ڪَلَ بابت
معنيٰ
سُڌَ، سَمَاءُ، خَبَرَ، ڏَسُ، پتو، معلومات، سَمَڪَ، پَرُوڙَ، ڄاڻ. رازُ، ڳُجهہ، ڀيدُ، اَنتُ، اندر جو حالُ. ٻاڦ وغيرہ تي هلندڙ اوزارُ، انجڻ، مشين، ڪم ڪرڻ جو اوزارُ، پرزو، سانچو، سَنجَٽُ، آلات. ٽل، ڦندو، ڄاڻ، حڪمت.
Knowledge, acquaintance. A machine, machinery.
بيتن ۽ وائين ۾
- ويڄَنِ ويٺيئي، دوسِتُ پيھِي دَرِ آيو، صِحَتَ جِي سَرِيرَ ۾، ڪَلَ ڪَرِين پيئِي، پِيڙَ پَري ويئِي، اَچَڻَ ساڻُ عَجِيبَ جي.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- عُقابِيلَ اَکِيُنِ ۾، تِيرَ تِکا تو کي، ساجَنَ اِنَهِيءَ سُورَ جِي، ڪَلَ نَہ آھي ڪَنھِن کي، مارِيين ٿو مُون کي،…[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- سيوِيو جَنِ سُبحانُ، وِيرِ نَہ وِڙِھي تَنِ سين، ڏيئِي تَوَڪَلَ تَڪِيو، آرِ لَنگهِئا آسانُ، توبَهَ جِي تَحصِيلَ سين، ترِي وِئا…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- کِوَڻِ ٿِي کِواءِ، تو آئِي نِنڊَ اَڀاڳَ کي، ھَڪَلَ ھِنيَين لاءِ، سُڄي جَا سَمُنڊَ جِي.[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، ھُنَ ڀَرِ ھُوءِ ھَڪَلَ، گهَڙو گهَڙيان اَڳِرو، وِجهي وِيرِ ٻَھَلَ، ھِنَ تَڙِ تارُو ڪيتِرا، ڪَنبايا ڪَرِڳَلَ،…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- ڀَرِيُون ڀَرِ دَرياھَ، پَسُ جي پارِ پَوَندِيُون، ٻَڌُ تَوَڪَلَ جو تُرَھو، آھَرَ ساڻُ اللهَ، جَنِ جِي ساھَڙَ ساڻُ صَلاحَ، سي…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- ڪَري ھَڪَلَ ھُوءِ، اُتَران ٿِي آيُون، ڀَري تَڙَ تَرايُون، جوڙي ھَلِيو جُوءِ، پَسو جا پَٽَنِ ۾، کَٿُورِيءَ خُوشِبُوءِ، وَڃِي رُوبَرُوءِ،…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- ڏيئِي ريجُ رائُڪَ کي، ڪِيائين لُوتِڙيءَ تي لَلَ، ڏَلهي ڇَڏِيائِين ڏَڙَه کي، پَئي ڀَريائِين پَلَ، آندِي آبَ اُڇَلَ، موڪَلَ ٿِي…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- اَکِئان ميگهُہ مَلارُ، صُورَتَ تيڏِيءَ سَڀَ جَڳُ موھِيا، سَجِدو فِيلَ فِي الحالِ ڪِئو، پَسِي مُطِلِبَ نُورُ نِراَڙَ، ڄاپَڻَ وَقتِ وَرِيامَ…[ سُر سارنگ - وايون ]
- سُلطانِي سُلطانُ، ڪَلَنگِيُون جَنِ ڪَپارَ ۾، ڪيڏو شَرَفُ قُرآنَ ۾، شاھَ تُنھِنجو شانُ، ڪوٺي ڪَربَلا ۾، مارِيائُون مِزمانُ، مُنھَن ڪاري…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- پَرٽِياڻِيءَ پَارَ، ڪِڍِيا ھوتَ پُنهونءَ لَئي، آھِ اَسان جِي مَيَنِ تي، موڪَلَ جِي مَيارَ، ٿِي وِرُونهي وَڻَنِ سين، جَهلِئو لامَ…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- ڏُونگَرَ ڏَسُ پِرِيَنِ جو، ڪافَ نَہ ڏِيين ڪَلَ، قَطارِئا ڪالَهہ وِئا، توڏا تَوِھِينِ جَهلَ، سُڻِي ھوتُ ھَڪَلَ، مَنَ ٻُڌِي ٻاروچو…[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- ڪَلَ نَہ پييَمِ ڪا تَہ ڪو ھوتُ وَٺِي ويندا، اَدا ڏيرا، ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڀانڀَڻِ ڪَري ٻيرا، پَسان شالَ اَکِيُنِ…[ سُر حسيني - وايون ]
- نِرتِي تَندُ نِيازَ سين، ٻُرائِي ٻِيجَلَ، راجا رَتولَنِ ۾، اونائِي اَمُلَ، رازُ ڪِئائِين راءَ سين، ڪَنھِن موچارِيءَ مَھَلَ، اَنَا اَحْمَدٌ…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- ڪَنِي ڪَنِي ماڻهين، پيئِي ڪَلَ ڪائِي، رَسِئا جي رَمزَ کي، تَنِ پارِسِي پائِي، اَلْاِنْسَانُ سِرِّی وَاَنَا سِرُّهٗ ، وَرَتِي اِيءَ…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- ڀَرِ ڀَنجُهوءِ ويھِي، ڪِھَڙِي ڪَندين ڳالِهڙِي، ڍَڪي ھَلَندَءِ ڌُوڙِ ۾، ڪَنڌِ ڪَلَرُ ڏيئِي، ڄاڃِي ماڃِي موٽِئا، وَرُ وَنِيءَ ڏيئِي، خَبَرَ…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- يارُ سَڏائي سَڀَڪو، جانِي زَبانِي، آھي آسانِي ڪَمَ پَئي ڪَلَ پَوي.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- مُنھنجِنِ مَدائِنِ جِي، ڪَلَ پِريان پيئِي، ڪَڏِھِين ڪوسا نَہ ٿِئا، ڏوراپو ڏيئِي، ساڄَنَ سَڀَيئِي، ڍَڪِيُمِ ڍولَ ڍِلائِيُون.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- اَڃا ڀيرو ھيڪِڙو، پَسِبِي مُومَلَ، وَٺِي ويندِي پاڻَ سين، ڏِيندِي نَہ موڪَلَ، ھِتِ وِيهُنِ ٿي وَڄايا، طَرحُنِ سين طَبَلَ، جِن…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- سوڍا صَبُرُ تُنھِنجي، ماڻُهو ڪِي مُومَلَ، ڪَپَرِ مَنجهان ڪَلَ، پييَمِ پِرِين تُنھِنجِي.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- تَحقِيقَ جِي ڀَرِي، مَٿي ريءَ کَڻيجِ، ٻانھُون ٻيئِي لاھي ڏيئِي، ڪُشتِي ڪَمائيجِ، سَنڌِنِئُون ساري ٽَنگُنِؤَن ٽاري، ڄَنگهُنِ ريءَ ڄُليجِ، جا…[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- مُونا طُورُ سِيناءَ ، سَندا سَناسِيَنِ، سَجِدَہ گاھَ سامِيين، گوڏا گودَڙِيَنِ، فَڪَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ أَوْ أَدْنَىٰ ، ٿا نانگا اِيئَن…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- جِتِ ھُئِي ڪانءَ ٻولِي ڪانَہ، اُتِ ھُئا آسَڻَ آڌوتين جا. وَڄائي واٽَ ٿِئا، ساجَ سِڱِيُون سامان، اوڏِيءَ مَهلَ حَوا کي،…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- آدَمُ ڪَلَ اللهَ جِي، آھي جَلِيلَ سَندِي جاءِ، ڪَعبو اُھوئِي آھِ، پُوڄِئو ڪوھُ نَہ پُوڄِيين.[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- تييُون توشو تِوڻِ نَہ ڪا، ڌُرِيائِينِ ڌارِينِ، ڏُکِئا سُکِئا ڏِينھَڙا، ٿا گهَٽَ اَندَرِ گهارِينِ، تَوَڪَلَ ٻَڌائُون تُرَھو، ٻِي وائِي نَہ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- ڪَلَپَتِي آيا ڙِي ماءَ، آئُون ھَلَندِي اُنِ سين، حِرصَ ھَوا جِيءَ جَنِ جا، سُکين تان نَہ سَڌايا، تَنِ تَڪِيا تاڪي…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- مَڙِهيَنُون موڪَلَ، ڪالَهہ ڪَندا وِئا ڪاپَڙِي، بابُو ڪَنِ نَہ بِکِئا ، اِيءَ ويراڳِيَنِ وَلَ، ڪَڏِھِين اُتَرَ سامُھان، ڪَڏِھِين دُونھِيَنِ جَهلَ،…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- جَو ڇَلِيُون پَسِي ڇَڪِئو، تَنھِن واکاڻِئو وِکَ، لُڏي ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، لَکَنِ اَڳِئان لِکَ، پيرُ نَہ موڙي پانھِنجو، تَنگِيءَ پيئِي…[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- جَکِرو جُسَ کَرو، ٻِئا مِڙيئِي مَلَ، سَمي جي سُھاڳَ جِي، ڪَنھِن نَہ پيئِي ڪَلَ، مِٽِي اِيءَ مُرسَلَ، اَصلِ ھُئِي ايتَرِي.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- ھُيَئِينءَ تَہ گهَڻو ھُوشِيارُ، ڪَلَ پِہ ھُيَئِي ڪانڌَ جِي، توڀانيو موچارِي ٿِيان، ڳِچِيءَ پائي ھارُ، ڪانڌَ ڪُوڙِيءَ جو نَہ وَڻي،…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- اَڏِئو اَڏِيندين ڪيتِرو، ڪَلَرَ کاڌِيِ ڀِتِ، تُون نَہ رَھَندين ھِتِ، ڪَھڳَلَ ڪَرِيين ڪَنِ کي.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- اَڌوکارو اَنَ سين، ڪِي ٿورو گاھُ ڏِينسِ، آڌِيءَ اِستِغفارَ جو، کَرڙو خاصُ ھَڻِينسِ، توبَهَ تَلُ ٿاھَرَ ٿَڙا، حَقِيقَتَ ھَنُو، تَوَڪَلَ…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- چُرَنِ چُڻڪَنِ چِتَ ۾، هُرَنِ مَنجِهہ هِنيان، ڪَڍُ بَندِياڻِي بَندَ مان، موڪَلَ ڏي مِيان، وَڃِي ڏيھِہ ڏِيان، کِيرُون کَٿيرِنِ کي.[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- وَرِئو وَرَقَ وِصالَ جو، موڪَلَ ٿِي مُون، لَحْمًا طَرِيًّا وَّتَسْتَخْرِجُوْنَ حِلْيَةً تَلْبَسُوْنَـهَا ، تَنَ ۾ تُونھِين تُون. مَنَ مَنجهان را…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- اَڄُ پُڻ آندِيُون اوٺِيين، ڪِتابَتُون ڪي، ڳالِهيُون ڳوٺايَنِ جُون، سُڻُ تُون عُمَرَ سي، نٓ وَ الْقَلَمِ وَ مَا یَسْطُرُوْنَ ،…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]