اللهُ بابت
معنيٰ
الک، رب، خدا جو ذاتي نالو، هڪ خدا، مالڪ. سڀني سهڻين صفتن جو جامع. ھندو ڌرم ۾ ايشور، سڀني ٻولين ۾ خدا جو صفاتي نالو
The Supreme Being, God (Proper Name of the Creator)
اللھ: (ع) ھي خدا جو ذاتي نالو آھي. قرآن شريف ۾ خدا جا ڪل 99 نالا ذڪر ڪيل آھن، جنکي ”اسماء حسنى“ ڪري چوندا آھن. ”الله“ کانسواءِ ٻيا سڀ نالا صفاتي آھن.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَوَلِ اللهُ عَلِيمُ، اَعلیٰ عالَمَ جو ڌَڻِي، قادِرُ پَنھِنجيءَ قُدرَتَ سين، قائِمُ آھِ قَدِيمُ، والِي واحِدُ وَحدَہٗ، رازِقُ رَبُ رَحِيمُ،…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- سو ھِي سو ھُو، سو اَجَلُ سو اللهُ، سو پِرِين سو پَساھُ، سو ويرِي سو واھَرُو.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- تُون چَئُہ اللهُ ھيڪِڙو، وائِي ٻِي وِسارِ تَنَ ۾ تَندُ تَنوارِ، سَدا سُپَيرِيَن جِي.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- تُون چَئُہ اللهُ ھيڪِڙو، ٻِي وائِي وِساري ڇَڏِ، تان تُون ھِنيَين سين گَڏِ، سَڄَڻُ ساھَ پَساھَ ۾.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- تُون چَئُہ اللهُ ھيڪِڙو، ٻِي وارِجِ مَ وائِي، سِکِجِ تُون سا ئِي، جيڪا مُڪِي سَڄَڻين.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- پِتو ڦِتو پيٽَ ۾، مُلي سَندِيءَ ماءُ، ڏِسِي جَنھِن اللهُ، ٽُٻِي ڏِنِي ڌُوڙِ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- عاشِقَنِ اللهُ، ويروتارَ نَہ وِسَري، آھَ ڪَرِيندي ساھُ، ڪَڏِھِين ويندُنِ نِڪِرِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي اللهُ ڪَري، پاڻِهين وِجِهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين ڪَنڌِي نِئي، سُتَڙِ سي ڍوئي، جٖي تَڙِ تَوائِي…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي جا ڪَري اللهُ، پاڻِهين وِجِهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين اُڪاري اوڙاھُ، تَنھِن واحِدَ کي واھَ، جو…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- جٖي اُونِهي وِئا اوھَرِي، اللهُ سي واري، آئُون اُنِ آساري، تَڙَ پُوڄارِي آھِيان.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- سانڀارا سَڏَ ڪِئو، اُڀا چَونِمِ آءُ، ھِڪُ تِکو ئِي تارِ وَھي، ٻِئو لُڙُ لَهرِيُون ۽ واءُ، آڳَھُ جَنِ اللهُ، ٻُجهان…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- آتَڻَ ۾ سَڀَ ويھِي، دُعا ڪَريجا جيڏِيُون، ڪانِهي بَسِ بَھِيرَ کي، ھَلُ چَلُ وَڃي پيئِي، راھَ مُسافِرُ سَڀَڪو، ڪو نَہ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- لَڳَھَ پَسُ لَطِيفُ چئَي، آگمِئو آھي، اُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاھي، ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَئو، سَمَرَ سَنباھَي، وِھو…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- مُحِبَ مُنھِنجا سُپِرِين، آڻيئِي اللهُ، توکي ساري ساھُ، اُڪَنڊِيو آھُون ڪَري.[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- ڏِٺو مُحَرَمُ ماهُ، ٿِئو سَنڪو شَھزادَنِ ۾، ڄاڻي ھيڪُ اللهُ، پاڻَ وَڻَندِيون جو ڪَري.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- آيو مُحَرَمُ ماهُ، عِزَتَ ٿِي اَمِيرَنِ کي، توشو ڪِيائُون تَوڻِ جو، ڪاٺِيُون پاڻِي گاھُ، ڄاڻي ھيڪُ اللهُ، مَڃِيائُون رَضا رَبَ…[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- ڪُوفِيُنِ خَطُ لِکِئو، وِچِ وِجِهي اللهُ، اَسِين تائِبُ تُنھِنجا، تُون اَسانجو شاھُ، ھيڪَرَ ھيڏي آءُ، تَہ تَختُ تابِيني تُنھِنجي.[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- نااُميديءَ جي نِجُهري، پيھِي پُڇُ اللهُ، چِٽو رَبِي راھُ، پَرَ مُرادُنِ مَخفِي ڪِئو.[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- پُنهون ٿِيَسِ پاڻِهين، ويئِي سَسُئِيءَ جِي سُونھَن، خَلقَ اللهُ آدمَ عَلیٰ صُورَتِه ، وَڻَنِ مَنجِهہ وِرُونھَن، چَرِيءَ مَنجهان چُونھَن، کَڻِي…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- ھَلَندِي ھاڙھو مَڻِي، سِسِي ڏيِندِيَسِ ساھُ، لِڱَنِ تان لَطِيفُ چئَي، پاري نِئُمِ پاھُ، ڪَندو ٻاجَهہ اللهُ، وِھان تان نَہ وَسِ…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- مَولو ڪَندو ماڙِ، مُنھِنجِي اللهُ ڪَندو، ھادِي ڏيئِي ھَٿَڙا، مَنجهان چِڪَڻِ چاڙِھِ، ھُو جو ويرِي واٽَ جو، سو سائِين نيئِي…[ سُر بروو سنڌي - وايون ]
- ويٺِي نِتُ نِھارِيان، راڻا تُنھِنجو راھُ، موٽائي ماڳَنِ ۾، آڻِيندُءِ اللهُ، سوڍا تو ڳَرِ ساھُ، نَہ تَہ راڻا گَهڻا راڄَ…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- ڪو اَچِي مُون چوءِ، اِجهو راڻَلُ آيو، تَہ پھرِين پيرين تَنھِن پَوان، پِرِينءَ گَڏِجان پوءِ، سوڍَلَ سانگُ سَندوءِ، اللهُ اوراھُون…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- پَنجِوِيهيِنءَ تي پُورَڀِي، آڻِيندو اللهُ، وَنگي وِرھَنِ ويڙِھئو، ساڻُ سَناسِيَنِ ساھُ، آيو آبُ اکِيَنِ مان، اُڪَنڊئو ارواحُ، سِڪَ تَنھِن سامِيءَ…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- سامِي ڪَنڌُ ڪَپاءِ، ڪَنَ ڪَپائِڻُ خيرُ کِين، يَهْدِي اللهُ لِنُورِہِ مَن يَشَاءُ ، اِيءَ اِنهين لَئي آھِ، صُحبَتَ تُنھِنجِي سَيِّدُ…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- جوڳِي جَڳُ ڇَڏي، پُرئا پُورَڀَ پَنڌَ ڏي، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، ھَلِئا لالَ لَڏي، واللهُ يَدعُوا اِلَيٰ دارالسَلامِ ، صاحِبُ سَڀَنِ…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- نااُميدِيءَ جي نِجُهري، پيھِي پُڇُ اللهُ، چِٽو رَبِي راھُ، پَرَ مُرادُنِ مَخفِي ڪِئو.[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- جِيئَن ٿا پُڇَنِ اَنَ کي، تِيئَن جَي پُڇَنِ اللهُ، رِڙِھي لَڌائُون راھُ، لَٿِيَنِ لُکَ لَطِيفُ چئَي.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- گَندِي ۽ گِراھُ، جَنھِن سَناسِيءَ سانڍِئو، اُنِهينءَ کان اللهُ، اَڃا اَڳاھُون ٿِئو.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- اللهُ اللهُ ڪَنِ جي، اسِين مُورِ نَہ مَڃِيُون تَنِ، نَڪِي چَوَنِ ڪَلمُو، نَڪِي ٻانگَ ٻُڌَنِ، لائي کي لاڪُنِ، آڌُوتِي عَدُمُ…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- ذالَئُون ذِڪِرُ رَبَ جو، ويلَ نَہ وِسارينِ، سَناسِي سُبحانَ کي، سَدائِين سارِينِ، تَسبِيحَ جي تَرارِ سين، مُلحِدَ کي مارِينِ، جَزَآؤُهُمْ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- چانڪِ چَڙَھَندِيَسِ کَٽَ تي، ريجهائِيندِيَسِ راءُ، اِھڙوئِي اللهُ، پورِھِيَتُون ٿو پيشِ ڪَري.[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- سي اَحمَدُ سو مُحَّمَدُ، سو عَينُ اللهُ، وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ ، اِيءُ پَرُوڙِجِ پَساھُ، جَنھِن جي رُوحَ…[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- ڪِھَڙو ٿِئو سُنَّتَ جو، طالِبَ مَٿي تاءُ، پَرڻو ڦاھِي جِندَڙي، مَنجِهہ مُنجهائي ساھُ، گهُري جو اللهُ، سو ھِنيُون ھورَنِ گَڏِئو.[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]
- گُندِيءَ نِينھُن نَہ سَپَجي، تُھِ نَہ پَچي ماھُ، بُڻُ جَنھِن جِيءَ ذاتِ جو، اُتي آھِ اللهُ، اُنَ کي اُوءِ جُڳاءِ،…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، ڪونِهي اِنَ اوڄاھُ، عُمَرَ جي اِنصافَ جو، پِئُسِ ڪَنِ پَڙاءُ، ويٺِي چوءِ اللهُ، مُون تي مِٽَ…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- ڪونِهي قادِرُ ڪو ٻِئو، اُنِين جو اَڀاڳُ، قُلْ لَنْ يُصِيبَنَا إِلاّ مَا ڪَتَبَ اللهُ ، اِيءُ مَعذِرَتَ ماڳُ، سَڀوئِي سَڀاڳُ،…[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- هِڪَ سِرِي هِڪُ ساھُ، ٻِئو ناھِ جو ٻِئَنِ ڏِيان، ڄاڻي هيڪُ اللهُ، سو تان کيتَ خَرِيدَ ڪِئو.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- شُڪُرَ آڻِ بَجاءِ، آهِيين اَهلُ اللهُ سين، گهوڙو هِنَ گِروھَ سين، حَمدَ مَنجِهہ هَلاءِ، سُرَهي اِنَ سِلڪَ سين، ڀَڄِي ڪِي…[ سُر مارئي - وايون ]
- ھِيري ھَٿُ وِڌائِين، ھِيري ھَٿُ کَنيائِين، اي مُون يا اللهُ ويھِي ساٽِينِ وِچَ ۾، نَوازِشَ نُورِيءَ جي، آھي تَماچِيءَ تائِين،…[ سُر ڪاموڏ - وايون ]
- سَرَ ۾ پَکِي ھيڪِڙو، پاريڙِنِ پَنجاھُ، رَکي جَنِ اللهُ، وارُ نَہ وِنگو تَنِ جو.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]