ڏِينھُن بابت
معنيٰ
ڏھاڙو، ڏيھاڙو، سج اڀرڻ کان سج لهڻ وارو، ١٢ ڪلاڪن وارو عرصو، سج جي روشنائي وارو عرصو، روز، يومُ، تاريخ، تٿ، وارُ، ڏڻُ، سَمون، وقت، زمانو، دَور، پرھ، فجر، صبح. نصيب، طالع
Day, period, time, daylight
بيتن ۽ وائين ۾
- ھَڙَ ۾ ڪِينَ ھُونِ، ھُونھِين ھُنِ نَہ چاڙِھِئا، سارو ڏِينھُن سَمُنڊَ تي، اُلَھِي سِجُ وِئونِ، سائِينءَ سَبَبُ ڪِئونِ، سُتَڙِ ٿِئا…[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- سِڙَه سُڃاڻِيو چوءِ، ماءَ سامُونڊِي آيا، بَرِڪَتَ مُحَّمَدُ مِيرَ جي، اَڱڻُ سُرَھو ٿِيو، سِڪَندي مُون سالَ ٿِئا، وَڻِجارو آيو، ماڻُهو…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، تُرَھي ناھي تاتِ، اَچِي پيئِي ڪُنَ ۾، جِتي ڏِينھُن نَہ راتِ، عاشِقاڻِي ذاتِ، مُئِي مَلَهائي سُهڻِي.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- ھوئِجِ ھوشِيارِ، خَبَرِدارِ، تِرِڪَڻِ آھي تَڙَ ۾، کَڏُون کُوٻا چِڪَ چِڪَندِيُون، تان ڪِي نَئِي نِھارِ، آڌِيءَ سي آکُڙَندِيُون، اَکِيُون جَنِ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- سَختِي سِيادَتَ جِي، سُڻُ شادِيءَ جو ڏِينھُن، ذَرو ناھِ يَزِيدَ جو، نِسورو ئِي نيِنھُن، مَرَگِ اُٺو مِينھُن، عَلِيءَ جي اولادَ…[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- سَڳَرُ جَو سَنئُون، سو مُون آڇِيو جيڏِيُون، پَئي پُراڻو نَہ ٿِئي، اَڃا نِينھُن نَئُون، تَہ مُون ڏِينھُن سَنئُون، جَي ٻِيھَرَ…[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، ھِيءُ پُڻ ڏِينھُن وِئو، نِھوڙي ناڀُنِ سين، مُون کي نِينھَن نِيو، مُٺِيءَ مَوتُ ٿِئو، پِيَ…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- مُٺِيَسِ جَهلِ مَھارَ، ڪُٺِيَسِ ڪاھِ مَ ڪَرَھو، مُون نِماڻِيءَ جي نِجُهري، ڀيرو ڪَرِ ڀَتارَ، ساجَنَ تُھان ڌارَ، ڏِٺُمِ ڏِينھُن قِيامَ…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، پائي پاکوڙا، اُٿِي ھَلِئا اُسَ ۾، ٻپَھرِيءَ ٻوڙا، ڏِينھُن تَتو ڏَءُ متو، کامِي ٿِيَسَ کورا. ڳاڙِيَم ٿي…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- ڇا جَي ڏِنگا ڏيرَ، مُنھِنجو ڏِينھُن ڏِنگو مَ ٿِئي، اُٺَنِ ۽ اوٺِيَڙَيَنِ جِي، ڇا وَھِيڻُو ويرَ، ھِيءَ ڪَمِيڻِي ڪيرَ، جَا…[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- پَرتَوو پُنهونءَ جو، رُڳِيائِي راحَتَ، ڀانيان ڏِينھُن ڀَوارَئُون، ساجَنَ لاءِ صِحَتَ، مِٺِي مُصيبَتَ، آھي آرِيءَ ڄامَ جِي.[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- جِيئَن جِيئَن تَپي ڏِينھُن، تِيئَن تِيئَن تاڻي پَنڌَ ۾، ڪو اَڳانجهو نِينھُن، ٻانِهيءَ ٻاروچَنِ سين.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- نَڪو تَتو ڏِينھُن، نَڪو ليکو ئِي ٿِئو، تِھان اوري نِينھُن، ڇِنو آتَڻَ وارِيين.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- جيڪا ڪَندِي نِينھُن، ٻاروچاڻِيءَ ذاتِ سين، سِڪَڻُ سارو ڏِينھُن، چَڙَهڻُ چاڙِھِيڪَنِ تي.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- ڪو جو وَٺُسِ مِينھُن، آرِيءَ جي اُڪِيرَ جو، راتِيان رَوئَي رَتَ ڦُڙا سُکِ نَہ سارو ڏِينھُن، ٻاروچاڻُو نِينھُن، مُٺِيءَ ماٺو…[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ڇِڪَ ٿِئي تِتِرُ لَنئي، مَٿان وَسي مِينھُن، صُباحَ سارو ڏِينھُن، اُٺَ مَ لَھو اوٺِيا.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- گهُنڊَڙِي نَہ لاھِيو، پاتِيَوَ جا پِرِيتِ سين، ڪو ڏِينھُن تَڳاَيو، رُسَڻَ سَندِيءَ رِيتِ سين.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- راتِ وِھامِي ڏِينھُن ٿِئو، پِرِين آيو پاڻَ، اَچِي مِيرَ مَينڌَري، ڪامِلَ لاٿِي ڪاڻِ، وَڻَ ٽِڻَ وَلِيُنِ ڇانيا، وُٺا سَڀَ وَٿاڻَ،…[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- ڏُونگَرَ ڏُکارو، ڏِٺُمِ ري ڏوٿِيين، پَھَڻَنِ رُنُو پاڻَ ۾،سَڄو ڏِينھُن سارو، ڳُجهو تَنِ ڳارو، ڇَپَرَ ھُو ڇَٽُ ھُئا.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- ڪارِي راتِ اَڇو ڏِينھُن، اِيءَ صِفَتان نُورُ، جِتي پِرِينءَ حُضُورُ، تِتي رَنگُ نَہ رُوپُ ھو.[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- ويھِي ويراڳِيَنِ جو، ٻِئي ڏِينھُن ٻُڌُمِ حالُ، اُنِ جا ڌاڳا ڌُوڙِ ڀَڪُلِئا، جاڳوٽانِ زَوالُ، اُنِ ڄاڻِي ڄَٽائُون ڇَڏِئُون، چوٽا چَڱيءَ…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- جَو تو ڏِيو ڀانيو، سو سُورَجَ سُھائِي، راتِ وِھامِي ڏِينھُن ٿِئو، تَہ پُڻ اَنڌَنِ اُونداھِي، جَنِ ڏِٺو ڏِھائِي، تَنِ تَڪِيا…[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- ڪانگَلَ ڪوھُ ٿِئوءِ، پِيو آھِين پَٽَ ۾، اَڳي اُسَ تِڙڪو نَہ سَھِين، اَڄُ سارو ڏِينھُن سَٺوءِ، پَسِي حالُ سَندوءِ، ڪانگَنِ…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ريءَ پِريان پَرَديسَ ۾، وِرِھَ وَڌِي ڪِي وِيرَ، اَکِيُنِ پارِ پِرِيَنِ جي، سارو ڏِينھُن سُڪِيرَ، پانڌِي پَرَوَرَ مِيرَ، کِيئَن جُون…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- جَنِ گَنگا جَرُ گَڏِئو، تَنِ اَکِيُنِ پُنُون نِينھُن، سِڪِيُون ٿي سَلامَ کي، ڪالَهہ سَڄو ئِي ڏِينھُن، سَندو موتِيَنِ مِينھُن، اُنِ…[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- جاءِ نَہ سڄو ڏِينھُن، ھِنيُون اوٺي وَڳَ جِيئَن، مُون پِريان سين نِينھُن، ڇِنَڻَ ڪارَڻِ نَہ ڪِئو.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- مُون مَنجِهين مِينھُن، ڪوھُ ڪَرِيندِيَسِ ڪَڪَرين، سَرَلو سارو ڏِينھُن، مُون پِريان جو نَہ لَھي.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- نِھائِينءَ کان نِينھُن، سِکُ مُنھِنجا سُپِرِين، سَڙي سارو ڏِينھُن، ٻَھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري.[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- اُتان اوٺِي آيو، خَبَرَ اِيءَ کَرِي، وِسارِجِ مَ وَرَ کي، پَئُہ مَ مُنڌَ مَرِي، ويندِينءَ اُتِ وَرِي، ڪو ڏِينھُن آھِين…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- ڪو ڏِينھُن آھِين ڪوٽَ ۾، لوئِي ھَڏِ مَ لاھِ، ڪامِڻِ آنھِنجي ڪُرَ جِي، آڏِ وَڏائِي آھِ، ھِتِ مَ پارِجِ ھيڪِڙو،…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- مَرڪَڻَ تُون مَ مَريجِ، سِرَ صَلابَتَ سُپِرِين، آھِين ٺارُ اَکِيُنِ جو، وَٽان مُون مَ وَڃيجِ، تَماچِي تَڳيجِ، ڪو ڏِينھُن ڪِينجُهرَ…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- ڪو ڏِينھُن ڪِينجُهرَ ڪَنڌِيين، تُون تَماچِي تَڳُ، اُوچو ٿِئومِ اَڳُ، مُون ڪَرُ مَلاحَنِ ۾.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- مي ھَٿَ ۾، مَڪُڙِي، ڄامَ ھَٿَ ۾ ڄارُ، سَڄو ڏِينھُن شِڪارُ، ڪِينجُهرَ ۾ ڪالَهہ ھو.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]