ڪانڌُ بابت
معنيٰ
مڙس، ڀتار ۽ وَرُ، گهر وارو، شوهر، مرد، پتي. دلوارو، محبوب، وڻندڙ، پيارو، مرغوبُ، پريتم، ڍولڻ.
A husband, lord, spouse, hubby, groom, bridegroom.
بيتن ۽ وائين ۾
- جَرِ تَڙِ ڏِيا ڏي، وَڻَ ٽِڻَ ٻَڌي وانئُٽِيُون، اَلا ڪانڌُ اَچي، آسائِتي آھِيان.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- وَڻِجاري ڪانڌا، ڪورِي ڪانڌُ نَہ ڪَرئين، اُٿِئو آڏاڻِئا، تو ڳَرِ ڏيِندو ٻانهَڙِي.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- جانۡ مُون وَڻِجارو ڪانڌُ، تانۡ ھَڏِ مَ لائُون لَڌِيُون، مَٿي پَرَ ڏيھَ سانگُ، اَٺَئِي پَھرَ اُنَ جو.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- تَڙَ نِھارِئان تي مُنھِنجا بَندَرِ وِئَڙا جٖي، مانَ سِڙَه سُڃاڻان سَڄَڻين، گهَڻو اُڪَنڊِي آھِيان، پِرِينءَ پَنھِنجي کي، کَٿُورِي سَمُنڊَ کي،…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- مينھِيُون ھِنَ ميھارَ جُون، اللهَ ڪَرِ گهَڻِيون، ٻِلَهہ ٽِلَهہ ڪامَ ٿِئي، سَڀَ چالُون چَئُہ ٿَڻِيُون، ڪُونھُون ڄَڻي ڪامَ ڪا، سَڀَيئِي…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- ڪُڻِڪَن ڪانڌُ چِتِ ڪِئو، جُهڙُ پَسِئو جِهڄَنِ، وَرَ ري وانڊِنِ اَڏِئا، پَکا سي مَ پُسَنِ، اُتَرُ ڊاھي اُنِ جا، ڪَنھِن…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- ڪُڻِڪَنِ ڪانڌُ چِتِ ڪِئو، پَسِئو جُهڙُ جُهڻِڪَنِ، سُڻِئو رَڙِ رَعدَ جِي، ڪَلهِيُون ٿِيُون ڪَنبَنِ، وارِثُ وَرِي تَنِ، اَچي شالَ اولو…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- ڀَڳو آئُون نَہ چَوان، مارِيو تَہ وِسَھان، ڪانڌُ مُنھَن ۾ ڌَڪَڙا، سيڪِيندِي سُونھان، تَہ مَرُ لَڄَ مَران، جي ھُونِسِ پُٺِ…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- ھَلُ ھِنيَين سين ھوتَ ڏي، ڇَپَرِ ھَڏِ مَ ڇُلُ، آرِياڻِي اَمُلُ، ڪايا ۾ ڪانڌُ ٿِئو.[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- ڏِسَڻَ ڪَرَ ڏارِي، اَندَرِ سَتِي سَسُئِي، اِنهين پَرِ آرِي، ڪانڌُ ڪَمِيڻِيءَ کَٽِئو.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- ڪِيئَن اَڙايُئِي پاندُ، پَلَئُہ پَرَڏيھِيَنِ سين، مَتِيُون مُوڙِھِيُئِي سَسُئِي، ڪِيُئِي ڪوھِيارو ڪانڌُ، رُلِي ڀانيُئِي راندِ، ٻانڀَڻِ عِشقَ ٻَروچَ جو.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- چَنيسَرَ سين چاءُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري، ڪانڌُ ڪُوڙِيءَ جو وڻي، گِيرَبُ ۽ گاءُ، ٿِڙي ٿورَڙِياءُ، دوسِتَ دَسائي داسَڙو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ڪوڙِين تُنھِنجُون ڪامِڻِيُون، تُون ڪوڙِنِ سَندو ڪانڌُ، مُون کي ڍيلِ مَ وَلَها، تَہ وَرَ وَڃان نَہ وِڙُواندِ، مُون ڳِچِيءَ ۾…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- جَو تو ڀانيو ھارُ، سو سُورَنِ سَندو سَنگهِرو، چَنيسَرُ چِتُ کَڻِي، ٿِئو پورِھِيَتِ جو پارُ، اَڻَ وَڻَتِ جو آچارُ، شَلَ…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلان لَکايوءِ، تو ڀانيو پانھِنجو، تَنھِن جو پَرو ڪو نَہ پِئوءِ، ڪَونئُروءَ ڪانڌُ سَندوءِ، دَستِ ڪِئو…[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- اُٿِي سورِ ٻُھارِ، لِيلان لُڇُ مَ ايتِرو، ڍولو اڱَڻَ ٻَھارِ، ڪانڌُ ڪَمِيڻِي آيو.[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- پائي آيَسِ پاندَ ۾، تو دَرِ عَيبَ اَپارَ، جي تو رُسَڻَ سَندِي رُوحَ ۾، تِيئَن مُون ڀيڻِي ناھِ ڀَتارَ، اَڻَ…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- ڪارا ڪَري ڪيسَ، مَتان ڪا مُنڌَ حِرصي، ڪانڌُ تَنِي جو ڪوڏِيو، جي وَتَنِ وِلِهي ويسِ، لالَڻُ ڏِسي نَہ لِبيسَ، دِلِيُون…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- پاڻُ سُڃاڻي ڪانڌُ، پاڻيهِي پيھِي آيو، ڏِنُو ڍولِئي پاندُ، وِئو سُورُ وَرِھِينِ کي.[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- ڍولَ مَ کَڻين ٻانھَڙِي، پِرھَ مَ کَڻين پاندُ، آئُون پانھِنجو ڪانڌُ، لوڪان لِڪِي رانِئِيان.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- اَڄُ پُڻ اُجَهڻَ کي مَرين، نَڪِي ڪِتُئِي ڪالَهہ، اَرٽَ اوڏِيائي نَہ وَھين، مَحڪُمُ وَٽِيين نَہ مالَهہ، ڀورِي تو سين ڀالَ،…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- پيرِين ۽ ڀانيَين، اِيئَن وِڏو ھِيُئِي ڪانڌُ، ويٺِي وارِ اَرٽَ سين، ڳِچِيءَ پايو پاندُ، تَہ تُنھِنجو وِڙواندُ، ڪِتو وِتو نَہ…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- سَڄَڻُ ڏِٺو جَنِ، تَنِ اَرٽَ اولاڻي ڇَڏِئا، مَٿي مُونَنِ ھَٿَڙا، اَکِيُون ڏانھَن پِرِيَنِ، توڻي ڪِينَ ڪَتَنِ، تَہ نَہ ڪانڌُ اُنِ…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- چَرَکو پَنھِنجي چِتَ ۾، ڀَيءَ ڀيرِيو جَنِ، توڻي ڪِينَ ڪَتَنِ، تَہ بِہ ڪانڌُ اُنِ جو ڪوڏِئو.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- سَٻَرُ سِيءُ پِئو، نَہ مُون سَوَڙِ نَہ گَبِرو، نَہ مُون ڪانڌُ نَہ قُوتِ، ھِي، جوڀَنُ وَھِي وِئو، تَنِي حالُ ڪِھو،…[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- پَٽُ نَہ پَرَھِيان سُومَرا، جان ڪِي تان جِيئان، آئُون ڪِيئَن لوئِي لاھِيان، ڪارَڻِ ٻِنِ ڏِينھان، جان سين ٿِي جِيئان، ڪانڌُ…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- کَٿيرو ئِي خُوبُ، ڪانڌُ نَہ ڪَندِيَسِ ڪو ٻِئو، ميرو ئِي مَحبُوبُ، اَسان مارُو مَڃِئو.[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- مُون مَ کَسيجاهُ لوئِي، مِيان عُمَرَ، مُون مَ کَسيجاهُ، آئُون جَا نِماڻِي لَڪَنِ لوڏِي. ساڻُ پُلاهَ نَہ پاڙِيان، سَندي ڏورَنِ…[ سُر مارئي - وايون ]
- سا ڪِيئَن لاهِيان لوئِي، جا پَھرِئَمِ پَنوَهارَنِ سين، مِٽِي جا مَلِيرَ جي، مَرُ مِينڍي ۾ هوئِي، واسي وارَ نَہ ويڙِهِيان،…[ سُر مارئي - وايون ]