اُتَرَ جي سنڌي معنيٰ
اُڀرندي سج ڏي منھن ڪرڻ سان کاٻي هٿ وارو طرف، شمال.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The north.
اُتَرَ جا بيتن ۾ حوالا
آڻي اُتَرَ واءِ، موکِيءَ مَٽَ اُپَٽِئا،
مَتارا تَنھِن ساءِ، اَچَنِ سِرَ سَنباھِيو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 15 ]
مَتارا تَنھِن ساءِ، اَچَنِ سِرَ سَنباھِيو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 15 ]
آڻي اُتَرَ ھيٺِ موکِيءَ مَٽَ اُپَٽِئا،
مَتارا تَنھِن ميٺِ، اَچَنِ، سِرَ سَنباھِيو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 16 ]
مَتارا تَنھِن ميٺِ، اَچَنِ، سِرَ سَنباھِيو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 16 ]
کُوھا ڪالَهہ کَڻِي، اُنِ وِڌا اُتَرَ آسِري،
اللهَ! جُهري مَ اُنِ جي، اولي جِي اَڻي،
وَڻِجارَنِ وَڻِي، وَکَرُ وِڌو ٻيڙِئين.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 1 ]
اللهَ! جُهري مَ اُنِ جي، اولي جِي اَڻي،
وَڻِجارَنِ وَڻِي، وَکَرُ وِڌو ٻيڙِئين.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 1 ]
آئِي اُتَرَ مُندَ، ھِينئين اُڊَڪو نَہ لَھي
وَٽِينِ لاڄُو بَندَ، ٻِيهَرَ مَکِين ٻيڙِيُون.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 3 ]
وَٽِينِ لاڄُو بَندَ، ٻِيهَرَ مَکِين ٻيڙِيُون.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 3 ]
لَڳي اُتَرَ ھِيرَ، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِيا،
نَنگَرَ کَڻِي ناکُئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ،
ھِينئَڙي نِتُ اُڪِيرَ، کاري کيڙائُنِ جِي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 4 ]
نَنگَرَ کَڻِي ناکُئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ،
ھِينئَڙي نِتُ اُڪِيرَ، کاري کيڙائُنِ جِي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 4 ]
اُتَرَ لَڳي اوھَرِئا، واھُوندي وَرَنِ،
آئُون گهَڻو ئِي گهورِيان، سودو سامُونڊِيَنِ،
اَڱَڻِ جَنِ اَچَنِ، عِيدَ وَرَتي اُنِ کي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 5 ]
آئُون گهَڻو ئِي گهورِيان، سودو سامُونڊِيَنِ،
اَڱَڻِ جَنِ اَچَنِ، عِيدَ وَرَتي اُنِ کي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 5 ]
سَرَ نِسَرِئا پاندَ، اُتَرَ لَڳا آءُ پِرِين،
مُون تو ڪارَڻِ ڪانڌَ، سَھِسين سُکائُون ڪِيُون.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 11 ]
مُون تو ڪارَڻِ ڪانڌَ، سَھِسين سُکائُون ڪِيُون.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 11 ]
وَڻِجاري ڪانڌا، مُون وَرُ ويٺي گَهارئو،
لَڳي اُتَرَ واءُ، ڍولو ھَلَڻَ جُون ڪَرَي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 17 ]
لَڳي اُتَرَ واءُ، ڍولو ھَلَڻَ جُون ڪَرَي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 17 ]
ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا،
اُنِ کي مُندَ اُتَرَ جِي، اوچِتِي آئِي،
وَڻِجارَنِ وائِي، آھي پَرِيين پارَ جِي.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 4 ]
اُنِ کي مُندَ اُتَرَ جِي، اوچِتِي آئِي،
وَڻِجارَنِ وائِي، آھي پَرِيين پارَ جِي.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 4 ]
سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، اُتَرَ وَرِيُنِ واءُ،
ٻارَھين ماھِ نَہ موٽِئا، سَمُنڊَ آيُنِ ساءُ،
جيڪُسِ لَڪا کانءِ، اوڏاھِين آسودا ٿِئا.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 13 ]
ٻارَھين ماھِ نَہ موٽِئا، سَمُنڊَ آيُنِ ساءُ،
جيڪُسِ لَڪا کانءِ، اوڏاھِين آسودا ٿِئا.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 13 ]
English Meaning
The north.