ڏُکُ جي سنڌي معنيٰ
سُورِ، دَردُ، عَذابُ، ايذاءُ، پيڙا، ڪَشٽُ. رنج، غم، افسوس، ارمان، شوڪ، گوندر، دُکُ، اھنج، مشڪلات، سوڙه، تنگي، تڪليف، سختي، اِفلاس، آپدا، مصيبت.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Pain, grief, sorrow, suffering, anguish, misery, wretchedness, wound, sickness, agony
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
ڏُکُ جا بيتن ۾ حوالا
پھرِين ڪاتِي پاءِ، پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون،
ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جِيئَن وَڄاءِ،
سِيخُنِ ماھُ پَچاءِ، جَي نالو ڳِيَڙءِ نِينھَن جو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 10 ]
ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جِيئَن وَڄاءِ،
سِيخُنِ ماھُ پَچاءِ، جَي نالو ڳِيَڙءِ نِينھَن جو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 10 ]
مَتارا مَرِي وِئا، موکِي پَئِي مَرُ،
تُنھِنجو ڏُکُ ڏَمَرُ، ڪونَہ سَھَندو اُنِ ري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 12 ]
تُنھِنجو ڏُکُ ڏَمَرُ، ڪونَہ سَھَندو اُنِ ري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 12 ]
نَمِي کَمِي نِھارِ تُون، ڏَمَرَ پاسي ڏُکُ،
مَنجهان صَبُرَ سُکُ، جَي سَنوارِئا سَمُجهين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 13 ]
مَنجهان صَبُرَ سُکُ، جَي سَنوارِئا سَمُجهين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 13 ]
نَھِين نَھِين مَيڏِڙي وَسِ وو بِنان دِلبَرَ دِلِ ماندِي،
مُون کي مَتِ ميھارَ جِي، ڪا ٻِي ڪَسِ،
سِڪان ٿِي سِنگهارَ کي، بابِ نَہ مُنھِنجي بَس،
سُکَ نَہ پُڇي سُهڻِي، ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَسِ،
دَرِدَ دَسِي آھِيان، دَرِدُ مُنھِنجو دَسِ.
[ سُر سھڻي، وايون، 10 ]
مُون کي مَتِ ميھارَ جِي، ڪا ٻِي ڪَسِ،
سِڪان ٿِي سِنگهارَ کي، بابِ نَہ مُنھِنجي بَس،
سُکَ نَہ پُڇي سُهڻِي، ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَسِ،
دَرِدَ دَسِي آھِيان، دَرِدُ مُنھِنجو دَسِ.
[ سُر سھڻي، وايون، 10 ]
سُکين ٿِيءُ مَ سَنِرِي، پَسِي ڏُکُ مَ ڏَرُ،
پَٽِي ڪَرِ مَ پانھِنجو، گهورِئو اَڏِ مَ گهَرُ،
ماري ھَڏِ مَ مَرُ، مَڇُڻ جِيءُ جِيارِيين.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 26 ]
پَٽِي ڪَرِ مَ پانھِنجو، گهورِئو اَڏِ مَ گهَرُ،
ماري ھَڏِ مَ مَرُ، مَڇُڻ جِيءُ جِيارِيين.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 26 ]
غَفلَتَ يارُ گَنوايو، ٻَڙِي جيڏِيُون،
ڪِيئَن ڪَرِيان ڪوھُ ٿِئو،
سُتِيَسِ تان ساٿُ وِئو، اُٿِيَسِ تان ڏُکُ آيو،
پُڇان ٿِي پُنهونءَ کي، عَبَثُ تان اُنَ کايو،
ھوتَ ھَلَندي جا ڪَئِي، سا مُون ڳالِهہ سُڻايو.
[ سُر آبڙي، وايون، 4 ]
ڪِيئَن ڪَرِيان ڪوھُ ٿِئو،
سُتِيَسِ تان ساٿُ وِئو، اُٿِيَسِ تان ڏُکُ آيو،
پُڇان ٿِي پُنهونءَ کي، عَبَثُ تان اُنَ کايو،
ھوتَ ھَلَندي جا ڪَئِي، سا مُون ڳالِهہ سُڻايو.
[ سُر آبڙي، وايون، 4 ]
جيڏِيُون آئُون تان نَہ چَوَندِي لو، ڏُکُ ڏوراپو سيڻَنِ جي صَريِحُ،
سَڱا وَڃَنِ سَرَتِيُون، مِنَٿَ موٽَنِ مانَ،
ڀينَرُ ڀِيڻِي حُجَ جِي، ڪوھِيارِي سين ڪا نَہ،
سو تُون صاحِبُ آھِين، جو نَہ ڀيرائِيين ڀانَ،
سُوالِي سَمَگِئا، داتا ڏيئِي دانَ.
[ سُر آبڙي، وايون، 19 ]
سَڱا وَڃَنِ سَرَتِيُون، مِنَٿَ موٽَنِ مانَ،
ڀينَرُ ڀِيڻِي حُجَ جِي، ڪوھِيارِي سين ڪا نَہ،
سو تُون صاحِبُ آھِين، جو نَہ ڀيرائِيين ڀانَ،
سُوالِي سَمَگِئا، داتا ڏيئِي دانَ.
[ سُر آبڙي، وايون، 19 ]
ڏُکِي ڏُکُ مَٿي ڪَري، وانءُ ڇَپَرِ پيھِي،
گَڏِبِئِي ڏيھِي، سُوڌِيُون ڏِيندَءِ خَبَرُون.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 7 ]
گَڏِبِئِي ڏيھِي، سُوڌِيُون ڏِيندَءِ خَبَرُون.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 7 ]
ڪو جَو وَڍِيءَ وَڍُ، جِيئَن وِڙَ وَڍِيائِين وَڍَ سين،
ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَڍُ، جَنِ ڏِنِي سي ڏُکِئا ٿِئا.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 17 ]
ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَڍُ، جَنِ ڏِنِي سي ڏُکِئا ٿِئا.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 17 ]
ڪو مُنھُن ڪُٺَلِ آيو، ناھِ ويچارِي وَسِ،
ھوتَ تُنھِنجي ھَٿَ ري گولِي ٿِئي نَہ گَسِ،
ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَسِ، مُوڙِھِيءَ ڪو مُنھُن ٿِيي.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 9 ]