پاڻِهين بابت
معنيٰ
پاڻ ئي، خود بخود، پاڻ مرادو، پاڻون ڄاڻي، ڄاڻي واڻي.
Automatic, by own self,
بيتن ۽ وائين ۾
- پاڻِهين پَسي پاڻَ کي، پاڻِهين اِيءُ مَحبُوبُ، پاڻِهين خَلَقي خُوبُ، پاڻِهين طالِبُ تَنِ جو.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- پاڻِهين جَلَّ جَلالُهُ ، پاڻِهين جانِ جَمالُ، پاڻِهين صُورَتَ پِرِينءَ جِي، پاڻِهين حُسُنُ ڪَمالُ، پاڻِهين پِيرُ مُريدُ ٿِئي، پاڻِهين پاڻَ…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- ڪانارِئا ڪُڻِڪَن، جَنِي لوھُ لِڱَنِ ۾، مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، پِئا لالَ لُڇَنِ، پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين چِڪِئا ڪَنِ، وَٽان…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- رَھِي اَچِجي راتِڙِي، تَنِ واڍوڙِيَنِ وَٽاءَ، جَنِ کي سُورُ سَرِيرَ ۾، گَهٽَ مَنجهان را گهاءَ، لِڪائَي لَوڪاءَ، پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون.[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين ڌَڪَ ڌُئَن، ويڄَنِ وِرِچِي ڇَڏِئا، اَڄُ ڪِي ڪالَهہ مَرَنِ، ڪَنھِن کي ڪِينَ چَوَنِ، تَہ دَردُ اَسان…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺي وِھِجِ دَرُ، پِرِين پُڇَندَءِ پاڻِهين، لَھَندين سَرُ سُڀَرُ، اُنِهين جو اَثَرُ، رَھبَرُ ٿِيندُءِ راھَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ رَندُ، پِياريندَءِ پاڻِهين، مَيخاني جو مَندُ، سَرو اُنِ جو سَڦِرو، سُپَڪُ آھي سَنڌُ، مَتان ڪَڍين…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي اللهُ ڪَري، پاڻِهين وِجِهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين ڪَنڌِي نِئي، سُتَڙِ سي ڍوئي، جٖي تَڙِ تَوائِي…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي جا ڪَري اللهُ، پاڻِهين وِجِهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين اُڪاري اوڙاھُ، تَنھِن واحِدَ کي واھَ، جو…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي ڪَري جوڙَ جَبارُ، پاڻِهين وِجهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين اُڪاري آڌارُ، جَھازُ جَوھَرِيءَ جو، تَنھِن کي…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- پاڻِهين لوڙائُو ٿِئي، پاڻهيِن دانھُون ڏي، گهَرَ وارو جاڳي، چوَرَنِ بَڇَ ڪَري.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- ڪوڙيِين پُڇَنِ ڪيچُ، ھوتُ پُڇي ڪا ھِڪِڙِي، جَنِ جو پُنهونءَ سين پيچُ، سي پاڻِهين ٿِيندِيُون پَڌِرِيُون.[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- ڏِنا جِيئَڻَ لاءِ جيڏِيُون، ڏيرَنِ مُون کي ڏُکَ، ڀَڳِيَسِ جان ڀَنڀورَ کان، سُورَ مِڙيئِي سُکَ، لَٿِي مُون تان لُکَ، پُنهون…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- پُنهون ٿِيَسِ پاڻِهين، وِئو سَسُئِيءَ جو شَرَمُ، ھيڪَلِيُون ھَلَنِ جي، ڀَڄي تَنِ ڀَرَمُ، جو وِندُرَ مَنجِهہ وَرَمُ، سو سودو سَرِئُسِ…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- پُنهون ٿِيَسِ پاڻِهين، وِئو سَسُئِيءَ جو سِينگارُ، مَنْ عَرَفَ نَفْسَهُ فَقَدْ عَرَفَ رَبَّهُ ، اِھوئِي آچارُ، وِندُرَ مَنجِهہ واپارُ، سو…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- پُنهون ٿِيَسِ پاڻِهين، ويئِي سَسُئِيءَ جِي سُونھَن، خَلقَ اللهُ آدمَ عَلیٰ صُورَتِه ، وَڻَنِ مَنجِهہ وِرُونھَن، چَرِيءَ مَنجهان چُونھَن، کَڻِي…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- سُورَنِ لَڌو سَنجُهہ، پاڻِهين پيھِي آيا، ڪَنھِن کي ڏِيان مَنجُهہ، مَرُ ٿا چِڻِڪَنِ چِتَ ۾.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- ھوتَنِ ڪانَہ ھُئِي، پاڻِهين پييَمِ پُنهون سين، ٻانِهي ٻاروچَنِ جِي، سَڳَرَ مَنجِهہ سُئِي، سا موٽي ڪِيئَن مُئِي، جَنھِن جو ھِييُون…[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- ڪَڏِھِين تان ڪو نَہ ٿِئومِ، آثارو عِشقَ جو، مَحبُوبَنِ مِنَٿُون ڪَري، سِڪَڻُ سيکارِئومِ، تِھان پوءِ ٿِئومِ پاڻِهين پَسَڻُ پِرِينءَ جو.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- پاڻِهين ويٺا پاڻَ سين، پَرِ ۾ ڪَنِ پَرياڻَ، اِھَڙا جَنِ اُھڃاڻَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- پاڻِهين ويٺا پاڻَ سين، پَرِ ۾ پَرِياڻِينِ، سامِي سَفَرِ ھَلِئا، آسَڻَ اُجهائِينِ، رُخصَتَ رُئاڙِينِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- پاڻِهين ويٺا پاڻَ سين، پَرِ ۾ پَرياڻينِ، ھُو جٖي ھَلَڻَ سَندِيُون، ڳاھُون ڳالَهائِينِ، وَڃَڻُ وڃائِينِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- ڍَڪَ ڍَڪِيندو مُون نَہ ڇَڏِيندو، شفيعُ شافِعُ سُپِرِين، اَنڌا اُونڌا آکُڙِئا، سَڀَ نِباھي نِيندو، وَٽان ويچارَنِ جي، داڙُو پاڻَ دَڙِيندو،…[ سُر بلاول - وايون ]
- مِيُون مَڱڻَھارَ کي، جَڏھِن سَمُجهائي، ڪِيرَتِيون قُلُوبَ ۾، پاڻِهين ٿو پائي.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- ٻي دَرِ وانءُ مَ ڪيڏانھِين، جو تُون ڄامُ مَڱَندين مَڱڻا، ڦيرِ مَ ڪَنڌُ ڪِياڙِي، ٿِيندِي حاجَ ھِنئائِين، ماڻِڪَ موتِي مالَ…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]
- اَکِيُنِ پانھِنجي مَتِ، پاڻَ سين پاڻِهين ڪِي، اُتي وَڃِي اَڙِيُون، جِتي جانِ کَپَتِ، نَہ ڪا ڳالِهہ نَہ ڳَتِ، جِيءَ ڏِني…[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- پاڻِهين پَچِي پييُون، ريءَ واھِيَتَ ريءَ واڙِ، جُوءِ ڪُشادِي جيڏِيين، مَلِيرُ موڪَ مُھاڙِ، اُتِ اَباڻا جَنھِن جا، سا ماڙِيءَ مُورِ…[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]