سُکُ جي سنڌي معنيٰ
سَھَنجُ، سَوِلائِي. آسُودَگِي، راحَتَ، آرامُ، آنَندُ، ڪَلياڻ، چَينُ، فَرحَتَ، سُھُولَتَ، قَرارُ. ڪلمو چڱو، ٺَهِيو ، خَيرُ.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Ease, comfort, amusement, happiness, rest.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
سُکُ جا بيتن ۾ حوالا
نَمِي کَمِي نِھارِ تُون، ڏَمَرَ پاسي ڏُکُ،
مَنجهان صَبُرَ سُکُ، جَي سَنوارِئا سَمُجهين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 13 ]
مَنجهان صَبُرَ سُکُ، جَي سَنوارِئا سَمُجهين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 13 ]
دَرياھَ ڪَندي دَسَ، ڪِھَڙو سُکُ سَري تو،
پاڙُون پَنَ پَهَسَ، ڪَڏِھِين کَڻِي ھَڻين تارِ ۾.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 19 ]
پاڙُون پَنَ پَهَسَ، ڪَڏِھِين کَڻِي ھَڻين تارِ ۾.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 19 ]
نَڪو سُکُ نَکَٽين، نَہ ويساندِ نَئِين،
جيڪا اَچي سامُهِين، ڀانيَين سا سَنئِين،
مُوڙِيءَ ڪوھُ مَئِين، جِيئَن سَڄِيُون راتِيُون سُمَهين.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 13 ]
جيڪا اَچي سامُهِين، ڀانيَين سا سَنئِين،
مُوڙِيءَ ڪوھُ مَئِين، جِيئَن سَڄِيُون راتِيُون سُمَهين.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 13 ]
لَنڪا لَنڪا ڪَنِ، لاءِ لَنڪا جٖي اُھَرِئا،
پَسِي سونُ لَنڪا جو، سُکُ نَہ سامُونڊِيَنِ،
پِرھَ پَڳَھَ ڇوڙِيا، کاري کيڙائُنِ،
آئُون جَهلِيندِي ڪيتِرو، آيَلِ سامُونڊِيَنِ،
وَڏي ڀاڳِ ڀِرَنِ، جٖي ڪَھِيا ڪارُونڀارَ ڏي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 27 ]
پَسِي سونُ لَنڪا جو، سُکُ نَہ سامُونڊِيَنِ،
پِرھَ پَڳَھَ ڇوڙِيا، کاري کيڙائُنِ،
آئُون جَهلِيندِي ڪيتِرو، آيَلِ سامُونڊِيَنِ،
وَڏي ڀاڳِ ڀِرَنِ، جٖي ڪَھِيا ڪارُونڀارَ ڏي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 27 ]
سارَنگَ سارَ لَھيجِ، اللهَ لَڳِ اُڃِيَنِ جي،
پاڻِي پوڄَ پَٽَنِ ۾، اَرِزان اَنُ ڪَريجِ،
وَطَنُ وَسائِيجِ، تَہ سَنگهارَنِ سُکُ ٿِئي.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 6 ]
پاڻِي پوڄَ پَٽَنِ ۾، اَرِزان اَنُ ڪَريجِ،
وَطَنُ وَسائِيجِ، تَہ سَنگهارَنِ سُکُ ٿِئي.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 6 ]
واھُوندِئان وِڄُون ٿِيُون، گُڙِيو ڏُونھِن کَنڀاتَ،
ڪُنڍِيُون ڪاھي گَسِ ڪَرِيو، وَڇُون ڪَرِيو واٽَ،
سَنگهارَنِ سُکُ ٿِيو، لَٿِي اُڃَ اُساٽَ،
جُهوپي ڏيئِي جهاٽَ، پُسائِيندو پَٽِيون.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 12 ]
ڪُنڍِيُون ڪاھي گَسِ ڪَرِيو، وَڇُون ڪَرِيو واٽَ،
سَنگهارَنِ سُکُ ٿِيو، لَٿِي اُڃَ اُساٽَ،
جُهوپي ڏيئِي جهاٽَ، پُسائِيندو پَٽِيون.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 12 ]
نااُميدِي نُورُ، اُميدَ اوندَھِ اُنِ کي،
سَندو ساجَنَ سُورُ، جَنِ سَرِئو تَنِ سُکُ ٿِئو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 16 ]
سَندو ساجَنَ سُورُ، جَنِ سَرِئو تَنِ سُکُ ٿِئو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 16 ]
جَي نَہ رَھِئا راتِ، تَہ ڪِھَڙو سُکُ سَرَتِيُون،
ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ جي، مُٺِي مُلاقاتِ،
مَتان مُٺِي ڇَڏِيين، طَلَبَ پِريان جِي تاتِ،
آئُون تان جوٺِي ذاتِ، تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِين.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 18 ]
ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ جي، مُٺِي مُلاقاتِ،
مَتان مُٺِي ڇَڏِيين، طَلَبَ پِريان جِي تاتِ،
آئُون تان جوٺِي ذاتِ، تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِين.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 18 ]
ڏُونگَرَ تو تي ڏُکُ، اَڃا آھيمِ ھِڪِڙو،
سُورَنِ ڀَڳُمِ سُکُ، وِئا تي ٿِي ووڙِيان.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 5 ]
سُورَنِ ڀَڳُمِ سُکُ، وِئا تي ٿِي ووڙِيان.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 5 ]
جيڏِيُون جي مان وِسَهو، تَہ ڪِينَ سُٻيلِي سُکُ،
بَرُ بورائُو تَنِ جو، ڏُونگَرَ جَنِي ڏُکُ،
آرِيءَ جو اَھُکُ، رَھنُما راھَ ٿِئو.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 24 ]
بَرُ بورائُو تَنِ جو، ڏُونگَرَ جَنِي ڏُکُ،
آرِيءَ جو اَھُکُ، رَھنُما راھَ ٿِئو.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 24 ]
English Meaning
Ease, comfort, amusement, happiness, rest.