَطَنُ مُون مَلِيرُ، قَضا آندِيَسِ ڪوٽَ ۾، اَصلِ مُنھِنجي اَنگَ ۾، جُڙِئو ھو زَنجِيرُ، چانڪ پِيئَندِيَسِ پِرِينءَ سين، پائُرَ جو…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- ھي ھَنڌَ ماڙِيُون ھاڻِ، ساڙِيان سَڀَ ڏيھِيَن ري، ڪُلُ شَیئٍ یَّرجِعُ اِلٰی اَصلِہٖ ، ٿِي جِهڄان جهانگِيَنِ ڪاڻِ، ڀِرِي پَنھِنجي…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- جيڪَرَ ڪِينَ جِيئان، اِنَ جاڙَ مُقابِل جيڏِيُون، ڪِھَڙو مُنھُن مَلِيرَ ڏي، کَڻِي نَڪُ نِيان، ڪَنھِن کي ڏوھُ ڏِيان، جُھ اَصلِ…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- ھَٿين پيرين آرَکين، مُنھِن نَہ مُھاڻِي، اَصلِ ھُئِي اُنَ کي، اَھلَ ڄاماڻِي، سَمي سُڃاڻِي، ٻِيڙو ٻَڌُسِ بانھَن ۾.[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]