سِکُ جي سنڌي معنيٰ
پروڙِ، تعليم حاصل ڪر، سمجهہ، علم حاصل ڪر، ڄاڻِ، خبر رک، معلوم ڪر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To know, train, gain, learn
سِکُ جا بيتن ۾ حوالا
جيڪي سِڪَڻُ سِکُ، نان تَہ پَسُ سِڪَندِيُون،
پاسي تَنِ مَ لِڪُ نِينھُن نَہ سُڃاڻَنِ جي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 12 ]
پاسي تَنِ مَ لِڪُ نِينھُن نَہ سُڃاڻَنِ جي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 12 ]
کان ڌَرَتِيءَ سِکُ، خاصَ نُکتو کانڌِ جو،
کُوھاڻا کُوھَ کَڻِي، ماسُ ڪَپِينِسِ مِکُ،
تابُ نَہ آڻي تِکُ، نارُ آڻي نُورَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 16 ]
کُوھاڻا کُوھَ کَڻِي، ماسُ ڪَپِينِسِ مِکُ،
تابُ نَہ آڻي تِکُ، نارُ آڻي نُورَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 16 ]
سارِي سِکُ سَبَقُ، شَرِيعَتَ سَندو سُهڻِي،
طَرِيقَتان تِکو وَھي، حَقِيقَتَ جو حَقُ،
مَعرِفَتَ مَرَڪُ، اَصلِ عاشِقَنِ جِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 13 ]
طَرِيقَتان تِکو وَھي، حَقِيقَتَ جو حَقُ،
مَعرِفَتَ مَرَڪُ، اَصلِ عاشِقَنِ جِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 13 ]
نِھائِينءَ کان نِينھُن، سِکُ مُنھِنجا سُپِرِين،
سَڙي سارو ڏِينھُن، ٻَھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 11 ]
سَڙي سارو ڏِينھُن، ٻَھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 11 ]
سِڪَ سِڪائي سِکُ، سِڪَ نَہ آھي سُٿِرِي،
لِڪَ لِڪوٽِيءَ لِڪُ، تَہ خَبَرَ ٿِئي نَہ کَرَنِ کي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 2 ]
لِڪَ لِڪوٽِيءَ لِڪُ، تَہ خَبَرَ ٿِئي نَہ کَرَنِ کي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 2 ]
تاڙَ ڇَڏي ڄاڻَ سِکُ، مِتِيُون سَڀَ مُنجهاءِ،
پھرِين پاڻُ ڦِٽو ڪَري، پِرِين پوءِ پُڇاءِ،
وَحدَتَ ساڻُ وِڃاءِ، ڪَثافَتَ ڪَثرَتَ جِي.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 12 ]
پھرِين پاڻُ ڦِٽو ڪَري، پِرِين پوءِ پُڇاءِ،
وَحدَتَ ساڻُ وِڃاءِ، ڪَثافَتَ ڪَثرَتَ جِي.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 12 ]
ڪوٺَڻُ قَرِيبَنِ جو، عَينُ تَڙَڻُ آھِ،
اِيءَ اُلِٽِي ڳالِهڙِي، سِکُ وَرَندي ساھِ،
آسَرَ ھَڏِ مَ لاھِ، ڇِنَڻُ ڳَنڍَڻُ اُنِ جو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 18 ]
اِيءَ اُلِٽِي ڳالِهڙِي، سِکُ وَرَندي ساھِ،
آسَرَ ھَڏِ مَ لاھِ، ڇِنَڻُ ڳَنڍَڻُ اُنِ جو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 18 ]
جَي ڀانيَين پِرِينءَ مِڙانَ، سِکُ چوَران ڪِي ڏاتِ،
جاڳَڻُ جَشَنُ جَنِ کي، سِڪَڻُ سَڄَيائِي راتِ،
اُجهِي ٻُجِهي آيا، وائِي ڪَنِ نَہ واتِ،
سَلي سُورِيءَ چاڙِھِئا، بَيانُ ڪَنِ نَہ باتِ،
توڻي ڪُسَنِ ڪاتِ، تَہ ساڳِي سَلَنِ ڪِينَ ڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 23 ]