مُورِ بابت
معنيٰ
اصل، هرگز، مُورهين، مُوراهين، پَٽيءَ، تمام، بلڪل، بِنهہ، هڏ، ڪڏهين بہ، ماڳھين.
Completely, wholly, in the least, at all.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي، ٿا رُڻِڪَنِ رَنجُورِي، پِئا آھِينِ پَٽَ ۾، مَٿِنِ مامُورِي، لَڳيَنِ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، سَدا جِيءَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- پاڙي ويڄَ ھُئامِ، تان مُون مُورِ نَہ پُڇِئا، تيلاھِين پِئامِ، موريسَرَ اَکِيُنِ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- ھُنَ تاري ھُنَ رُوءِ، ھُتِ مُنھِنجا سُپِرِين، سَڄَڻَ کَٿُورِيءَ بُوءِ، مُون کي مُورِ نَہ وِسَرِئا.[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- چَنڊَ ميرائِي سُپِرِين، کارا جِھَڙا کِيرَ، ڪَڙا گهاءِ ڪيوِڙي، آڪا گهاءِ عَنبِيرَ، ساجَنُ ڀَرِئو ڌِيرَ، مَنان مُورِ نَہ وِسِري.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- سودو اِھوئِي سَفِرو، سو مُون پَلَئِہ پاءِ، وَسَ ويچارِيءَ ناھِ ڪو، آگا عَرَضُ اوناءِ، ريءَ ھَمراھِيءَ ھادِيءَ جي، مُورِ نَہ…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- تُنَ تنيدو آءُ، مَکِ ڏِھاڙِي مَڪُڙِي، سانباھِي سَمُنڊَ جِي، مَلاحَ مُورِ مَ لاھِ، اَڄُ ڪِ سَنجَهہ سَندِياءِ، اُھُرَندِي اَتانگهَہ تَڙِ.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- مُلاحِظو مَھِراڻَ جو، مُورِ مَ لاھِ مَنان، سامُونڊِي سَڀاڳَ کي، سُمَهڻَ آيوءِ ساءُ، جاڳِي جَرَ مَٿان، تاري وانءُ طَرازَ کي.[ سُر سريراڳ - اجگر لھرون ۽ جھاز ]
- کاري کيڙائُو مِٺي مُورِ نَہ موٽِئا، سودو ڪَنِ نَہ سونَ جو، وَڏا وِھائُو، موتِي جي مَھِراڻَ جا، تَنِ جا طاماعُو،…[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، ھِيءَ تان جُنبِي جوءِ، ھِنَ پاڻِيءَ سين پانھِنجو، مُورِ نَہ مَٿو ڌوءِ، جَي پِرِينءَ پاسي ھوءِ، تَہ…[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- آيَلِ پُنِيُون، ماءَ، مُون مُرادُون پُنِيُون، جِھَڙِي پِريان ڳالِهڙِي، تِھَڙِي ٻِي نَہ ڪا، ڪِجي تَہ ڪوڏُ ٿِئي، سُڄي تَہ سِيباءِ،…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ٻَرِي تَہ ٻارِ، ڦُوڪِ تَہ لَڳي اَنبَرين، ھِتي جي ھُوئَڻَ جُون، وَٿُون سَڀَ وِسارِ، سَمُورِي سَرڪارِ، نيئِي رَکِجِ نانھِ ۾.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- تو دَرِ آيو راڄِيا، ٻِئا دَرَ ڪَري دُورِ، سائِلُ ٿو سَينَ ھَڻي، ھَر دَمُ آن حُضُورِ، ٻِئو نَہ مَڱي مُورِ،…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- مَٿو مُورِ نَہ پاڙِيان، تُنھِنجِيءَ تَندُ تَنوارَ، سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناھِ ڪِي، موٽُ مَ مَڱڻَھارَ، ڪِينهي مَنجِهہ ڪَپارَ، لَڄِيندو ٿو…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- مَٿو ۾ کِيڪارَ، يارَ ڏانَ ڏِيندو سانءِ ٻِئا مَڱڻا، مَٿو مُورِ نَہ پاڙِيان، تُنھِنجِيءَ تَندُ تَنوارَ، سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناھِ…[ سُر سورٺ - وايون ]
- ڪي اوڏا ئِي ڏُورِ، ڪي ڏُورِ پِہ اوڏا سُپِرِين، ڪي سَنبِرِجَنِ نَہ ڪَڏِھِين، ڪي وِسرَنِ نَہ مُورِ، جِيئَن مينھِن ڪُنڍِيءَ…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- ڌَرَ جيڏو ڌَڙونِ، پاسِنگَ مُورِ نَہ پُڄِڻان، عادَتَ عَنبرَ جيسِي، ساڌَنُ لوڪُ سَندونِ، جيڏو ٻرُ ڏِبونِ، تيڏو سَهدَلَ سُپِرِين.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- اللهَ سوڍَلُ آڻِيين، جانِي اَٿَمِ جوئِي، مُورِ نَہ مَٽِيان مَينڌَرو، مَنجهان سِڪَ سوئِي، راڻي سين روئِي، قِصا ڪَندِيَسِ ڪاڪِ جا.[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- سِڱِيُون سيلِهيُون گَبِرِيُون، ٽيئي ٽولَ تَڳو، پَٽُ ھَڻِي پَٽَ سين، ڀيري تَنِ بَڳو، لاشَڪُ جَنِ ڳَلو، سي مَڙِهنِئان مُورِ نَہ…[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- ڪَنھِن جَنھِن ڪُٺا ڪاتِ، جِيئَن سامِي مُورِ نَہ سَنِرا، ڏِينھان ڏُکي ڏِيلَ ۾، سُورُ سَڄِيائِي راتِ، سَندِي جوڳِيان ذاتِ، جِيجان…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- اللهُ اللهُ ڪَنِ جي، اسِين مُورِ نَہ مَڃِيُون تَنِ، نَڪِي چَوَنِ ڪَلمُو، نَڪِي ٻانگَ ٻُڌَنِ، لائي کي لاڪُنِ، آڌُوتِي عَدُمُ…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- ڀينَرُ ڀِنِيءَ راتِ، مُون چَنيسَرُ چِتُ ۾، سُتو لوڪُ نِنڊُون ڪَري، مُون پِريان جِي تاتِ، سَڄَڻُ سِينءَ پِرِڀاتِ، مَنان مُورِ…[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- آيَلِ سَنگهارَنِ سين، جيڪا گهاري ماءِ، توڻي ھوءِ اَوڳُڻِي، تَہ بِہ رُکو مُورِ نَہ کاءِ.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- ڪيھَرِ قَصَدُ ڪَبابَ سين، مَڇِي مُورِ نَہ کاءِ، جَي سِينھان سَؤُ لَنگهَڻين، توءِ نَہ لِکَ لَکاءِ، پيرُ تِتَھِين پاءِ، جِتِ…[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، ٿِيَسِ ڳُڙلُون وارَ، سَتِيءَ سيئِي سارِئا، جٖي پائُرَ جا پَنوَھارَ، عُمَرَ اُنِهُون ڌارَ، مُورِ نَہ وِھي…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- اِيءَ نَہ مارُنِ رِيتِ، جِيئَن سيڻَ مَٽائِينِ سونَ سين، قَضا آندِيَسِ ڪوٽَ ۾، ڪَندِيَسِ ڪانَہ ڪُرِيتِ، پَکَنِ جِي پِريتِ، ماڙِيءَ…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- پَٽولا پَنوَھارِيُون، مُورِ نَہ مَٿي ڪَنِ، جُھ لاکَ رَچَنِ لوئِيُون، تَہ سالُنِيُون سُونھَنِ، اُنَ ايلاچَنِئا اَڳرِي، بَخمَلَ بافِتَنِ، سَکَرَ ڀانيان…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- چَشا چائُرَ چُورِما، قِيمو قَليو اَنُ، جيڪِي آڇي سُومَرو، سو مُورِ نَہ باسي مَنُ، پوئِينءَ راتِ پِڙِ پَئي، جَي مُون…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- پاڻِهين پَچِي پييُون، ريءَ واھِيَتَ ريءَ واڙِ، جُوءِ ڪُشادِي جيڏِيين، مَلِيرُ موڪَ مُھاڙِ، اُتِ اَباڻا جَنھِن جا، سا ماڙِيءَ مُورِ…[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- سِيلَ ڀَڃَڻَ جِي سُومَرا، مُون کي مَتِ مَ آڇِجِ مُورِ، گَهڻي ٿوري ڏِينھَڙين، ويندِيَسِ هُتِ حُضُورِ، مَڇُڻِ ٿِي مَلُورِ، ڪَنڌُ…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- ٿَرِ ٿاڌيلُون پُونِ، ماڪُون مِينھَن مَلِيرَ تي، ماڙيچِيُون مَحلَنِ ۾، مُورِ نَہ مَٿو ڌُوَنِ، جيڏِيُنِ ڌاران جُونِ، عُمَرَ کاڌِي آھِيان.[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- جِيئَن سي عُمَرَ سُومَرا، تو وَٽِ تُوتَ پَچَنِ، تِيئَن اَسان جي مُلڪَ ۾، جَهلِئا ڦُلَ اَڪَنِ، ميوا کان مُرٽَنِ، مُورِ…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- آئُون ڪوھُ ڪَرِيان ڪوٽَ کي، مُنھِنجا پِرِين پَنوَھارَ، مُورِ نَہ آڇِيان مَنَ کي، هِندورا ۽ ھارَ، ڀُڻِي ساڻُ ڀَتارَ، پائُرِ…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- هيڪاندِيءَ حُضُورِ، جٖي گهَرِ گَهارِئَمِ ڏِينھَڙا، سيئِي سِڪان سارِيان، پَچان پائُرَ پُورِ، حَمِيراڻا هَٿَڙا، ڪِينَ مَڃِيندِيَسِ مُورِ، سَنجهي سَتِ گُذارِيان،…[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- عُمَرَ تو ماڙِيُون ھِي، ڪِينَ نِبَھَندِيُون مُورِ، نيئِي ڌَرِيندَءِ ڌُوڙِ ۾، ڏيھان ڪَڍِي ڏُورِ، ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، اِهائِي…[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]
- تان تُون پَرِ پَرُوڙِ، لَڏَڻُ ضَرورِ، سُومَرا سِيلُ مَ ڀَڃُ سَتِنِ جو، ڏِينھَن ڏُھلا ڀانيان، پَھسَ پِريان جي پُورِ، اُڀِي…[ سُر مارئي - وايون ]
- آئُون وِسارِيان ڪِيئَن، هِي ڳُڻَ مارُنِ جا؟ مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، جيڏِيُنِ جَڙِيا جِيئَن، ڇَتا مُورِ نَہ ڇوڙِيان، سَرَتِيُنِ سيڙِهِئا…[ سُر مارئي - وايون ]
- ڪارِيُون ڪوجِهيُون ڪُوَڙِيُون، مُورِ نَہ موچارِيُون، وَٺِي ويٺِيُون واٽَ تي، کِکِيءَ جُون کارِيُون، اُنِين جُون آرِيُون، سَمي ريءَ ڪيرُ سَھي.[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]
- عَجَبُ اَجَهلُ ھوءِ، نُورِيءَ جي نِيازَ جو، سَمُو سِرُ سَڀَنِ ۾، مي مُورِڇِئو سو، اَچِئو اُڀِيَنِ پوءِ، حُجَتَ ڀَڳِي راڻِيين.[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]
- جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، پَکِيئَڙا پَرُوڙِ، اُڏُرُ اَڇي سامُهُون، ماٺي چُڻُ نَہ مُورِ، ڪوھُ نَہ گوھَرَ گَڏيِين، حاذِقَ حالُ حُضُورِ،…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]