اُتَرَ بابت
معنيٰ
اُڀرندي سج ڏي منھن ڪرڻ سان کاٻي هٿ وارو طرف، شمال.
The north.
بيتن ۽ وائين ۾
- آڻي اُتَرَ واءِ، موکِيءَ مَٽَ اُپَٽِئا، مَتارا تَنھِن ساءِ، اَچَنِ سِرَ سَنباھِيو.[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- آڻي اُتَرَ ھيٺِ موکِيءَ مَٽَ اُپَٽِئا، مَتارا تَنھِن ميٺِ، اَچَنِ، سِرَ سَنباھِيو.[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- کُوھا ڪالَهہ کَڻِي، اُنِ وِڌا اُتَرَ آسِري، اللهَ! جُهري مَ اُنِ جي، اولي جِي اَڻي، وَڻِجارَنِ وَڻِي، وَکَرُ وِڌو ٻيڙِئين.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- آئِي اُتَرَ مُندَ، ھِينئين اُڊَڪو نَہ لَھي وَٽِينِ لاڄُو بَندَ، ٻِيهَرَ مَکِين ٻيڙِيُون.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- لَڳي اُتَرَ ھِيرَ، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِيا، نَنگَرَ کَڻِي ناکُئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ، ھِينئَڙي نِتُ اُڪِيرَ، کاري کيڙائُنِ جِي.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- اُتَرَ لَڳي اوھَرِئا، واھُوندي وَرَنِ، آئُون گهَڻو ئِي گهورِيان، سودو سامُونڊِيَنِ، اَڱَڻِ جَنِ اَچَنِ، عِيدَ وَرَتي اُنِ کي.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- سَرَ نِسَرِئا پاندَ، اُتَرَ لَڳا آءُ پِرِين، مُون تو ڪارَڻِ ڪانڌَ، سَھِسين سُکائُون ڪِيُون.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- وَڻِجاري ڪانڌا، مُون وَرُ ويٺي گَهارئو، لَڳي اُتَرَ واءُ، ڍولو ھَلَڻَ جُون ڪَرَي.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، اُنِ کي مُندَ اُتَرَ جِي، اوچِتِي آئِي، وَڻِجارَنِ وائِي، آھي پَرِيين پارَ جِي.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، اُتَرَ وَرِيُنِ واءُ، ٻارَھين ماھِ نَہ موٽِئا، سَمُنڊَ آيُنِ ساءُ، جيڪُسِ لَڪا کانءِ، اوڏاھِين آسودا ٿِئا.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، اُتَرَ واءُ وَرِيونِ، ٻارَھِين ماھِ نَہ موٽِئا، سَمُنڊَ ڪاڄُ سَرِئونِ، ٻَرِ ٻَرِسُورُ سَندونِ، اَڄُ ڪَنھِن سين اورِيان.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، وَرِيُنِ واءُ اُتَرَ، ٻارَھين ماھِ موٽِئا، وِئا پَروڪِيءَ پَرَ، سُڃا سامُونڊِيَنِ ري، بازارِيُون بَندَرَ، کَڻِيو سُورَ سَمَرَ،…[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- وِئا اَٿَمِ ھوتَ ھَڻِي، آئُون تَنھِن جَڙَ جَڏِي ڪِي، سامُونڊِيءَ جي سَڱَ جي، ھِنيَين حُبَ گهَڻِي، سِڙُه ڏيئِي سِيرَ ٿِئا،…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- اُٻُون ڪَڪَرَ ڪَنڍَرُون، اُتَرَ ڏي آھِينِ، جُھ آگَمَ ڪَري آيُون، تَہ مُندَ نَہ مَٽائِينِ، مَٿان لوڪَ لَطِيفُ چئَي، گُوندَرَ گَمائِين،…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ڪِئائِين، روضو پاڪَ رَسُولَ جو، رِيجِهي رانيائِين، آڻي ڏِنائِين، عالَمَ آبُ اَگُوندِرو.[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ٿو ڪَري، واحِدُ واٽَڙِيُنِ تي، خالِقُ کَنڊَ ڀَري، پيکارِئان پَري، شالَ مَ وَڃَنِ سُپِرِين.[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ٿو ڪَري، وَسِئو سي ڀَري، جي ڏَڙَھ ڏِينھَنِ کانيا.[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ڪَئِي چوٽِي، پِريان سَندي پارَ جي، کِوَڻِ نَہ کوٽِي، آءُ لالَڻَ موٽِي، گهوريا رُسَڻَ…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- ڪارا ڪَڪَرَ ڪيسَ، اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ڪَري لالَ لِبيسَ، پِرِين جي پَرَديسَ، مُون کي مِينھَن…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- ڀِرِي ڀِٽَ تي آيو، سارَنگُ سَھِجَ مَنجهان، کِڙِيُون کَٽَڻَھارَ جِيئَن، وِڄُون اُتَرَ واءِ، سَرَ ساوا سَبزَ ٿِئا، ڊامَڻَ ڊِٻَ ڪِئا،…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- مُون جُهڙُ ڏِٺو اُڀَ ۾، ڍولا لَڏَ مَ لاھِ، اَچَنِ آبُ اَڳي ڪِئو، وِڄُون اُتَرَ واءِ، ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پاءِ،…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- راڻا پَسان نَہ راڄَ ۾، مَٿي جَنِ مَڻِي، ڪوھُ ڄاڻان ڪيڻِ وِئا، ڌوراڙِنِ ڌَڻِي، اُتَرَ لَڳِئي اُنِ جا، ڇاڄا پِئا…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، ڪَنَ وَٽِيا ڪَنَ چِيرَ، سَدا وِھَنِ سامُھان، عاشِقَ اُتَرَ ھِيرَ، تَسِيا ڏيئِي تَنَ کي، ساڙِيائُون سَرِيرَ،…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- جِيئَن اُتَرِڙا اوتِينِ، تِيئَن سامِي گهَڻو سَنِرا، سانگو ڪَنِ نَہ ساھَ جو، اُتَرَ اوٽَ نَہ ڏِينِ، جِيئَن پارو پَوارا ڪَري،…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- پارو پَوارا ڪَري، لَڳي اُتَرَ مُٺِ، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، ڪَنِ جُسي سين جُٺِ، پَوَنِ ڏِينِ نَہ پُٺِ، مَڇُڻ پوئينِ وِتُ…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- مَڙِهيَنُون موڪَلَ، ڪالَهہ ڪَندا وِئا ڪاپَڙِي، بابُو ڪَنِ نَہ بِکِئا ، اِيءَ ويراڳِيَنِ وَلَ، ڪَڏِھِين اُتَرَ سامُھان، ڪَڏِھِين دُونھِيَنِ جَهلَ،…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- اُتَرَ ڏُونھِن آلاپَ، ڪالُهون ڪَرَ ڪُونجَ ڪَري، پِرِين پَسي ۾ خُوابَ، وِھاڻِيءَ وايُون ڪَري.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- اُتَرَ ڏِنِي اوتَ، نَہ مُون سَوَڙِ نَہ گَبِرو، چاريئِي چُنِيءَ پوتَ، ريڙِھِيندي راتِ گَئِي.[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- هَي ڀُنگا، هَي ڀيڻِيُون، اَباڻَنِ اُتَرَ جَهلَ، ڪي ڏِينھَن هِتي جيڏِيين، هُئِي ڇيلَنِ ساڻُ ڇَلَ، سي هَنڌَ پَسِئو سُومَرا، اَچي…[ سُر مارئي - ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا ]
- ھيٺِ جَرُ مَٿي مَڃَرُ، پاسي ۾ وَڻَراھِ، اَچي وَڃي وِچَ ۾، تَماچِيءَ جي ساءِ، لَڳي اُتَرَ واءِ، ڪِينجُهرُ ھِندورو ٿِئي.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]