ڏُکَنِ جي سنڌي معنيٰ
سُورن، دَردن، عَذابن، ايذائن، پيڙائن، ڪَشٽن. رنجن، غمن، افسوسن، ارمانن، شوڪن، گوندرن، دُکن، اهنجن، مشڪلاتن، سوڙهن، تنگين، تڪليفن، سختين، اِفلاسن، آپدائن، مصيبتن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Pains, griefs, sorrows, sufferings, anguishes, miseries, wretchedness, wounds, sickness, agonies.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
ڏُکَنِ جا بيتن ۾ حوالا
لاھِيندا ئِي ڪَنِ، ڳالِهيُون ھَلَڻَ سَندِيُون،
ڏِيندا مُون ڏُکَنِ، وَھِ وِجَهندا جِندَڙو.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 2 ]
ڏِيندا مُون ڏُکَنِ، وَھِ وِجَهندا جِندَڙو.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 2 ]
ڏُکَنِ پُٺِيان سُکَ، سِگها ٿِيندَءِ سَسُئِي،
پيرُ مَ ڇَڏِجِ پِرينءَ جو، توڻي لَڪِيُنِ لَکَ،
ڏورِجِ پاسي ڏُکَ، تَہ پَئي ٻاجَهہ ٻَروچَ کي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 10 ]
پيرُ مَ ڇَڏِجِ پِرينءَ جو، توڻي لَڪِيُنِ لَکَ،
ڏورِجِ پاسي ڏُکَ، تَہ پَئي ٻاجَهہ ٻَروچَ کي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 10 ]
ڏاجَنِ تي ڏاجا، ڏُکِيءَ جي ڏُکَنِ جا،
لَڳِيَسِ نائُڪَ نِينھَن جِي، ڪُڙِھ اَندَرِ ڪا جَا،
ٿَرَنِ مَنجِهہ ٿاجا، ڪَري مُنڌَ مِروئَنِ سين.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 5 ]
لَڳِيَسِ نائُڪَ نِينھَن جِي، ڪُڙِھ اَندَرِ ڪا جَا،
ٿَرَنِ مَنجِهہ ٿاجا، ڪَري مُنڌَ مِروئَنِ سين.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 5 ]
ڏاگهَنِ ڏيرَنِ ڏُونگَرنِ، ڏُکَنِ آئُون ڏَڌِي،
پُڇان پيرُ پُنهونءَ جو، وِجهان وِکَ وَڌِي،
لِکِئي آئُون لَڌِي، نَہ تَہ پَٽَنِ ڪيرَ پَنڌَ ڪَري.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 5 ]
پُڇان پيرُ پُنهونءَ جو، وِجهان وِکَ وَڌِي،
لِکِئي آئُون لَڌِي، نَہ تَہ پَٽَنِ ڪيرَ پَنڌَ ڪَري.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 5 ]
ريءَ قَرِيبَنِ قُوتُ ڪِئو، وِرِھَ چَران ويٺِي،
ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٿِي ڏُکَنِ سين ڏيٺِي،
تو پُڄاڻا سُپِرِين آئُون سُورَنِ سانڀيٽِي،
جا مَرضَنِ مَروٽِي، سا سَرَتِيُون ڪِيئَن سَگهِي ٿِئي.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 2 ]
ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٿِي ڏُکَنِ سين ڏيٺِي،
تو پُڄاڻا سُپِرِين آئُون سُورَنِ سانڀيٽِي،
جا مَرضَنِ مَروٽِي، سا سَرَتِيُون ڪِيئَن سَگهِي ٿِئي.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 2 ]
ڀَنڀورَ جَنِ سُکَنِ، مُون کي ساٿان کارِئو،
ھاڻي ساڻُ ڏُکَنِ، تان ڪِي ڏُونگَرَ ڏورِئان.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 6 ]

ھُيَسِ جَي آئُون، ٻانِهي ٻاروچَنِ جِي،
ھُوندَ نَہ ڇَڏِيائُون، ڏُکِيءَ کي ڏُکَنِ ۾.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 10 ]
ھُوندَ نَہ ڇَڏِيائُون، ڏُکِيءَ کي ڏُکَنِ ۾.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 10 ]
سُورَنِ سانڍِيياسِ، ڏُکَنِ نِپاياسِ،
سُکَنِ جي سَيِّدُ چئَي، پُکي نَہ پيياسِ،
جيڪُسِ آئُون ھُياسِ، گُرِي گُوندَرَ وَلِ جِي.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 4 ]
سُکَنِ جي سَيِّدُ چئَي، پُکي نَہ پيياسِ،
جيڪُسِ آئُون ھُياسِ، گُرِي گُوندَرَ وَلِ جِي.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 4 ]
ڏُکَ سُکَنِ جِي سُونھَن، گهورِيا سُکَ ڏُکَنِ ري،
جَنِي جِيءَ وِرُونھَن، سَڄَڻُ آيو مان ڳَري.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 13 ]
جَنِي جِيءَ وِرُونھَن، سَڄَڻُ آيو مان ڳَري.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 13 ]
English Meaning
Pains, griefs, sorrows, sufferings, anguishes, miseries, wretchedness, wounds, sickness, agonies.