ڏُکَ جي سنڌي معنيٰ
سُورَ، دَردَ، عَذابَ، ايذاءَ، پيڙائون، ڪَشٽَ. رنج، غم، افسوس، ارمان، شوڪ، گوندر، دُکَ، اهنج، مشڪلاتون، سوڙه، تنگيون، تڪليفون، سختيون، اِفلاس، آپدائون، مصيبتون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Pain, grieves, sorrows, suffering, anguish, miseries, wretchedness, wounds, sickness, agonies.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
ڏُکَ جا بيتن ۾ حوالا
رَنجُورِيَن رُڻِڪَ، سَدا آھي سُورَ جِي،
ڪَنھِن جَنھِن ڏُکَ ڏَسائِيا، لَٿِيَنِ ڪِينَ جُڙِڪَ،
اِنَ ڀَلارِيءَ ڀُڻِڪَ، نيئِي ھيڪَرَ حُضُورِي ڪِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 21 ]
ڪَنھِن جَنھِن ڏُکَ ڏَسائِيا، لَٿِيَنِ ڪِينَ جُڙِڪَ،
اِنَ ڀَلارِيءَ ڀُڻِڪَ، نيئِي ھيڪَرَ حُضُورِي ڪِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 21 ]
ڏَمَرَ پاسو ڏُکَ سين، کانڌِ کَٿورِي ھوءِ،
وَٱللَّهُ مَعَ ٱلصَّابِرِينَ ، آگو ايِنهِن چوءِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 15 ]
وَٱللَّهُ مَعَ ٱلصَّابِرِينَ ، آگو ايِنهِن چوءِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 15 ]
ڏُکَ لاھِيندا ڏُونگَرَ وو ماءَ، پِرِيَنِ جا مُون کي سَڀَيئِي،
ڏاڍِي ذاتِ جَتَنِ جِي، وِئَڙا ڏِيلُ ڏَھِي،
جَو پَسان سو ڀايان، پِريان جو پَھِي،
ڏِٺا وَڻَ ڪوھِيارَ جا، ويئِي اُڃَ لَھِي،
آئُون ڏورِيندِي اُنِ کي، رائي راتِ رھِي.
[ سُر آبڙي، وايون، 21 ]
ڏاڍِي ذاتِ جَتَنِ جِي، وِئَڙا ڏِيلُ ڏَھِي،
جَو پَسان سو ڀايان، پِريان جو پَھِي،
ڏِٺا وَڻَ ڪوھِيارَ جا، ويئِي اُڃَ لَھِي،
آئُون ڏورِيندِي اُنِ کي، رائي راتِ رھِي.
[ سُر آبڙي، وايون، 21 ]
وَسي تَڏِھِين وَسَ، مُندَ مِڙيائِي مِينھَن جِي،
کيٽا کَٽَرُنِ ڇَڏِئا، جٖي ٿي مِڙِيُون مَسَ،
گابا، مَٿي گَسَ، ڏُکَ نَہ ڪَندا ڏُٻِرا.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 17 ]
کيٽا کَٽَرُنِ ڇَڏِئا، جٖي ٿي مِڙِيُون مَسَ،
گابا، مَٿي گَسَ، ڏُکَ نَہ ڪَندا ڏُٻِرا.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 17 ]
ڳِجُهنِ ويٺي ڳَرَھِئا، ڏَنجها ڏُکَ گَهڻا،
تَنگِي لَٿِيَنِ توڻِ جِي، سُورِھَہ ساماڻا،
ڪَندا راماڻا، ڪَونئُرَ ڪِلي جا ڪوڏِئا.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 2 ]
تَنگِي لَٿِيَنِ توڻِ جِي، سُورِھَہ ساماڻا،
ڪَندا راماڻا، ڪَونئُرَ ڪِلي جا ڪوڏِئا.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 2 ]
ڏِنا جِيئَڻَ لاءِ جيڏِيُون، ڏيرَنِ مُون کي ڏُکَ،
ڀَڳِيَسِ جان ڀَنڀورَ کان، سُورَ مِڙيئِي سُکَ،
لَٿِي مُون تان لُکَ، پُنهون ٿِيَسِ پاڻِهين.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 3 ]
ڀَڳِيَسِ جان ڀَنڀورَ کان، سُورَ مِڙيئِي سُکَ،
لَٿِي مُون تان لُکَ، پُنهون ٿِيَسِ پاڻِهين.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 3 ]
ڏُکَنِ پُٺِيان سُکَ، سِگها ٿِيندَءِ سَسُئِي،
پيرُ مَ ڇَڏِجِ پِرينءَ جو، توڻي لَڪِيُنِ لَکَ،
ڏورِجِ پاسي ڏُکَ، تَہ پَئي ٻاجَهہ ٻَروچَ کي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 10 ]
پيرُ مَ ڇَڏِجِ پِرينءَ جو، توڻي لَڪِيُنِ لَکَ،
ڏورِجِ پاسي ڏُکَ، تَہ پَئي ٻاجَهہ ٻَروچَ کي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 10 ]
موٽِي ٻَڌُ ٻِھارَ، سُورائِتِي سَندِرو،
ڇَپَرُ تُھان ڌارَ، ڪانَہ ڏورِيندِي ڏُکَ سين.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 4 ]
ڇَپَرُ تُھان ڌارَ، ڪانَہ ڏورِيندِي ڏُکَ سين.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 4 ]
پَلَڪُ نَہ رَھي دِلِ تو ري، وَرُ مِيان صاحِبَ خانَ بلوچا،
اُٺَ چارِيندِيَسِ اُنِ جا، مَٿان سي ٽَڪَرَ ٽوري،
ڏُکَ لاھِيندِيَسِ ڏِيلَ جا، ساڻُ عَجِيبَنِ اوري،
ڪانگَ کِيندَمِ ڪيچَ جا، ماسُ چُنجُنِ سان چوري،
ڏِيندِيَسِ ماھُ مِرُنِ کي، مَٿان ڪُلَهنِ ڪوري،
آرِياڻِي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سارَ لَھَندُمِ سوري.
[ سُر آبڙي، وايون، 15 ]

پَنڌُ مِڙيوئِي پاڻَ تي، ويچارِيءَ وِڌو،
ڏِيلُ تَنھِن جو ڏُکَ سين، سَڀوئِي سِڌو،
ھُئَڙُسِ اَڳَ لِڌو، پوءِ ٿِي ڪَري پَنڌَڙا.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 27 ]