ڏُونگَرين بابت
معنيٰ
ڏونگرن ۾، جبلن ۾.
In the mountains.
بيتن ۽ وائين ۾
- ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، ڪَرِ ڪو واڪو وَسُ، چَڙِھي ڏاڍين ڏُونگَرين، پيرُ پِريان جو پَسُ، ڏوٿِي ڏِيندا ڏَسُ، توکي…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- ڪَرِ ڪو واڪو وَسُ، ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، چَڙھِي ڏاڍين ڏُونگَرين، پيرُ پِريان جو پَسُ، ڏورَڻَ مَنجهان ڏَسُ، پُوندُءِ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- ٿورَ ويرَمِي ٿِيءُ، وَڃَڻُ ويرَ مَ نَہ سَھي، ڏيئِي مَرِجِ ڏُونگَرين، جَتَنِ ڪارَڻِ جِيءُ، ھَڏِ نَہ ھُوندو ھِيءُ، ساھُ پِريان…[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- جيڪي لَنڊِي ٿِيءُ، نَہ تَہ ٿِيءُ واڻيندَلَ وِچَ ۾، جَتَنِ ڪارَڻِ جِيءُ، ڏيئِي مَرجِ ڏُونگَرين.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، آڌِي آھُون پُونِ، مُئي پُڃاڻا مُنڌَ کي، روجَهہ رُڃنِ ۾ رُونِ، ڀُڻان اِيئَن چُوَنِ، تَہ مُئِيءَ اَسان…[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، اوڇِنگارون اَچَنِ، ھَڻِي سانگِ سَسُئِيءَ کي، ڪِلو ڪِئو ڪيچِنِ، جي ھَٿان ھوتَ مَرَنِ، ھوتُ تَنِي جي ھنجَ…[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، وَڻَ ٽِڻَ وايُون ڪَنِ، وَٽان ويئِي جَنِ، وَڍِيءَ سي واڍوڙِئا.[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- جيڏِيُون جاجَڙَ لائِي، جِيءَ جَتَنِ سين، سا سَرَتِيُون سِيباڻِئامِ، تَنھِن جِيئَڻُ جالَ ڪِئومِ، مَھَرَ جا مَيَنَ جِي، سَنجهي ھَٿِ ھُيامِ،…[ سُر معذوري - وايون ]
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ جَبَلَ جالارا، ڏِنَمِ ڏاڍين ڏُونگَرين، لَيءِ آرِي اُلارا، ڪَھَ ۾ ڪوھِيارا، اَچِجِ تَہ اوڏِي ٿِيان.[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- وِئا سُڃَ سَنجهي ڪَري، ڀينَرُ راتِ ڀِنِي، سُڌِ لَڏِيندي ساٿَ جِي، ڏيرَنِ ڪانَہ ڏِنِي، وِئَڙا سَڱُ ڇِنِي، ڏُکِي ڏولي ڏُونگَرين.[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- ڏُکِي ڏولي ڏُونگَرين، وِئا ڇَپَرَ ۾ ڇورِي، جِهڄَڻُ ۽ جهورِي، سَسُئِيءَ سَرِواڻَنِ جو.[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، ڏاڙِهيءَ ڀَنڀا ڏيرَ، ڏيندِيَسِ ڏاڍين ڏُونگَرين، اُنِين لَيءِ اُليرَ، ڪيچِ پُڄَندِي ڪيرَ، وَڃَڻَ سين وَسُ ڪَرِيان.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- جيڪَرَ رَوان روشَ، مَروشِي مَحبُوبَ ڏي، مُنا گُشِي مَولِدي، ديوا پُنهون دوسَ، چَڙِھِي ڏاڍين ڏُونگَرين، پُرِ ڪَرِيندِي پوشَ، ٿَئي گُواکا…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- بُرو ڪَشِي بَر چَڙِهئا، نِڌِ نَئُون نيئِي، بارِي اُٺَ بَلوچَ سين، مَهري مِڙيئِي. ڏُکِيءَ کي ڏيئي، وِئا ڏاڍين ڏُونگَرين.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- نِڪِرُ ڏُکِي ڏيھَ مان، ھاڻي ڇَڏِ ھِيءُ ھَنڌُ، ڪارَڻِ ھوتَ پُنهونءَ جي، راھَ پُڇائِجِ رَندُ، سَفَرُ طَوِيلُ وَزادَھا قَلِيلُ، پَٽِيين…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- جٖي ھاڙِھي ھيٺِ چَرَنِ، تَنِ مَيَنِ مارِي آھِيان، ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، پَچارُون پَوَنِ، ڏِٺِي ڏوٿِيَڙَنِ، پارَ ڪَڍَندي پَٻَ ۾.[ سُر ديسي - جبل ڏي نہ جواب ]
- سَڄَڻَ ميخُون ڏُونگَرين، ڏُونگَرَ ڀُونيُنِ ڪِيرَ، اِھَڙا سيڻَ سُڌِيرَ، ڪِينَ لَھَندِينءَ ڪي ٻِئا.[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، حاذِقَ ھوتاڻِي، تَوِھِين لَيءِ کاڻِي، ڏُکِي ڀُڻِي ڏُونگَرين.[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، موڙي مَرُ مَ پيرُ، آرِيءَ لَيءِ اُليرُ، ڏيئِي مَرِجِ ڏُونگَرين.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- ڇَپَرَ پيرَ ڇِنامِ، آئُون ڪَنھِن پَرِ ھَلان ڪيچَ ڏي، ڏيرَنِ ڏُکَ ڏِنام، ڪِينَ ڏُکويَسِ ڏُونگَرين.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- لَڳِينءَ لاڳاپي، ڀورِي مُنڌَ ڀَنڀورَ جي، پِرِين وِڃايُئِي تي، ڏُکِي ڏورِيين ڏُونگَرين.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ڪوھِيارِي جِي ڪا ماريندِيَمِ ماءَ، جا مَنَ اَندَرِ ڳالِهڙِي، چَڙھان ڏاڍِين ڏُونگَرين، سُپيرِيان جي ساءِ، ھوتَ ھَلَنِ آئُون وِھان، تان…[ سُر حسيني - وايون ]
- روئِي لاٿو مُون، جان جان ڏُکُ نَہ ھو ڏُونگَرين، وِئو ٻاروچو نِڪرِي، اللهَ آھِين تُون، ڪَھان تان ڪيچان پَري، وِھان…[ سُر حسيني - وايون ]
- عِشقُ اِھَڙِي ذاتِ، جو مانجِهي مُنجهائي مَيَنِ کي، ڏِينھان ڏورَڻُ ڏُونگَرين، رُئَڻُ سَڄِيائِي راتِ، اُٿِي ويٺي تاتِ، مِيان مَحبُوبَنِ جِي.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- ھوتُ نيڻان جو دِلِبَندُ، ڀَلو جانِي، ھيڏَانھَن ھوڏانھَن سُپِرِين، ڪاڏي وَرايان ڪَنڌُ، چَڙِهي ڏاڍِين ڏُونگَرين، راھَ پُڇايان رَندُ، سَيِّدُ سَڀَنِئا…[ سُر بروو سنڌي - وايون ]
- مُون کاھوڙِي لَکِئا، ويھِي نَہ ويرَمَ ڪَنِ، ڏِينھَن تَتي ۾ ڏُونگَرين، ڪارَڻِ قُوَتَ ڪَھَنِ، جَهنگَلَ ۾ جُهڻِڪَنِ، جُھ ڏوٿِي ڏُٿُ…[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- کاھوڙِيَنِ کَڻِي، ساجُهرِ ٻَڌا سَندِرا، ڏورِيندي ۾ ڏُونگَرين، ڪِئائُون پاڻُ پَڻِي، ڏُکَنِ ڏِيلُ ھَڻِي، ڇيھُ لَڌائُون ڇَپَرين.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- ڀَڪُلِئا ڀُڻَنِ، دَلَقَ گَڏِئو ڌُوڙِ ۾، راتِيان رُڃ رَھَنِ، ڏِينھان ڏورَڻُ ڏُونگَرين.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- ڏُونگَرين ڏِسجَن، اَڳي رَيُون اُنِ جُون، ڏوٿيَڙا ڏُٿَ کي، آراڙِ اَچَنِ، خِيما کاھوڙِيَنِ، اَڄُ نَہ اُنِهين ڀيڻِيين.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- ڏوري ڏِسِي ڏُونگَرين، واٽَ وِڃائِي جَنِ، اُوءِ بَصِيرَ بَرَنِ ۾، اَنڌا ٿِئو اُڀِيَنِ، ڪَنَنِ آڏِيُون تاڙِيُون، گُنگَنِ جِيئَن گهُمَنِ، فِراقِي…[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- سائِين سَڱُ سَندومِ، مَ ڇِڄي سين سامِيين، ھَلَڻَ جو ھِنگلاجَ ڏي، آديسَينِ اُتومِ، نيئِي پُورَڀَ پارَ ڏي، ويراڳِيَنِ وِڌومِ، سوئِي…[ سُر پورب - وايون ]
- پِرِيَنِئُون پوءِ، موٽِي موٽِي نَہ وِھاءِ راتِ، راھَ رَمَندَڙِي روءِ، ڦوڙائو فَقِيرِ کي، قادِرَ ڪوھُ ڏِنوءِ، چَڙِهئا ڏاڍين ڏُونگَرين، سيڻَنِ…[ سُر آسا - وايون ]