ڏيجِ بابت
معنيٰ
ڏي، ڏِجُ، آڻ.
Give, do, hand over.
بيتن ۽ وائين ۾
- جَي ھُو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ ۾، تَہ سِينو سِپَرَ ڏيجِ، مُنھَن ۾ مَحبُوبَنِ جا، جهالُو ٿِي جَهليجِ، پاھان پَڳَ مَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- چُوندَنِ ڪِيمَ چَئيجِ، ويڻَ وَرائي سامُھان، ڪا مَتِ قِيمَتَ جِھَڙِي، روزُ ڏَمَرَ کي ڏيجِ، ويڻُ مَ وَرائيجِ، تَہ سَڀَ سُھاڳِي…[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- اَچِي سارَ لَھيجِ، ساجَنَ سُورَ تُماري آئُون مارِي، سُورَ تُماري جي مَران، تان مُون ڏوھُ مَ ڏيجِ، ڊَبَنِ ڀَري ھَٿَڙا،…[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- سوداگَرَ سَمُنڊَ جا، لاڄُو لالَ وَٽيجِ، سِڙَه سَنباھَي سَقُلاتَ جا، کُوھا خُوبُ کَڻيجِ، اَڇا اولا عاجَ جا، چَڱا چِٽائيجِ، سَتَ…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- ھارِيۡ حَقُ رَکيجِ، سانڀارا ساھَڙَ جو، وَھمَ جي وُجُودَ جا، وِچان سَڀَ وَڍيجِ، خُوابَ خِيالَ خَطِرا، تَنِ جي تَرَڪُ ڏيجِ،…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- ھارِيۡ رَکِجِ حَقُ، سانڀارا ساھَڙَ جو، خُوابَ، خِيالَ، خَطِرا، ٽِنِهي ڏيجِ تَرَڪُ، ڪَري غَيرُ غَرَقُ، ويجهو ٿِيءُ وِصالَ کي.[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- پَڪو کَڻِجِ پاڻَ سين، چَڱو چِٽائي، ڪَچو ڏيجِ ڪُلالَ کي، ماڳھِين موٽائي، سو سُڻُ ھِنيَين سين سُهڻِي، جيڪِي فائِقُ فَرِمائي،…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- ڪِي تَران ڪِي تاريجِ، ڪِي سَگهان ڪِي سَگهُہ، آڏو ڏيجِ مَ گهَگهُہ، مُون ھيڪَلِيءَ وَلَها.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- سَتِي ٿِيءُ مَ سُهڻِي، لَنڊِي ٿِي لُڏيجِ، چَيو ڪَري چَگهَہ جو، آڌِيءَ راتِ اُٿيجِ، ريھِين ٻارِ ٻُڏيجِ، ڍَڪَڻَ ۾ ڍُڪُ…[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- آءُ اوراھُون سُپِرِين، ڏُکِيءَ ڏيجِ مَ ڏاگهُہ، وَٽِ ڇَڏي مُون واگهُہ، آرِي وِئين عِشقَ جو.[ سُر آبڙي - آءُ اوراھون، ناھ جميعت ]
- آءُ اوراھُون سُپِرِين، ڏُکِيءَ ڏاگهُہ مَ ڏيجِ، پيھِي گهَرِ پُڇيجِ، ھوتَ ھَلاڪَتَ نَہ ٿِئي.[ سُر آبڙي - آءُ اوراھون، ناھ جميعت ]
- سَردِيءَ سالِمُ نَہ رَھان، گَرمِيءَ ٿِيان گُدازُ، اَمُنُ ڏيجِ اَمانُ تُون، سائِلُ ھَڻي سازُ، رَبابِيءَ کي رازُ، ڪو خالِقَ ڏيجِ…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- سَردِيءَ سالِمُ نَہ رَھان، ڪوسِي سَھان ڪانَہ، اَمُنُ ڏيجِ اَمانُ تُون، دُورِ ڪَري ٻِئا دانَ، پانڊَپَ کائِي پانُ، وِجِهجِ پِڪَ…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- ڪَرَھا، ڪارَڻِ ڪاھَ، توکي ڌَڻِيَنِ ڌارِئو، ساري ڏيجِ سَيِّدُ چئَي، لُڊُوڻي تان لاھَ، مُقابِلو مُومَلَ سين، ٿِيندُءِ سَنجَهہ صُباحَ، سوڍي…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- نيئِي نيئِي ڏيجِ اي اَدا، پانڌِي پِرِينءَ سَنِيھو، ڪالَهہ ڪُوماڻا گُلَڙا سُڪا مَٿي سيڄَ، تو لَئي ھَنجُون ھارِيان، ھي جي…[ سُر راڻو - وايون ]
- جانۡ تُون ساقِي آھِين، تَہ وَٽِيءَ وِچُ مَ وِجُهہ، جُودُ تُنھِنجو جَکِرا، ثانِي آھي سِجُ، نِينھَن پِيالو نِجُ، خالِصُ ڏيجِ…[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- چيتا ڪِئو چُڻيجِ، بَڊاماڻِيءَ ڀُتِ ۾، نيڻين نِنڊَ مَ ڏيجِ، ڇيڙون ڇَپَرِ آيُون.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- سَنگهارَنِ ساري، ساٿِي ڏيجِ سَنِيھَڙو، سا ھيڪَلِي گهاري، مُنڌَ ڪاڇي ڪَنڌِيين.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- جَهجها ڏيجِ جُھارَ، مُنھِنجا مَلِيرَ ڄائِيين. آسَرَ ڀَرِي آھِيان، پَرچَنِ مانَ پَنوَھارَ، ويڙِھِيُون ۽ وَلَهارَ، ڪِ سُوايا سارِينِ مُون.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- پِھرِينءَ راتِ پَسِي، مُنھِنجو ماڙِيءَ مَنُ ڦِڪو ڪِئو، مُوهَڙِ مارُوئَڙَنِ کي، واحِدَ ڏيجِ وَسِي، اَهَرَ جَنھِن اَسِين، سو مِلَندو شالَ…[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ جا، ڏِجِ نِياپا نَي ڪي، ساري ڏيجِ سَرَتِيُنِ، يادِ پَوَنِئِي جيڪي، وَلِيُون وَڻَ ڦُلارِئا، ڪِرِڙَ پَڪا ڪي…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]
- پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ جا، جانۡ ٿو وَڃين وَسَ، ساري ڏيجِ سَرَتِيين، سَلامَنِ سَھسَ، آئُون اَوهان جِي آھِيان، گولِي مَٿي گَسِ،…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]
- پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ کي، ساري ڏيجِ سَلامَ، سِيلُ نَه ڀَڳو سُومَري، مَٿِسِ ناھِ مَلامَ، سَندي اُمَتَ ڄامَ، رِکئو پَنُ پَنوَهارِ…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]
- تُون تَماچِي تَڙَ ڌَڻِي، آئُون گَندَرِي غَرِيبِ، تو سان ڄامَ قَرِيبِ، ڪِي ڏَنُ ڇَڏائي ڏيجِ مُون.[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]
- جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، چِلُڙَ ڏيجِ مَ چَسُ، ٻَگهَنِ سين ٻيلَ ٻَڌِي، ڪُنبَ نِھارِ مَ ڪَسُ، پَکِي سيئِي پَسُ، جَنِ…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]