ڏُونگَرين جي سنڌي معنيٰ
ڏونگرن ۾، جبلن ۾.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
In the mountains.
ڏُونگَرين جا بيتن ۾ حوالا
ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، ڪَرِ ڪو واڪو وَسُ،
چَڙِھي ڏاڍين ڏُونگَرين، پيرُ پِريان جو پَسُ،
ڏوٿِي ڏِيندا ڏَسُ، توکي ٻاروچَنِ جو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 19 ]
چَڙِھي ڏاڍين ڏُونگَرين، پيرُ پِريان جو پَسُ،
ڏوٿِي ڏِيندا ڏَسُ، توکي ٻاروچَنِ جو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 19 ]
ڪَرِ ڪو واڪو وَسُ، ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾،
چَڙھِي ڏاڍين ڏُونگَرين، پيرُ پِريان جو پَسُ،
ڏورَڻَ مَنجهان ڏَسُ، پُوندُءِ ھوتَ پُنهونءَ جو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 20 ]
چَڙھِي ڏاڍين ڏُونگَرين، پيرُ پِريان جو پَسُ،
ڏورَڻَ مَنجهان ڏَسُ، پُوندُءِ ھوتَ پُنهونءَ جو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 20 ]
جيڏِيُون جاجَڙَ لائِي، جِيءَ جَتَنِ سين،
سا سَرَتِيُون سِيباڻِئامِ، تَنھِن جِيئَڻُ جالَ ڪِئومِ،
مَھَرَ جا مَيَنَ جِي، سَنجهي ھَٿِ ھُيامِ،
صُبحِ سُتي سُکَ ۾، ويسَلي وِئامِ،
ڪِيھُون ڪوھَنِ پَٽِيين، ڪُوڪُون جَمازانِ،
ھوتاڻِي ھَٿُ کَڻي مَنَ پُنهون پِيادِيانِ،
ھَڪَل ھوتَ پُنهونءَ جِي، سَڳَرَ ۾ سُيامِ،
ڏورِيندي ۾ ڏُونگَرين، ٿاھَرَ ٿوڀَ ٿِئام،
ڪوڙيِين ڀالَ پُنهونءَ جا، گَنجي مَنجِهہ گُهرِيامِ،
سُتي سَنگهَر پَٽِيين، جَنھِن سِگهَڙِي سارَ لَڌِيام،
وِلِهُون ويلا ڇَپَرين، ڪارَڻِ جَنِ ڪِئامِ،
موٽِي ماءُ ڀَنڀورَ ۾ اَڱَڻِ سي آيامِ.
[ سُر معذوري، وايون، 3 ]

ٿورَ ويرَمِي ٿِيءُ، وَڃَڻُ ويرَ مَ نَہ سَھي،
ڏيئِي مَرِجِ ڏُونگَرين، جَتَنِ ڪارَڻِ جِيءُ،
ھَڏِ نَہ ھُوندو ھِيءُ، ساھُ پِريان تان صَدِقو.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 13 ]
ڏيئِي مَرِجِ ڏُونگَرين، جَتَنِ ڪارَڻِ جِيءُ،
ھَڏِ نَہ ھُوندو ھِيءُ، ساھُ پِريان تان صَدِقو.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 13 ]
جيڪي لَنڊِي ٿِيءُ، نَہ تَہ ٿِيءُ واڻيندَلَ وِچَ ۾،
جَتَنِ ڪارَڻِ جِيءُ، ڏيئِي مَرجِ ڏُونگَرين.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 13 ]
جَتَنِ ڪارَڻِ جِيءُ، ڏيئِي مَرجِ ڏُونگَرين.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 13 ]
ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، وَڻَ ٽِڻَ وايُون ڪَنِ،
وَٽان ويئِي جَنِ، وَڍِيءَ سي واڍوڙِئا.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 15 ]
وَٽان ويئِي جَنِ، وَڍِيءَ سي واڍوڙِئا.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 15 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ جَبَلَ جالارا،
ڏِنَمِ ڏاڍين ڏُونگَرين، لَيءِ آرِي اُلارا،
ڪَھَ ۾ ڪوھِيارا، اَچِجِ تَہ اوڏِي ٿِيان.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 4 ]
ڏِنَمِ ڏاڍين ڏُونگَرين، لَيءِ آرِي اُلارا،
ڪَھَ ۾ ڪوھِيارا، اَچِجِ تَہ اوڏِي ٿِيان.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 4 ]
وِئا سُڃَ سَنجهي ڪَري، ڀينَرُ راتِ ڀِنِي،
سُڌِ لَڏِيندي ساٿَ جِي، ڏيرَنِ ڪانَہ ڏِنِي،
وِئَڙا سَڱُ ڇِنِي، ڏُکِي ڏولي ڏُونگَرين.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 3 ]
سُڌِ لَڏِيندي ساٿَ جِي، ڏيرَنِ ڪانَہ ڏِنِي،
وِئَڙا سَڱُ ڇِنِي، ڏُکِي ڏولي ڏُونگَرين.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 3 ]
ڏُکِي ڏولي ڏُونگَرين، وِئا ڇَپَرَ ۾ ڇورِي،
جِهڄَڻُ ۽ جهورِي، سَسُئِيءَ سَرِواڻَنِ جو.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 4 ]
جِهڄَڻُ ۽ جهورِي، سَسُئِيءَ سَرِواڻَنِ جو.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 4 ]
وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، ڏاڙِهيءَ ڀَنڀا ڏيرَ،
ڏيندِيَسِ ڏاڍين ڏُونگَرين، اُنِين لَيءِ اُليرَ،
ڪيچِ پُڄَندِي ڪيرَ، وَڃَڻَ سين وَسُ ڪَرِيان.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 6 ]
ڏيندِيَسِ ڏاڍين ڏُونگَرين، اُنِين لَيءِ اُليرَ،
ڪيچِ پُڄَندِي ڪيرَ، وَڃَڻَ سين وَسُ ڪَرِيان.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 6 ]
English Meaning
In the mountains.