سِکِي جي سنڌي معنيٰ
پرايائين، حاصل ڪيائين، سمجهيائين، خبر لڌائين. ڄاتائين، ٻُجهيائين، پَروڙيائين. هٿ ڪيائين. معلوم ڪيائين.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Learnt, have got, understood.
سِکِي جا بيتن ۾ حوالا
جوڳِيَنِ جوڳُ جُڳاءِ، جوڳُ پُڻ سُونھين جوڳِيين،
جوڳِيان سَندِيءَ جانِ ۾، ڳُجُهہ ڳُجهاندَرُ آھِ،
ھاءِ مُونھِين کي واءِ، جَا آئُون جوڳُ نَہ سِکِي.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 7 ]
جوڳِيان سَندِيءَ جانِ ۾، ڳُجُهہ ڳُجهاندَرُ آھِ،
ھاءِ مُونھِين کي واءِ، جَا آئُون جوڳُ نَہ سِکِي.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 7 ]
جَي سَنُهو نَہ سِکِي، تَہ مَرُ رَنڍا ئِي روڙي،
سُٽُ اُنِهيءَ جو سَيِّدُ چئَي، وِئا تَرازِيءَ توري،
ٿُلِهي ۽ ٿوري، ويچارِيءَ سين وَڙُ ٿِئو.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 20 ]
سُٽُ اُنِهيءَ جو سَيِّدُ چئَي، وِئا تَرازِيءَ توري،
ٿُلِهي ۽ ٿوري، ويچارِيءَ سين وَڙُ ٿِئو.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 20 ]
مُنڌَ نَہ مَنجهان تَنِ، پَسِي لَڪُ لُڏَنِ جي،
جَا پَرِ کاھوڙِيَنِ، سا پَرِ سِکِي سَسُئِي.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 15 ]
جَا پَرِ کاھوڙِيَنِ، سا پَرِ سِکِي سَسُئِي.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 15 ]
English Meaning
Learnt, have got, understood.