ڏيجِ جي سنڌي معنيٰ
ڏي، ڏِجُ، آڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Give, do, hand over.
ڏيجِ جا بيتن ۾ حوالا
جَي ھُو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ ۾، تَہ سِينو سِپَرَ ڏيجِ،
مُنھَن ۾ مَحبُوبَنِ جا، جهالُو ٿِي جَهليجِ،
پاھان پَڳَ مَ ڏيجِ، عاشِقُ ٿِيءُ تَہ اُبَھين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 8 ]
مُنھَن ۾ مَحبُوبَنِ جا، جهالُو ٿِي جَهليجِ،
پاھان پَڳَ مَ ڏيجِ، عاشِقُ ٿِيءُ تَہ اُبَھين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 8 ]
سَردِيءَ سالِمُ نَہ رَھان، گَرمِيءَ ٿِيان گُدازُ،
اَمُنُ ڏيجِ اَمانُ تُون، سائِلُ ھَڻي سازُ،
رَبابِيءَ کي رازُ، ڪو خالِقَ ڏيجِ خَلِيلَ جو.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 1 ]
اَمُنُ ڏيجِ اَمانُ تُون، سائِلُ ھَڻي سازُ،
رَبابِيءَ کي رازُ، ڪو خالِقَ ڏيجِ خَلِيلَ جو.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 1 ]
چُوندَنِ ڪِيمَ چَئيجِ، ويڻَ وَرائي سامُھان،
ڪا مَتِ قِيمَتَ جِھَڙِي، روزُ ڏَمَرَ کي ڏيجِ،
ويڻُ مَ وَرائيجِ، تَہ سَڀَ سُھاڳِي ٿيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 25 ]
ڪا مَتِ قِيمَتَ جِھَڙِي، روزُ ڏَمَرَ کي ڏيجِ،
ويڻُ مَ وَرائيجِ، تَہ سَڀَ سُھاڳِي ٿيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 25 ]
اَچِي سارَ لَھيجِ، ساجَنَ سُورَ تُماري آئُون مارِي،
سُورَ تُماري جي مَران، تان مُون ڏوھُ مَ ڏيجِ،
ڊَبَنِ ڀَري ھَٿَڙا، دارُون دوسِتَ ڪَريجِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 34 ]
سُورَ تُماري جي مَران، تان مُون ڏوھُ مَ ڏيجِ،
ڊَبَنِ ڀَري ھَٿَڙا، دارُون دوسِتَ ڪَريجِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 34 ]
ھارِيۡ حَقُ رَکيجِ، سانڀارا ساھَڙَ جو،
وَھمَ جي وُجُودَ جا، وِچان سَڀَ وَڍيجِ،
خُوابَ خِيالَ خَطِرا، تَنِ جي تَرَڪُ ڏيجِ،
اَندَرِ آئينو ڪَري، پِرِين سو پَسيجِ،
اِنَهِيءَ راھَ رَميجِ، تَہ مُشاھِدو ماڻِيين.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 13 ]

ھارِيۡ رَکِجِ حَقُ، سانڀارا ساھَڙَ جو،
خُوابَ، خِيالَ، خَطِرا، ٽِنِهي ڏيجِ تَرَڪُ،
ڪَري غَيرُ غَرَقُ، ويجهو ٿِيءُ وِصالَ کي.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 14 ]
خُوابَ، خِيالَ، خَطِرا، ٽِنِهي ڏيجِ تَرَڪُ،
ڪَري غَيرُ غَرَقُ، ويجهو ٿِيءُ وِصالَ کي.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 14 ]
پَڪو کَڻِجِ پاڻَ سين، چَڱو چِٽائي،
ڪَچو ڏيجِ ڪُلالَ کي، ماڳھِين موٽائي،
سو سُڻُ ھِنيَين سين سُهڻِي، جيڪِي فائِقُ فَرِمائي،
مَوجُون مُنجهائي، مَڇُڻ مارِينَئِي مَھِراڻَ جُون.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 19 ]
ڪَچو ڏيجِ ڪُلالَ کي، ماڳھِين موٽائي،
سو سُڻُ ھِنيَين سين سُهڻِي، جيڪِي فائِقُ فَرِمائي،
مَوجُون مُنجهائي، مَڇُڻ مارِينَئِي مَھِراڻَ جُون.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 19 ]
ڪِي تَران ڪِي تاريجِ، ڪِي سَگهان ڪِي سَگهُہ،
آڏو ڏيجِ مَ گهَگهُہ، مُون ھيڪَلِيءَ وَلَها.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 15 ]
آڏو ڏيجِ مَ گهَگهُہ، مُون ھيڪَلِيءَ وَلَها.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 15 ]
آءُ اوراھُون سُپِرِين، ڏُکِيءَ ڏيجِ مَ ڏاگهُہ،
وَٽِ ڇَڏي مُون واگهُہ، آرِي وِئين عِشقَ جو.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 4 ]
وَٽِ ڇَڏي مُون واگهُہ، آرِي وِئين عِشقَ جو.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 4 ]
آءُ اوراھُون سُپِرِين، ڏُکِيءَ ڏاگهُہ مَ ڏيجِ،
پيھِي گهَرِ پُڇيجِ، ھوتَ ھَلاڪَتَ نَہ ٿِئي.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 5 ]
پيھِي گهَرِ پُڇيجِ، ھوتَ ھَلاڪَتَ نَہ ٿِئي.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 5 ]
English Meaning
Give, do, hand over.