ڪَھِي بابت
معنيٰ
. ڏکيو سفر ڪري، تڪليف ۽ محنت سان ڊگهو پنڌ پورو ڪندي.
To labor along, toil, journey.
بيتن ۽ وائين ۾
- اورِيائِينِ آڻِينِ، ميڙِئو مُعلِمَ خَبَرُون، سا سُڌِ ڪَھِين نَہ ڏِينِ، جِتي وَھُ ويڌَ ڪَري.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- ڪيرُ چُوندو ڪو نَہ چُوندو، تَہ ڪو آھِين اَسانجو، پِرِين پَرَتين رَبَ کي، ڪَرَ سَفَرَ جو سَعيو، جانِي ھِنَ جَھانَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- لَنڪا لَنڪا ڪَنِ، لاءِ لَنڪا جٖي اُھَرِئا، پَسِي سونُ لَنڪا جو، سُکُ نَہ سامُونڊِيَنِ، پِرھَ پَڳَھَ ڇوڙِيا، کاري کيڙائُنِ، آئُون…[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- وِئو ڪانگُ ڪَھِي واڌايُون وِصالَ جُون، اِجهي سَڄَڻَ آيا، ڏاڍي ٺاھِ ٺَھِي، وِپَتَ سَڀَ وَئِي، سيڻَ سَلامَتَ آيا.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- اُونِهي ۾ اوھَرِي، ڪَھِي ڪَچي ساڻُ، سُپَڪَ جو سَيِّدُ چئَي، پُڇي نَہ پَرياڻُ، عِشقَ وارِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سَڌَ نَہ کَڻَنِ…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- گَنگُو جِئان گوڙِ ٿِي، ڪَھِيو ڪاھُوجِيءَ ڏانھَن، وَسِئو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، چُرِي ڀَريائَيِن چاھَ، ڏيئِي پَٽَنِ پاھَ، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- ڏِٺو ڪالَهہ ڪَھِين، جُهونجارَڪو جَهڳڙو، ھاٿِينِ ھَڏَ مُڇائِيا، ريلو رَتَ نَئين، ڀائِينِ سا سَنئِين، جِئان جِيءَ جوکو ٿئي.[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- پِرھَ پَکِي آيو، ڪَربَلان ڪَھِي، روضي پاسِ رَسُولَ جي، تَنھِن ھَلِي ھاڪَ ھَنئي، ڏِٺِيَمِ رُڪَ رَئِي، چَڙُھ مِيرَ مُحَّمَدَ عَرَبِي.[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- اُجهي مُنڌَ اَويرَ، اَٺَئِي پَھَرَ آٽَ ۾، وِيَسِ ويرِيَپو ڪَري، ڏُونگَرَ ڇَڏي ڏيرَ، لَڙِئي سِجِ لَطِيفُ چئَي، پَٻِ نِھاري، پيرَ،…[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- ھَمسُون ساٿُ گِيا ھي، ھَمسُون سَيلُ گِيا ھي، ھَمسُون يارُ گِيا ھي، جو ڪُجُهہ ڪَرِنا ڪَرِ رَھِيا ھي، ڪَھِي ڪَھِيو…[ سُر آبڙي - وايون ]
- سَڀَ نَنگِيُون ٿِي نِڪِرو، پَرَھَڻَ ڇَڏي پوءِ، سا مَھِندِ مِڙَنِئان ھوءِ، ڪَھِي جا ڪِينَ کَڻِي.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- ڪَھِي جا ڪِينَ کَڻِي، پِرِينءَ پَھتِي سا، وِھي ويڙِھِجِي جا، وَصُلُ تَنھِن وِڃايو.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، رَئِي پَسِئو ٿِي روءِ، وِچان جو وِچُ پوءِ، سو ڪَنھِن پَرِ ڪَھِي لاھِيان.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- وِھُ مَ واٽَ وِرِچِي، ھو اَلا مِيان جي ڪَھَندِينءَ تي لَھَندِينءَ وو، پيرَ پَٽائِين ڪُونئَرا، رائِي ڪِيَسِ رَچِي، مُنھُن ڪَرِ…[ سُر معذوري - وايون ]
- اللهَ اَچَنِ اُوءِ، جَنِ آئي مَنُ سَرَھو ٿِئي، پَسان مانَ پَرِ ڪَھِين، تَنِ جَتَنِ سَندِي جُوءِ، لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي،…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- ڪيچِي ڪالَهہ ڪَھِي وِئا، اَدِيُون آڌِيءَ راتِ، جاڳان تان جيڪِي ٿِئو، وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ، ڦوڙائو فَقِيرِ کي، ڏِنو جَتَنِ سَندِيءَ ذاتِ،…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- آيا اوٺِي اُٻَھَرا، ليڙَن تان لَهِي، اُنِ راتِ ڪَمُ رَوان ڪِئو، روھِيلَن رَھِي، ساھُ ئِي ڪَمُ رَوان ڪِئو، روھِيلَن رَھِي،…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- ويندِيَسِ ڪيچِ ڪَھِي، سيڻَنِ ساڻُ صَحِي، ڀينَرُ آئُون جِيئَندِيَسِ تان نَہ جَتَنِ ري، وِھان ڪِيئَن ماٺِ ڪَري، ھيڏو سُورُ سَھِي،…[ سُر ديسي - وايون ]
- ڪِھَڙي آندين سانگَ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾، اوٺِيَنِ اُٺَ پَلاڻِئا، تاڻي ٻَڌائُون تانگَ، جِيءَ جَڙَھُيَمِ جَنِ سين، سي پِرِين ٿِئا پاَسانگَ،…[ سُر ديسي - وايون ]
- ڳائِي نَہ وائِي، اَدِيُون آرِيچَنِ جِي، ڪَنھِن پَرِ ڪَھِي لَنگهِيان، جَبَلُ جاجهائي، جيڪُسِ واجهائِي، ھاڻِ مَرَندِي ھوتَ لَيءِ.[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- سُپيرِيان جي سُورَ جي، ڪَنھِن کي دُڪِي دُکَ، ڏُکِيءَ وَٽان ڏُکَ، وَڃَنِ نَہ ويرَ ڪَھِين.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- ڪاتِيءَ تان نَہ ڪَھِين، مَنُ وِجُهلَڻَ وَڍِئو، مَارِيَسِ سُورَ تَھِين، جو نَہ جِياري جيڏِيُون.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- جانۡ تُون وَڃين ڪيچِ ڪَھِي اي اَدا، ڏِجِ پارانڀو پِرِينءَ کي، مُون مُٺِيءَ مَٿان ڪيتِرا، وِئَڙا ڪانگَ لَنِئي، آئُون ڦوڙائِي…[ سُر حسيني - وايون ]
- مُون نَہ پَروڙِئو ماءُ تان ڪا ھيڏِي ھوتَ ڪَندا، ٻاروچا ڪوھِيارا، اَنگهُنِ چاڙِھي اَنگُڙاَ، ڪَھِي ڪيچِ وِئا، سُڌِ نَہ اُنِ…[ سُر حسيني - وايون ]
- تُنبيرو نَہ تُون، ذاتِ جو راڻو آھيين، ڪالَهُون ڪَرَ ڪَھِيو وَڃين، ڳَڙَه پاسي ڳاھُون، اِيءَ مامَ پَرُوڙِي مُون، تَہ مارِي…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- تَندُ تُمارِيءَ تانُ، جو ڪَھِيو سو قَبُولُ ٿِئو، سِرُ تَہ آھي سَٽِ ۾، ٻِئو ڪو مَڱِجِ دانُ، اِيءُ خاڪِ مِٽِي…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- ڪوڪَھِين جو، جَي ڪُتو ڪوٺائي، وَڙو جَي بي وَڙو، اُنَهنِ جو آھي، لائِقُ لوڌَ آھي، پَرَ لوڌِينِسِ نَہ لوڌِ مان.[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- واڄَٽَ ويراڳِيَنِ جا، مُون وَٽِ وَڏِي وَٿُ، سونُ سَڀوئِي سِڱيُون، پَسِي ڪِينَ مَ ڪَٿُ، ويساھي ويلَ ڪَھِين، پُورَڀِ ويندو پَٿُ،…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، ٻانھُنِ وِجهان واتَ، جٖي ڪَھِيا ڏُونھِن قَلاتَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ھاءِ مُنھِنجي حالَ، ھُوءِ جٖي ڪَھِيا ڪالَهہ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- مَيِتُ موٽِي آيو، ڪَھِي ڪانڌِيَنِ لاءِ، سو ڪانڌِيين سُونھاءِ، جوڳِي جو جَنَبَ جو.[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- ڪِي جو زاغَ زَبانَ سين، لَنيو مَٿي لامَ، پھچايائِين پِرِينءَ جا، سَرَتِيُون راتِ سَلامَ، ڪاڪِيُون ڪَتي ڪامَ، تَہ ڪَھِيو سُڻِيان…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڏائو چَڙِهئو ڏارَ تي، زاغُ ڪَري زارِيُون، آڻِئو آتَڻَ وِچَ ۾، ڏي سَنِيھا سارِيُون، ماٺِ ڪَرِئو مارِيُون، تَہ ڪَھِيو سُڻِيان…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڏائي چَڙِهي ڏارَ تي، ڪِي جَو ڪانگَ ڪَھِيو، سُوريتيءَ سُورِ پَئِي، پَھو پَٽِ ھَنيو، کامِي اَرِٽُ کَنيو، ويچارِيءَ وِرُونھَن مان.[ سُر پورب - ڪانگ ]
- سائِين سَڱُ سَندومِ، مَ ڇِڄي سين سامِيين، ھَلَڻَ جو ھِنگلاجَ ڏي، آديسَينِ اُتومِ، نيئِي پُورَڀَ پارَ ڏي، ويراڳِيَنِ وِڌومِ، سوئِي…[ سُر پورب - وايون ]
- چَنيسَرَ سين چاءُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري، جو تو ڀورِي ڀانيو، اِيءُ رِيساڻو راءُ، پاڻَ ڌاران پَرياءُ، ڪانڌَ ڪَھِين جو…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ماڪَ ڀِڄايَنِ مولِهيا، مَٿان راتِ پَئِي، اُجَهڻَ لَڳِيُون اولِيُون، وِئَنِ وَنجَهہ وَھِي، ڪَلاچِيانَ ڪَھِي، ڪَڏِھِين ڪو نَہ آئِيو.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- ڪَھِيائين سين ڪُن، فَيَڪُونُ فِدا ڪَري، تَعظِيما تَمامُ ڪَري، پوءِ پَٿَيرِئائِين ڀُون، مارُو تِئائِين مُون، ڀينَرُ ڀاڱي آيو.[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، کائُرِ ۾ خُوشِحالَ، سائُون سيارَڇُ مَکِڻِي، جيڏِيُون آڻِينِ جالَ، اُتان اوٺِي آيو، ڪَھِي مُون وَٽِ ڪالَهہ،…[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]