سُکُ بابت
معنيٰ
سَھَنجُ، سَوِلائِي. آسُودَگِي، راحَتَ، آرامُ، آنَندُ، ڪَلياڻ، چَينُ، فَرحَتَ، سُھُولَتَ، قَرارُ. ڪلمو چڱو، ٺَهِيو ، خَيرُ.
Ease, comfort, amusement, happiness, rest.
بيتن ۽ وائين ۾
- نَمِي کَمِي نِھارِ تُون، ڏَمَرَ پاسي ڏُکُ، مَنجهان صَبُرَ سُکُ، جَي سَنوارِئا سَمُجهين.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- دَرياھَ ڪَندي دَسَ، ڪِھَڙو سُکُ سَري تو، پاڙُون پَنَ پَهَسَ، ڪَڏِھِين کَڻِي ھَڻين تارِ ۾.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- نَڪو سُکُ نَکَٽين، نَہ ويساندِ نَئِين، جيڪا اَچي سامُهِين، ڀانيَين سا سَنئِين، مُوڙِيءَ ڪوھُ مَئِين، جِيئَن سَڄِيُون راتِيُون سُمَهين.[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- لَنڪا لَنڪا ڪَنِ، لاءِ لَنڪا جٖي اُھَرِئا، پَسِي سونُ لَنڪا جو، سُکُ نَہ سامُونڊِيَنِ، پِرھَ پَڳَھَ ڇوڙِيا، کاري کيڙائُنِ، آئُون…[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- سارَنگَ سارَ لَھيجِ، اللهَ لَڳِ اُڃِيَنِ جي، پاڻِي پوڄَ پَٽَنِ ۾، اَرِزان اَنُ ڪَريجِ، وَطَنُ وَسائِيجِ، تَہ سَنگهارَنِ سُکُ ٿِئي.[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- واھُوندِئان وِڄُون ٿِيُون، گُڙِيو ڏُونھِن کَنڀاتَ، ڪُنڍِيُون ڪاھي گَسِ ڪَرِيو، وَڇُون ڪَرِيو واٽَ، سَنگهارَنِ سُکُ ٿِيو، لَٿِي اُڃَ اُساٽَ، جُهوپي…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- نااُميدِي نُورُ، اُميدَ اوندَھِ اُنِ کي، سَندو ساجَنَ سُورُ، جَنِ سَرِئو تَنِ سُکُ ٿِئو.[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- جَي نَہ رَھِئا راتِ، تَہ ڪِھَڙو سُکُ سَرَتِيُون، ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ جي، مُٺِي مُلاقاتِ، مَتان مُٺِي ڇَڏِيين، طَلَبَ پِريان جِي تاتِ،…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- ڏُونگَرَ تو تي ڏُکُ، اَڃا آھيمِ ھِڪِڙو، سُورَنِ ڀَڳُمِ سُکُ، وِئا تي ٿِي ووڙِيان.[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- جيڏِيُون جي مان وِسَهو، تَہ ڪِينَ سُٻيلِي سُکُ، بَرُ بورائُو تَنِ جو، ڏُونگَرَ جَنِي ڏُکُ، آرِيءَ جو اَھُکُ، رَھنُما راھَ…[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ٻَرِي تَہ ٻيلِي گَهڻا، ساٿِي پُڇي سُکُ، رَفاقَتَ رِڃُنِ ۾، ڏُونگَرِ ڪَري ڏُکُ، آرِيءَ جو اُھُکُ، رَھنُما راھَ ٿِئو.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- سَنڌِيُون سُورَ ڪَرِينِ، ھَڏُ پُڻ ڏُکي ھوتَ کي، پِرِيَنِ جِي پاڻَ ڏِنا، سي سُتي سُکُ نَہ ڏِينِ، جٖي ماڻُهنِ کي…[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- ڏِيَڻُ گهَڻو ڏُھِلو، سِسِي ڏيَڻُ سُکُ، سو تان ڏِياچَ ڏُکُ، جو تعلَقُ رَکي تَندُ سين.[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- سورَٺِ مُئِي سُکُ ٿِئو، خِيما کَنيا کَنگهارَ، نَڪو راڳُ نَہ رُوپُ ڪو، نَہ ڪا تَندُ تَنوارَ، مَٿو مَڱڻَھارَ، ڏِنو سِرُ…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- سورَٺِ مُئِي سُکُ ٿِئو، خِيما ھَنيا کَنگهارَ، ٿِئو راڳُ رُوپُ سو، لَڳي تَندُ تَنوارَ، ڍِٽِ پَٽِ پيئِي پَچارَ، تَہ راجا…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- تان وَنءُ ويھِي آءُ، اَڱَڻِ کاھوڙِيَنِ جي، جوشَ ڏِنائُون جِيءَ کي، لِڪائَي لوڪان، ڏوٿِيَنِ ڪَنھِن ڏُکان، سُمَهِي سُکُ نَہ ماڻِئو.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- ارڙَھين ڏِينھِن اُٿئا، ڌاڳَنِ کي ڌوئِي، سامِي سُکُ نَہ سَنبِرِئا، ڪو نَہ ڪَڏِھِين ڪوئِي، ھُئَڙُنِ سُورُ سَماعَ جو، جَڳَٽَ ۾…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- اَسُکُ جَنِ اَويرَ، سي سَنجهي رَھَنِ سُمَهِي، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي آڌِيءَ ڏِينِ اُليرَ، اُٿِئو لوڪُ پَسي پَٽِ پِئا، سامِي مَٿي…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- تان ڪِي وَٽِنِ ويھُ، جان آھِينِ اوطاقُنِ ۾، سامِي سَفَرِ ھَلِئا، ڏُورِ چِتائي ڏيھُ، ڇَڏي سُکُ ساڻيھُ، مَٿي گَنگا گَجِئا.[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- سامِي چائِيين سُکُ طَلَبِيين، ھو مَ ھُوندَنِ جِيئَن، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، ھُونِ نَہ آديسِي اِيئَن، سي ڪاپَڙِي ڪِيئَن، جٖي تَعلَقَ…[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- سامِي چائِيين سُکُ طَلَبِيين، وارِيين نَہ ويراڳُ، لاڳاپا لَطِيفُ چئَي، ڇَڏي جوڳِي جاڳُ، جِيئَن تُون ڀُڻِين سَنِرو، اِيءُ آديسِي اَڀاڳُ،…[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- سامِي چائِيين سُکُ طَلَبِيين، سُکين نَہ سامِي، اَڃا اورِيين پَنڌَ ۾، ويٺين وِسامِي، گُرَ کي تُون نَہ گَڏِئو، چائِيين اِنعامِي،…[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- سامِي چائيين سُکُ طَلَبِين، تَسِئا ڏيِين نَہ تَنَ، مِنھُن ڪَرِئو ماڻُهنِ کان، پِنين اَٽا ۽ اَنَ، ڪاپَڙِي تو ڪَنَ، چِيرايا…[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- اَلابَندِي آئِيو، جَنھِن جي ھاٿِيءَ ھاڪَ ھَنئِي، ڀَڳا ڪوٽَ ڪُفارَ جا، پيئِي ڀُڄُ ڀَئِي، آرَڻِ ٻَڌِي اَبِڙي، ڪِي رِڻَ ۾…[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- اَلابَندِي آئِيو، جَنھِن جي ھاٿِيءَ ھَنئي ھاڪَ، ڀَڳا ڏيھَ ڀَيءِ پَئِي، سُڻِي ديمَنِ ڌاڪَ، آرَڻِ ٻَڌِي اَبِڙي، جي ڪا وَسان…[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- مَڻِيو وِجِهي مِٽِيءَ ۾، ھائِيءَ وِجِهِج ھارُ، سُوڀِي سُکُ سَيِّدُ چئَي، ڪَرِيين ڪوھُ قَرارُ، راجا رِيساڻُون گهَڻو، سَٽاڻُون سَرِدارُ، چوڏِسِ…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]