ساڻيھَ بابت
معنيٰ
مادري وٿاڻ، اباڻو ڏيھ، پنھنجو ديس، وطن، پنھنجو ملڪ، جنم ڀونءِ، جنم ڀومي.
One’s native land, mother country, beloved native place.
بيتن ۽ وائين ۾
- جَتَنُ ڪِجِ جَتَنِ جو، آيا ڪِ اِيندا، پُنهون تُنھِنجو پاڻَ سين، وَٺِي سي ويندا، دَمُ نَہ دَمِيندا، سِڌارِيندا ساڻيھَ ڏي.[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- ھِئان ٿي ھَلَندِياسِ، سَرَتِيُون ساڻيھَ سامُهِين، سونَ ڪَڙولا سَنگهَروُن، ڏُونگَرَ کي ڏِيندِياسِ، آيلِ ٻاروچَنِ سين، ڪيسَرِيا ڪَندِياسِ، مِليَسِ تَہ مِلياسِ،…[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- اَڄُ نَہ مَنُ قَرارُ، ڏِٺُمِ سَونچو ساٿَ ۾، نَھِي ويٺا بارُ، مَٿي ساڻيھَ سُپِرِين.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- ڏُورِ وَڃِئو ڏِينھَن لائي، ڪا مُنھِنجي سوڍي سَمجهائي، جيڏِيُون راڻي کي رَحمُ پَئي، ڇَنا مَنَھَن ماڙِيُون اوڏاھِين اَڏائي، ميڙِ مُنجان…[ سُر راڻو - وايون ]
- آءُ ڪانگا وَڻِ ويھُ، سُڌِيُون ڏي ساڻيھَ جُون، چَڱا ڀَلا مُون پِرِين، ڪِ سُکِ وَسي ساڻيھُ، پِرِيَنِ لَيءِ پَرَڏيھُ، مُون…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- آءُ ڪانگا ٻَھُ ڪولِ، سُڌِيُو ڏي ساڻيھَ جُون، جي آندَئِي عَجِيبَنِ جا، سي خَطَ خُوشِيءَ مان کولِ، آئُون سُڻان تُون…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- پَھِي سُکَ پيرين کيھَ، ڪو نِينھَن نِياپو مارُوئين، اَتِ اُڪَنڊِي آھِيان، تَنِ ڏيھَ، سَندِي جا ساڻيھَ، کِھَ کَٿُورِي ڀانيان.[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- سُڻِي ساڻيھَ ڳالِهڙِي، لَھِي وِئا لوھَ، اَندَرَ جا اَندوھَ، لَٿا ڏُکَ سُکَ ٿِئا.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- سُڻِي ساڻيھَ ڳالِهڙِي، وِھسي ويڙھِيچِي، سَڀَ سُڌِ پيَمِ سُومَرا، ھِتي ھُتي جِي، ڀينَرُ ۽ ڀيچِي، سُوايا سارِينِ مُون.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- سَرَتِيُنِ سَختُ چَوايو، سِيلُ جَنِي جو سَچُ، سَتِي تُنھِنجي سَتَ ۾، ڳالِهہ گُهرِجي ڳَچُ، سارِئو سانبِيَڙَنِ کي، پَر ۾ ويٺِي…[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- ٿَرِ جَي ٿوڪَ ٿِيَنِ، سي جَي پَسِين سُومَرا، ھِڪُ مَوتُ ٻِئو ڦوڙائو، ٽِئو ساڻيھَ کي سِڪَنِ، تُون ڪِيئَن مَٿان تَنِ،…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- واجهائي وَطَنَ کي، ساري ساھُ ڏِيان، سِڙي ساڻيھَ سامُهين، مُنھِنجِي نيجِ مِيان، مُقامِياڻِي مارُوئين، وَڃِي ٿَرِ ٿِيان، مُيائِي جِيئان، جَي…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- چَشا چائُرَ چُورِما، قِيمو قَليو اَنُ، جيڪِي آڇي سُومَرو، سو مُورِ نَہ باسي مَنُ، پوئِينءَ راتِ پِڙِ پَئي، جَي مُون…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، کائُرِ ۾ خُوشِحالَ، سائُون سيارَڇُ مَکِڻِي، جيڏِيُون آڻِينِ جالَ، اُتان اوٺِي آيو، ڪَھِي مُون وَٽِ ڪالَهہ،…[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، ساڻيھَ مَنجِهہ سُڌِيرَ، ھِنَ کي لوھَ لَطِيفُ چئَي، ڪوٺِيَنِ اَندَرِ ڪِيرَ، مِھا مَنجِهہ مَلِيرَ، مِينھَن وَسَندا…[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- چُرَنِ چُڻِڪَن چِتَ ۾، گهارِينِ مَٿي گَهٽَ، کِھَ مانڌانُون مَکِڻِي، ڍوئِينِ پاسي ڍَٽَ، پَنوَهارَ ڪي پَکَڙين، وَڃِي ڪَرِيان وَٽَ، ساڻيھَ…[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- چُرَنِ چُڻِڪَن چِتَ ۾، هُرَنِ مَنجِهہ هِينيين، لُطِفُ ٿِئو لَطِيفُ چئَي، مِھرَ ڪِي مِيين، ڏُکِيءَ کي ڏيِين، سَراهِيُون ساڻيھَ جُون.[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- چُرَنِ چُڻِڪَن چِتَ ۾، رَهِئا اَندَرِ رُوحَ، اُٺي وِئَڙا اُڪِرِي، مارُو مَٿي مُوهَ، ويرُون وِلوڙَنِ سَندِيُون، سارِئان گهَڻو صُبوحَ، وَرُ…[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- اَڇو ڪوٽُ عُمَرَ جو، ڏِسئو ٿِي ڏَران، اَٿِمِ سِڪَ ساڻيھَ جِي، وَطَنِ شالَ وَران، جَي آئُون هِتِ مَران، تَہ نِجاھُ…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- مارُو مِٽَ مَلِيرَ جا، آيا ڪِي ايندا، بَندِياڻِي بَندَ مان، نِماڻِي نِيندا، ڏُکِيءَ کي ڏِيندا، سَراهِيُون ساڻيھَ جُون.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- مارُو مِٽَ مَلِيرَ جا، رَهِئا راڄَ رَهِي، مُنھِنجا سيڻَ سَيِّدُ چئَي، ساڻيھَ مَنجِهہ صَحِي، وَنِيُنِ راتِ وَهِي، مُون تان بَندُ…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ جو، سَدا اَٿِم سُورُ، سِنجن ساٺِيڪَنِ تي، مَٿي تَڙَن تُورُ، سَندو ساڻيھَ سُورُ، سو مُون آهي سُومَرا.[ سُر مارئي - سيئي سارئان سومرا ]
- توڙي تُوتَ پَچَنِ، کَنجُورِيُون لامُون ڪَري، ساءِ نَہ تَنھِن اَچَنِ، سَڱَرُ جو ساڻيھَ جو.[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- آهِينِ اَسان جي ڏيھَ ۾، کيرِيُون کَٻَڙِيُون، مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، ميڙِينِ مَکِڻِيُون، عُمَرَ اَکڙِيُون، سِڪَنِ ٿِيُون ساڻيھَ کي.[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- جَي هُوندَ هِتي هُئِي مارُئِي، تَہ لَڌيَمِ ڪَرَ ڪيڻاسِ، اَرادا سِئُمِ عُمَرَ کي، ويجهو ٿِي وَٽانسِ، جَي نَہ ڇَڏِيائِين ڪِ…[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- وَسِي وِڄَڙِيُنِ، مُون کي عُمَرَ اُداسِي ڪِئو، وُٺا مِينھَن وَسُون ٿِيُون، ساڻيھَ ۾ سُڄَنِ، کِنوِي کِنوَڻِيَنِ، ٻَڌا موڙَ مَلِيرَ کي.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، قُل جَنِي جو قُوتُ، فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، اِيءُ ساڻيھَ ۾ ثابُوتُ، لَنگِهئو جَنِ لاهُوتُ، تَنِ پَکا پائُرِ…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبَحَ سيڻَ سَدا، اوٺِي اَباڻَنِ جا، اللهَ ڪي اِيندا، مُون کي خَبَرَ خَيرَ جِي، سَندِي ڏيھَ ڏِيندا،…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- فاتِحَه بَقَرَة سُومَرا، وَطَنُ ويڙِهيچَنِ، نَحل حِجرِ بَنِي اسِرائِيل، اِي پَنڌُ پَنوَهارَنِ، سَجدَہ اَحزابِ سَبا، مَنجِهين رُوم رَهَنِ، نيئِي اَڏِئا…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- اَڄُ پُڻ آندِيُون اوٺِيين، ڪِتابَتُون ڪي، ڳالِهيُون ڳوٺايَنِ جُون، سُڻُ تُون عُمَرَ سي، نٓ وَ الْقَلَمِ وَ مَا یَسْطُرُوْنَ ،…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]