ڪانڌُ جي سنڌي معنيٰ
مڙس، ڀتار ۽ وَرُ، گهر وارو، شوهر، مرد، پتي. دلوارو، محبوب، وڻندڙ، پيارو، مرغوبُ، پريتم، ڍولڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A husband, lord, spouse, hubby, groom, bridegroom.
ڪانڌُ جا بيتن ۾ حوالا
تَڙَ نِھارِئان تي مُنھِنجا بَندَرِ وِئَڙا جٖي،
مانَ سِڙَه سُڃاڻان سَڄَڻين،
گهَڻو اُڪَنڊِي آھِيان، پِرِينءَ پَنھِنجي کي،
کَٿُورِي سَمُنڊَ کي، اَکا ڏِيان آڻي،
اُڀِي اوسَھَ پايان، ڪارَڻِ وَڻِجاري،
آسائِتي آھِيان، اللهَ ڪانڌُ اَچي.
[ سُر سامونڊي، وايون، 2 ]

جَرِ تَڙِ ڏِيا ڏي، وَڻَ ٽِڻَ ٻَڌي وانئُٽِيُون،
اَلا ڪانڌُ اَچي، آسائِتي آھِيان.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 23 ]
اَلا ڪانڌُ اَچي، آسائِتي آھِيان.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 23 ]
وَڻِجاري ڪانڌا، ڪورِي ڪانڌُ نَہ ڪَرئين،
اُٿِئو آڏاڻِئا، تو ڳَرِ ڏيِندو ٻانهَڙِي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 18 ]
اُٿِئو آڏاڻِئا، تو ڳَرِ ڏيِندو ٻانهَڙِي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 18 ]
جانۡ مُون وَڻِجارو ڪانڌُ، تانۡ ھَڏِ مَ لائُون لَڌِيُون،
مَٿي پَرَ ڏيھَ سانگُ، اَٺَئِي پَھرَ اُنَ جو.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 20 ]
مَٿي پَرَ ڏيھَ سانگُ، اَٺَئِي پَھرَ اُنَ جو.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 20 ]
مينھِيُون ھِنَ ميھارَ جُون، اللهَ ڪَرِ گهَڻِيون،
ٻِلَهہ ٽِلَهہ ڪامَ ٿِئي، سَڀَ چالُون چَئُہ ٿَڻِيُون،
ڪُونھُون ڄَڻي ڪامَ ڪا، سَڀَيئِي وَڇَڙِيُون،
ٻيلا ڪِجِ ٻَھُون، تَہ ڪانڌُ ڪُوڪاري ڪنڌئين.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 26 ]
ٻِلَهہ ٽِلَهہ ڪامَ ٿِئي، سَڀَ چالُون چَئُہ ٿَڻِيُون،
ڪُونھُون ڄَڻي ڪامَ ڪا، سَڀَيئِي وَڇَڙِيُون،
ٻيلا ڪِجِ ٻَھُون، تَہ ڪانڌُ ڪُوڪاري ڪنڌئين.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 26 ]
ڪُڻِڪَنِ ڪانڌُ چِتِ ڪِئو، پَسِئو جُهڙُ جُهڻِڪَنِ،
سُڻِئو رَڙِ رَعدَ جِي، ڪَلهِيُون ٿِيُون ڪَنبَنِ،
وارِثُ وَرِي تَنِ، اَچي شالَ اولو ڪَري.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 25 ]
سُڻِئو رَڙِ رَعدَ جِي، ڪَلهِيُون ٿِيُون ڪَنبَنِ،
وارِثُ وَرِي تَنِ، اَچي شالَ اولو ڪَري.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 25 ]
ڀَڳو آئُون نَہ چَوان، مارِيو تَہ وِسَھان،
ڪانڌُ مُنھَن ۾ ڌَڪَڙا، سيڪِيندِي سُونھان،
تَہ مَرُ لَڄَ مَران، جي ھُونِسِ پُٺِ ۾.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 16 ]
ڪانڌُ مُنھَن ۾ ڌَڪَڙا، سيڪِيندِي سُونھان،
تَہ مَرُ لَڄَ مَران، جي ھُونِسِ پُٺِ ۾.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 16 ]
ھَلُ ھِنيَين سين ھوتَ ڏي، ڇَپَرِ ھَڏِ مَ ڇُلُ،
آرِياڻِي اَمُلُ، ڪايا ۾ ڪانڌُ ٿِئو.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 16 ]
آرِياڻِي اَمُلُ، ڪايا ۾ ڪانڌُ ٿِئو.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 16 ]
ڏِسَڻَ ڪَرَ ڏارِي، اَندَرِ سَتِي سَسُئِي،
اِنهين پَرِ آرِي، ڪانڌُ ڪَمِيڻِيءَ کَٽِئو.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 12 ]
اِنهين پَرِ آرِي، ڪانڌُ ڪَمِيڻِيءَ کَٽِئو.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 12 ]
ڪِيئَن اَڙايُئِي پاندُ، پَلَئُہ پَرَڏيھِيَنِ سين،
مَتِيُون مُوڙِھِيُئِي سَسُئِي، ڪِيُئِي ڪوھِيارو ڪانڌُ،
رُلِي ڀانيُئِي راندِ، ٻانڀَڻِ عِشقَ ٻَروچَ جو.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 8 ]
مَتِيُون مُوڙِھِيُئِي سَسُئِي، ڪِيُئِي ڪوھِيارو ڪانڌُ،
رُلِي ڀانيُئِي راندِ، ٻانڀَڻِ عِشقَ ٻَروچَ جو.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 8 ]
English Meaning
A husband, lord, spouse, hubby, groom, bridegroom.